ٽيڪنولوجي جي اهميت ۽ مستقبل

'سائنس جي دنيا' فورم ۾ مظهر علي ڏوتيو طرفان آندل موضوعَ ‏1 فيبروري 2019۔

  1. مظهر علي ڏوتيو

    مظهر علي ڏوتيو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏9 جنوري 2016
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    پروفيسر
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو ۽ ڪراچي
    پهرين فيبروري 2019 جي روزاني جيجل ۾ منهنجو آرٽيڪل ٽيڪنولوجي جي اهميت ۽ مستقبل تي ڇپيو آهي. منهنجي نظر ۾ هي اهم آرٽيڪل آهي ڇاڪاڻ ته جيسيتائين اسان سائنس ۽ ٽيڪنولوجي کي نه سمجهنداسين تيسيتائين ترقي نه ڪري سگهنداسين.
    اوهان هي آرٽيڪل ضرور پڙهجو ۽ پنهنجي راءِ ڏيندا
    http://dailyjeejal.com/e-paper/2019-2-01/news/page4/1 (6).htm

    مختلف دورن ۾ ترقي ۽ تبديلي جا مختلف سبب رهيا آهن. دنيا ۾ ترقي ۽ تبديلي جو هڪ اهم ڪارڻ ٽيڪنولوجي به رهي آهي. اها ٽيڪنولوجي سنڌ ۾ ڦيٿي ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿي هجي يا درينيج جي نظام ٺاهڻ لاءِ ٿي هجي، ان ٽيڪنولوجي ڳڻپ کي آسان ڪرڻ لاءِ اباڪس کي ٺاهيو هجي يا وري رابطن لاءِ ٽيليفون، فيڪس يا ٻيا مختلف اوزار ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿي هجي، اها ٽيڪنولوجي موجوده دور جو ڪمپيوٽر ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿي هجي يا وري روبوٽ ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿي هجي پر دنيا ۾ اهم تبديلين جو سبب ضرور رهي آهي. ٽيڪنولوجي جو مطلب ئي آهي ته اهڙو علم يا اهڙي ڄاڻ جيڪا هنر، مهارت ، فن ۽ مخصوص طريقن ۽ عملن ذريعي حاصل ٿئي ۽ جنهن سان ڪا نئين شئي يا اوزار ٺاهجي. موجوده دور ۾ ٽيڪنولوجي جو اهم ڪردار رهيو آهي بلڪه دنيا ۾ هڪ انقلاب برپا ڪيو اٿس. ٽيڪنولوجي دنيا ۾ موجود بنيادي اساسن جي فطرت يا نيچر کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اڳ ۾ شيون يا ويسيلا هٿراڌو طريقن سان استتعمال ڪبا هئا پر هاڻي انهن جي اڪثريت خودڪار طريقن سان استعمال ٿئي پئي. جيتوڻيڪ اڃا تائين دنيا جو نقشو ته ساڳيو آهي پر ان ۾ موجود وسيلن ۽ ماڻهن جي فطرت ۽ سوچ کي ٽيڪنولوجي تبديل ڪري رهي آهي. اڳ ۾ ماڻهو پنڌ ۽ جانورن جي سواري وسيلي هڪ جڳھ کان ٻي جڳھ تائين پهچندا هئا پر هينئر تيز رفتار گاڏيون ۽ جهاز ماڻهو کي هڪ جڳھ کان ٻي جڳھ تائين تمام ٿوري وقت ۾ پهچائي ڇڏين ٿا. اڳ ۾ ٻولي سکڻ لاءِ تمام گهڻو وقت ڏيڻو پوندو هو پر هينئر ٽيڪنولوجي جي ڪري پنهنجي ٻولين کي دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ترجمو ڪري سگهجي ٿو اهڙي طرح دنيا جي مختلف ٻولين کي پنهنجي ٻولي ۾ ترجمو ڪري سگهجي ٿو. اڳ ۾ نياپي، خط ، تار يا فون وغيره ذريعي مائٽن، دوستن وغيره سان رابطو ڪري سگهبو هو پر هينئر ٽيڪنولجي ان عمل کي ايميل، موبائيل فون، وڊيو فون وغيره جي ذريعي آسان ۽ وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو آهي. ماڻهو پنهنجا رابطن کي ٽيڪنولوجي جي مختلف اوزارن ذريعي تيز ۽ ڪارائتو ڪري ڇڏيي آهي. تنهنڪري هاڻي ٽيڪنولوجي تبديلي جو اهڃاڻ بڻبي وڃي پئي. ماڻهن لاءِ آساني ۽ سهولتون پيدا ڪري پئي. روزگار جا ويسيلا پيدا ڪري رهي آهي. ديس پرديس جو فرق ختم ڪري رهي آهي. دنيا کي هڪ ڳوٺ ۾ تبديل ڪري رهي آهي.

    ٽيڪنولوجي جي ترقي جي ڪري ٿورو وقت اڳ ٺهيل اوزار ختم ٿيندا وڃن پيا. ڪجھ وقت اڳ وي سي آر اسان جي لاءِ اهم اوزار هئي جنهن ذريعي فلم ۽ ٻيون وڊيوز ڏسندا هئاسين پر هينئر وي سي آر جي ڪا اهميت نه رهي آهي. آڊيو ڪيسيٽ تمام گهڻي اهم هوندي هئي. هر ماڻهو پنهنجي پسند جي فنڪار جي ڪيسيٽ وٺي ايندو هو پر هينئر ڪو ماڻهو اها ڪيسيٽ وٺڻ لاءِ تيار نه آهي ڇاڪاڻ ته نئين ٽيڪنولوجي انهن اوزارن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي طرح ٿوري ٿوري وقت ۾ ٺهيل اوزارن ۾ تبديلي ايندي وڃي پئي ۽ پراڻا اوزار ڪنهن ڪم جا نٿا رهن. ٽيڪنولوجي جي ترقي جي ڪري ٺهندڙ اوزارن جي قيمت به گهٽجي رهي آهي، جنهنڪري ڪا نئون اوزار وٺڻ ۾ ڪا گهڻي معاشي تڪليف نه پئي ٿئي.

    انفرميشن ٽيڪنولوجي نه صرف رابطن جو ڄار وڇائي ڇڏيو آهي پر انهن ۾ جدت به پيدا ڪئي آهي، جنهن ذريعي ماڻهو ۽ مختلف قسم جون مشينون هڪ ٻئي سان پوري دنيا ۾ سيڪنڊس کان به گھٽ وقت ۾ رابطو قائم ڪري وٺن ٿا. ميڊيا جا مختلف قسم انفرميشن ٽيڪنولوجي ذريعي دنيا کي ڄاڻ، خبرون، سماجي رابطن جا اوزار مهيا ڪري رهيا آهن. انفرميشن ٽيڪنولوجي انفراسٽرڪچر جي ذريعي دنيا ۾ وڏا وڏا نيٽورڪ ۽ ڪلائوڊ قائم ٿي رهيا آهن. ڪمپيوٽر سائنس مختلف قسم جا سوفٽويئر ٺاهي دنيا ۾ موجود مسئلن جو حل پيش ڪري رهي آهي. واپار کي هٿي ڏيارڻ ۾ به ڪمپيوٽر سائنس ۽ انفرميشن ٽيڪنولوجي اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ڪمپيوٽر سائنس ايترو اڳتي نڪري وئي آهن جو ڪمپيوٽر يا ڪنهن به مشين کي ڪنهن مخصوص شعبي جي سکيا ڏئي ان کي ماهر بڻايو وڃي ٿو. مثال طور ڪمپيوٽر کي بولي سکڻ، گرامر جو صحيح استعمال ڪرڻ، ماڻهن جي لکڻ يا ڳالهائڻ مان احساسن ۽ راين کي ڳولهڻ جي سکيا ڏيڻ کان پوءِ ان کي انهن شعبن ۾ هڪ ماهر طور استعمل ڪري سگهجي ٿو. ايتري تائين جو ڪنهن مشين کي سکيا ڏئي ان کان خودڪار طريقي سان ڊرائيونگ ڪرائي وڃي پئي، فيڪٽريز وغيره ۾ ڪم ورتو وڃي پيو، ڪمپيوٽر کي سکيا ڏئي شاعر، ۽ ڳائڻو بڻائي سگهجي ٿو. اهائي مشين ترجمي لاءِ استعمال ٿئي ٿي. ماڻهن جي تڪليفن مطابق انهن جوعلاج ڪري ٿي، زمين کان ٻاهر چنڊ ۽ مريخ وغيره جون ڳالهيون ٻڌائي ٿي. موسم، بارشن، ٻوڏن وغيره جي باري ۾ اڳواٽ خبرون ڏئي پئي.

    موجوده دور انڊسٽريل انقلاب جو دور آهي جيڪو ٽيڪنولوجي جي ترقي جو چوٿون دور آهي. هن دور ۾ ٽيڪنولوجي مصنوعي ترقي يا آرٽيفيشل انٽيليجنس ذريعي تمام گهڻي ترقي ڪري رهي آهي. روبوٽڪس، نيچرل لينگوئجز پروسس، مشين لرننگ، ڊيپ لرننگ ۽ اليڪٽرانڪ جيوگرافي وغيره جي ترقي ۽ استعمال جي ڪري دنيا سسندي وڃي پئي ۽ تيزي سان عالمي ڳوٺ ۾ تبديل ٿي رهي آهي. قئانٽم ڪمپيوٽنگ موجوده ڪمپيوٽنگ کي تبديل ڪري رهي آهي جيڪا ٽيڪنولوجي کي وڌيڪ جدت ڏيندي ۽ دنيا کي حيران ڪن نتيجا مهيا ڪندي. جيڪا ڳالھ اسان جي تصور ۾ به ناهي سا ٽيڪنولوجي ذريعي ٿيندي. ان ٽيڪنولوجي جي ترقي ۾ سڀ کان اهم ڪردار ڪمپيوٽر سائنس، سسٽم انجنيئرنگ، آرٽيفيشل انٽيليجنس، انفرميشن ٽيڪنولوجي ، اليڪٽرانڪ انجينئرنگ، ميڪاٽرانڪس ۽ بايوميڊيڪل ٽيڪنولوجي وغيره جو هوندو.

    ناسا ۽ ڪجھ ٻيون تنظيمون ٽيڪنولوجي جي ترقي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هٿراڌو ڏاهپ جي ذريعي نوان نوان اوزار ٺاهيا وڃن پيا، مختلف قسم جي مرضن لاءِ نوان ۽ بهترين علاج جا طريقا استعمال ڪيا وڃن پيا، ڳاڏي يا ٽيڪسي هلائيندڙ ڊرائيور جي حالت کي چڪاس ڪري رهيا آهن ته ڪٿي ڊرائيور نشي جي حالت ۾ ته نه آهي، خودڪار نظام جي ڪري پنهنجو پاڻ گاڏيون هلن پيون ۽ ماڻهن کي گهربل جڳهن تي پهچائن پيون، 5 جي انٽرنيٽ جي بنياد تي نوان ڊرون ٺاهيا وڃن پيا ۽ انهن جو استعمال انٽرنيٽ جي ترقي لاءِ ڪيو وڃي پيو وڃي، ان لاءِ سولر پينل استعمال ڪيا وڃن پيا. 5جي بيسڊ انٽرنيٽ 4جي کان 40 دفعا وڌيڪ انٽرنيٽ جي اسپيڊ مهيا ڪندي. اهڙي طرح رابطن ، ڊيٽا ۽ انفرميشن جي وسيلن ۾ تيزي اچي ويندي. ڊيٽا ۽ ٻين اهم اوزارن کي اسٽور ڪرڻ لاءِ 3ڊي اسٽوريج مهيا ڪئي وڃي پئي جيڪا آن لائين اسٽوريج کي وڌائيندي اهڙي طرح ماڻهن پنهنجا فائيل وغيره گڏ کڻڻ جي ضرورت ئي نه آهي. بس آن لائين پنهنجو اڪائونٽ ٺاهين ۽ پنهنجي ڊيٽا ۽ ٻين سوفٽ شين کي آن لائين اسٽور ڪن ۽ جتي چاهين کولين ۽ پنهنجو ڪم ڪن. ان سان ڊيٽا وغيره محفظ به رهندي. بايو فريزر تي ڪم هلي رهيو جيڪي بغير دروازن ۽ خانن جي هونديون. انهن ۾ جيلي هوندي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو سامان رکيو ويندو. اهي فريزير تمام گهٽ بجلي استعمال ڪنديون. ان کان سواءِ ٽيڪنولوجي کي استعمال ڪندي، سائنسدانن آڪيسجن جو انجيڪشن ٺاهين پيا جيڪي بيمار ماڻهن يا ساھ جي مرض ۾ مبتلا مريضن کي لڳايون وينديون جيڪي انهن کي ساھ کڻڻ ۾ مدد ڪنديون ايتري تائين اگر هو ڪن سببن جي ڪري ساھ نه پيا کڻي سگهن ته به انهن کي آڪيسيجن ملندي. اها انجيڪشن يا سئي انهن ماڻهن کي به فائدو ڏيندي جيڪي اهڙي جڳھ تي وڃن ٿا جتي آڪسيجن نه آهي يا گهٽ آهي. ٽيڪنولوجي جي ترقي جي ڪري دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ پاڻي جي اندر رستا يا ٽنل ٺاهيا وڃن پيا جن ذريعي ڳاڏيون هڪ شهر کان يا هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ يا شهر تائين آساني سان پهچنديون.

    سماجي رابطن جي اوزارن دنيا ۾ رهندڙ ماڻهن کي پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏيو آهي. ماڻهو پنهنجا، پنهنجي قوم ۽ ملڪ جا مسئلا انهن سماجي رابطن جي ويبسائيٽس تي هڪ ٻئي سان ونڊي رهيا آهن. هر خوشي ۽ ڏک جي خبر منٽن ۾ سمورن دوستن ۽ مائٽن سان ونڊيون وڃن ٿيون. اهڙي طرح انهن ويبسائيٽس ماڻهن جا پوري دنيا ۾ دوست پيدا ڪري ڇڏيا آهن. ان سلسلي ۾ فيس بڪ، ٽوئيٽر، ماءِ اسپيس، انسٽاگرام، واٽس اپ، گوگل پلس، لنڪڊ ان وغيره اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اهي واپار جي واڌاري لاءِ پڻ تمام گهڻيون سهولتون مهيا ڪري رهيا آهن. جيڪي ماڻهو ٿوري ناڻي سان ڪو به ڌنڌو شروع ڪرڻ چاهين ٿا ته اهي انهن اوزارن جي ذريعي بهتر واپار ڪري پئسا ڪمائي سگهن ٿا. سماجي ۽ سياسي تنظيمون يا فرد سماجي رابطن جي ويبسائيٽس ذريعي سماج کي سڌارڻ جا ڪم ۽ سياسي ڪم ڪن ٿا. ڪن ملڪن ۾ ته انهن ويبسائيٽس جي ڪري تبديليون به آيون آهن. ڪيترن ئي بي پهچ ماڻهن کي انهن ويبسائيٽس جي ڪري تمام گهڻي مدد ملي آهي ۽ انهن جا مسئلا حل ٿي چڪا آهن ۽ ڪيترن جا وري مسئلا حل ٿي رهيا آهن. سرچ انجنس يا ڳولها جي ويبسائيٽس جي ذريعي مختلف قسم جي ڄاڻ ۽ ڊيٽا حاصل ٿي رهي آهي. ڪنهن به موضوع تي تمام گهڻي ڊيٽا ملي وڃي ٿي. آن لائينز ڊڪشنريز ذريعي ڏکين لفظن جي معنا ڏسي سگهجي ٿي. تحقيقي ڪم ۾ انٽرنيٽ ٽيڪنولوجي جي ذريعي پڻ اضافو ٿيو آهي. تحقيق لاءِ گهربل مواد ۽ اوزار آن لائين ملي وڃن ٿا. اهڙي طرح مختلف قسم جا جرنلس پڻ آن لائين آهن جيڪي تحقيق جي ڪم کي ٻين ماڻهن ۽ ادارن تائين پهچائڻ مدد ڪن ٿا.

    مستقبل ۾ ڪمپيوٽر سائنس، انفرميشن ٽيڪنولوجي ، مصنوعي ڏاهپ ۽ رابطي جي نون طريقن ذريعي دنيا جي بناوٽ تبديل ٿي ويندي. اها تبديلي ايتري ته وڏي هوندي جو شايد موجوده دور جو انسان ان تبديلي کي تسليم ئي نه ڪري پر اها تبديلي هڪ حقيقت آهي جيڪا ضرور ايندي. تنهنڪري اسان پنهنجي نئين نسل کي سائنس ۽ ٽيڪنولوجي جي تعليم ڏيون ته جيئن هو هر دور سان گڏ هلي سگهن. ايندڙ وقت ۾ موبائيل فون هڪ ننڍڙي چپ ۾ تبديل ٿي ويندي جنهن ذريعي پوري دنيا سان آساني سان رابطو ڪري سگهبو. هولوگرام ٽيڪنولوجي ذريعي ماڻهو هڪ ٻئي جي سامهون هوندا. هٿراڌو چنڊ ٺاهيو وڃي پيو جيڪو روشني فراهم ڪندو. ٽرانسپورٽيشن جا ذريعا تبديل ٿي ويندا، اهڙي طرح ماڻهو پکين وانگر هڪ جڳھ کان ٻي جڳھ تائين اڏري پهچندا ڇاڪاڻ ته هر ماڻهو سان گڏ اليڪٽرانڪ پر هوندا جن ۾ بيٽري لڳل هوندي جيڪا ماڻهن کي اڏاري هڪ جڳھ کان ٻي جڳھ تائين پهچائيندي. جڏهن ته دنيا ۾ ڳالهائيندڙ سموريون ٻوليون ڪائناتي گرامر يا عالمي گرامر تحت ڪم ڪنديون جنهنجو مطلب ٿيو ته هر ٻولي کي پنهنجو گرامر ته هوندو پر اها ٻولي عالمي گرامر تحت وري ٻين ٻولين سان ڳنڍيل هوندي. هر ٻولي عالمي لفظن جي ڄار، جنهن کي ورڊ نيٽ چئجي ٿو، جي ذريعي هڪ ٻئي سان ڳنڊيل هوندي. جنهن ذريعي اهي لفظ جيڪي اسم، صفت، ظرف ۽ فعل هوندا پوري دنيا جي ٻولين جي اسم، صفت، ظرف ۽ فعل وارن لفظن سان ڳنڊيل هوندا. ساڳين معنا وارن لفظن جا به جوڙا ٺآهيا ويندا ته جيئن لفظن جي سڃاڻپ آساني سان ٿي سگهي. دنيا، حقيقت ۾ عالمي ڳوٺ يا گلوبل وليج تڏهن ئي ٿيندي جڏهن سموريون ٻوليون هڪ ٻئي لاءِ سمجھ لائق هونديون ۽ سمورا وسيلا پوري انسانيت جي استعمال لاءِ هوندا.

    ٽيڪنولوجي ۾ تيزي سان ترقي ٿي رهي آهي، تنهنڪري هن وقت ضرورت ان ڳاله جي آهي ته اسان پنهنجي ٻارن کي يا نوجوانن کي سائنس، انجينيئرنگ ۽ ٽيڪنولوجي جي تعليم مهيا ڪريون ته جيئن هي نون ايندڙ نظرين ۽ ٽيڪنولوجيز کي سمجهي سگهن ۽ اسان جو سماج ۽ ملڪ ترقي ڪري سگهن ٻي صورت ۾ اسان دنيا کان پٺتي رهجي وينداسين. جيتوڻيڪ اسان ان رستي تي هلون پيا پر آهسته ۽ گهٽ تعداد ۾. هي دور آرٽيفيشل انٽيليجنس جو دور آهي جنهن کي ڊجيٽل ايج چون ٿا. ان لاءِ اسان کي هٿراڌو ڏاهپ ۽ ان سان لاڳاپيل سمورين ٽيڪنولجيز کي سمجھڻو پوندو ۽ ان مطابق تعليم حاصل ڪرڻي پوندي ۽ پنهنجي ادارن کي ٺاهڻو پوندو. حڪومت کي پنهنجي سمورن شعبن ۾ انفرميشن ٽيڪنولوجي، ڪمپيوٽرسائنس سان گڏ مختلف قسم جي ٽيڪنولوجيز کي استعمال ڪرڻو پوندو خاص ڪري تعليم جي شعبي، زراعت جي شعبي، صحت جي شعبي، نهري نظام جي شعبي، ٽرانسپورٽيشن جي شعبي، روينيو جي شعبي، فائننس جي شعبي ۾ ته جلد کان جلد ٽيڪنولوجيز جو استعمال ڪيو وڃي ۽ هر عمل کي ڪمپيوٽرائزڊ ڪيو وڃي. صدر پاڪستان ته آرٽيفيشل انٽيليجنس کي وڌائڻ لاءِ هڪ اهم اسڪيم شروع ڪئي آهي جنهن ذريعي ملڪ جي نوجوانن کي آرٽيفيشل انٽيليجنس جي مختلف شعبن ۾ سکيا ڏني ويندي. تنهنڪري اسان جي نوجوانن کي ان اسڪيم مان ڀرپور فائدو وٺڻ گهرجي. آرٽيفيشل انٽيليجنس سان گڏ مختلف ٽيڪنولوجيزجا ڪورس پڻ ڪرڻ گهرجن ته جيئن ترت نوڪري وٺڻ سان گڏ تيز رفتار دنيا سان گڏ هلي سگهجي. حڪومت پاڪستان هن وقت آرٽيفيشل انٽيليجنس ۾ ايم فل ڪرائڻ لاءِ سمورين يونيورسٽيز تي زور ڀري رهي آهي ته جيئن هي ڊگري ڪورس جلد شروع ڪري سگهجي. اسان جي حڪومت کي انڊسٽريل دور جي ضرورتن کي سمجهڻو پوندو ۽ ان جي مطابق ترت قدم کڻڻا پوندا. صوبائي حڪومتن کي به اهڙا قدم کڻڻا پوندا خاص ڪري سنڌ حڪومت کي پنهنجي آئي ٽي جي شعبي ۾ جدت آڻڻي پوندي ۽ مختلف قسم جي وزراتن ۾ ٽيڪنولوجي جو ڀرپور استعمال ڪرڻو پوندو. هن وقت سڀ کان اهم سيڙپ ٽيڪنولوجي ئي آهي جنهن جا فائدا تمام گهڻا ۽ ڏوررس آهن. هاڻي اهو دور ويو جڏهن صرف ڳالهين تي گذارو ڪبو هو. هي دور عمل جو دور آهي، تنهنڪري حڪومت ۽ ان سان لاڳاپيل ادارن کي نون ٽيڪنولوجيز مطابق ڊانچا يا اسٽرڪچرس ٺاهڻا پوندا. اهڙي طرح اسڪولس، ڪاليجز ۽ يونيورسٽيز کي به اپگريڊ ڪرڻو پوندو ۽ انهن کي وسيلا مهيا ڪرڻ سان گڏ پابند بڻايو وڃي ته هو ٽيڪنولوجي جو صحي استعمال ڪن. جيستيائين ٽيڪنولوجي جو صحي طريقي سان استعمال نه ٿيندو تيسيتائين اسان ترقي نه ڪري سگهنداسين.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو