علي نواز ڏاهري علي نواز ڏاھري: شاعر ۽ اديب نواز ڏاهريءَ جو پورو نالو علي نواز ولد محمد بچل ڏاھري آهي. هن پهرين مارچ 1966ع تي ڳوٺ ڄام ڏاهريءَ ۾ جنم ورتو. سنڌي ادب ۾ ايم.اي آهي. 1983ع کان ادبي دنيا ۾ پير پاتائين. سندس شاعري توڙي نثري لکڻيون ڪيترن رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿي چڪيون آهن. سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ جو 1980ع کان ميمبر آهي. عملي زندگيءَ ۾ واپڊا ۾ ملازمت آهي. کيس نوابشاهه ۾ حمل فقير صدسالا جشن جي موقعي تي ’حمل فقير اوارڊ‘ ملي چڪو آهي. علي نواز ڏاهريءَ جو هڪ شعري مجموعو ’ڪينجهر مٿي چنڊ ‘ 2013ع ۾ ڇپجي چڪو آهي.