آڪاش ميرواهي ڪوئي تنهنجي اکين جون ادائون پڙهي ڪو اڃايل تہ دل جون صدائون پڙهي ميرواھ جون ٿڌيريون هوائون پسي ڄامشورا نہ تنهنجون هوائون پڙهي پاڻ ڪنهن سان نہ آهي عداوت ڪئي يار هر ڪو اسان جون دعائون پڙهي ڪيئن ويندي ڇڏي تون هتان ئي لڏي دل بہ تنهنجون پرين ٿي دغائون پڙهي يار پنهنجو اهو وڙ نہ آهي وري بي سبب دل نہ ڪنهن جون خطائون پڙهي ڪو نہ آڪاش ڄاتو ڪڏهن تو بنا روز تنهنجون ڏنل ٿو سزائون پڙهي