1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

غزل

'سنڌي شاعري' فورم ۾ آڪاش ميرواهي طرفان آندل موضوعَ ‏3 فيبروري 2019۔

  1. آڪاش ميرواهي

    آڪاش ميرواهي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2018
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    آڪاش ميرواهي

    ڪوئي تنهنجي اکين جون ادائون پڙهي
    ڪو اڃايل تہ دل جون صدائون پڙهي

    ميرواھ جون ٿڌيريون هوائون پسي
    ڄامشورا نہ تنهنجون هوائون پڙهي

    پاڻ ڪنهن سان نہ آهي عداوت ڪئي
    يار هر ڪو اسان جون دعائون پڙهي

    ڪيئن ويندي ڇڏي تون هتان ئي لڏي
    دل بہ تنهنجون پرين ٿي دغائون پڙهي

    يار پنهنجو اهو وڙ نہ آهي وري
    بي سبب دل نہ ڪنهن جون خطائون پڙهي

    ڪو نہ آڪاش ڄاتو ڪڏهن تو بنا
    روز تنهنجون ڏنل ٿو سزائون پڙهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو