ڪهاڻي اکين ڏٺو زهر

'ڪهاڻيون' فورم ۾ khadim ghirano طرفان آندل موضوعَ ‏4 فيبروري 2019۔

  1. khadim ghirano

    khadim ghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    118
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور سنڌ
    اکين ڏٺو زهر خادم گھراڻو
    سج پنهنجي جوڀن کي ختم ڪري اولهه پاسي هلڪن ڪڪرن جر آغوش ۾ وڃي رهيو هو . سج جي وڃڻ جي ڪري پکي پکڻ پنهنجي آشيانن جي طرف وري رهيا هئا . جيئن جيئن سج گم ٿي رهيو هو تيئن تيئن اتر جي ٿڌي هير جي ڪري سردي ۾ واڌارو اچي رهيو هو .سردي سبب هرڪو پنهنجي پاڻ کي سردي جي لهر کان بچائڻ جي لاءِ پنهنجي پاڻ کي گرم ڪپڙن ۾ ويڙهي رهيو هو . ٻار ته ڄڻ گھرن ۾ وڃي لڪا هئا مائٽن ٻارن کي پنهنجي گھرن ۾ ويهاري ڇڏيو هو متان سردي جي جھپٽ کين ڪيرائي نه وجھي .جيئن ڪاري رات اچڻ لڳي ته بجلي به به هلي ويئي جنهن ڪري هر طرف اونداه ٿي ويئي . جنهن ۾ اک نه ڏسي گوڏي کي . اڪبر به سيءَ کان پاڻ بچائڻ لاءِ جلدي اچي گھر ۾ پنهنجي پاڻ کي ڪمبل ۾ سوڙهو ڪيو . اوچتو دروازي تي ٺڪ ٺڪ جو آواز ٿيو . اڪبر سوچيو ته هن وقت هتي ڪير آيو آهي اهڙي سردي ۾ هن اٿي دروازو کوليو هن ڏٺو ته دروازي وٽ هڪ عورت بيٺي هئي جنهن جي هنج ۾ هڪ معصوم ٻالڪ هو جيڪي ٻيئي سيءَ ۾ ڏڪي رهيا هئا .جنهن وقت اڪبر انهن جي اها حالت ڏٺي ته هيءُ پريشان ٿي ويو هن ٻنهي کي چيو ته گھر اندر اچو هي ٻئي گھر اندر آيا اڪبر هن کي ٻرندڙ مچ وٽ ويهاريو معصوم ٻالڪ کي ڪمبل ۾ ڍڪيو جڏهن هيء ڪجهه سامت ۾ آيا ته اڪبر به هنن جي ويجهو آيو ان وقت گرم چانهه هن عورت کي اڪبر جي گھر واري ڏني جنهن کي هن پيتو ٻالڪ کي کير ڏنو . بجلي به اچي ويئي جڏهن اڪبر جي هنن تي نگاهه پئي ته هيءَ ٻي ڪا عورت نه هئي پر اڪبر جي پاڙي جي سڪينه هئي . جڏهن هن جي چهري ته اڪبر جي نظر پيئي ته اڪبر جي پيرن هيٺيان زمين نڪري ويئي . هن يڪدم سڪينه کي چيو ته تون سڪينه آهين نه چاچي ولو جي ڌيءَ جنهن تي سڪينه پنهنجي اکين مان وهندڙ نيرن کي اگھي چيو ته ها آئون سڪينه آهيان . جنهن تي اڪبر چيو ته تون ته چاچي جي دادلي هوئينءَ پر هي تنهنجا ڪهڙا حال ٿي ويا آهن جنهن تي سڪينه چيو ته اهو نصيب جو کيل آهي ڪڏهن خوشيون ته ڪڏهن غم ائين جيون جو چرخو پيو هلندو منهنجي نصيب ۾ جيڪو لکيل هو اهو مون کي مليو آهي .جنهن تي اڪبر هن کي چيو ته تنهنجي شادي ته تنهنجي مائٽن ۽ تنهنجي مرضي سان ٿي هئي پوءِ............. اڪبر ڳالهه کي اڌ ۾ روڪي ڇڏيو . ان تي سڪينه چيو ته ها منهنجي شادي پنهنجي ماسات سان منهنجي ۽ منهنجي مائٽن جي پسند سان ٿي هئي پر ڪي گھڙيون خوشين سان گذريون هاڻي غمن جي گھايل آهيان .هن وقت جيڪي اسان جي حياتي گذري رهي آهي اهڙي ڪا دشمن کي به نه ملي . جنهن تي اڪبر هن کي چيو ته پر آخر ڇا ٿيو جو تنهنجو جيون اهڙو ٿي ويو آهي . جنهن تي سڪينه هن کي چيو ته اهو درد جو داستان نه کولائي منهنجي اندر ڀورا ڀورا ٿيل آهي . پر مون کي به ته ڪجهه ٻڌائي شايد آئون تنهنجي مدد ڪري سگھان آخر پاڻ به هڪ پاڙي ۾ رهيا آهيون . جنهن تي سڪينه روئندي لڙڪ وهائيندي چيو ته توکي خبر آهي ته منهنجو ماسات محنتي هڪ پورهيت هوندو هو روز محنت ڪندو هو جنهن مان جيڪو ملندو هو تنهن مان اسان جو جيون سهڻو گذري رهيو هو . پر اوچتو منهنجو مڙس اچي نشي تي هريو هن مين پڙي کائڻ شروع ڪئي جنهن تي اسان هن کي گھڻو ئي روڪيو پر هي چوندو هو ته سڀ کائين ٿا هر دوڪان تي ملي ٿي . جيڪڏهن خراب هجي ها ته هن تي بندش هجي ها جنهن تي هن کي مون چيو ته اها منٿلي تي هلي ٿي مطلب ان کي هلائڻ وارا پيسا ڏين ٿا جيڪي هي ڪاروبار ڪن ٿا اهي امير ٿي ويا آهن ائين هن اسان جي ڳالهه طرف ڪوبه توجهه نه ڏنو اها استعمال ڪندو رهيو ائين هڪ ڏينهن هن چيو ته منهنجي وات پچي پيو آهي هن کي ڊاڪٽر وٽ وٺي وياسين جنهن چيو ته هن کي وات جو ڪينسر ٿي ويو آهي هن جو علاج ڳرو آهي اسان هي هڙ ۾ جيڪو به هو هن جي علاج تي خرچ ڪيوسين پر ڪوبه لاڀ نه مليو هاڻي هن جي وات ۾ ڦٽ ٿي ويا آهن جن مان رت اچي ٿو آئون پراون گھرن ۾ ڪم ڪري هن پنهنجي اڪيلي پٽ جو پنهنجي همسفر جو پيٽ پالي رهي آهيان اڄ جيئن ئي ڪم تان اچي رهي هيس ته منهنجو هيءُ هنج ۾ کنيل ٻار ڏڪڻ لڳو منهنجي ممتا غم سان ڀرجي ويئي ڪو به مسئلي جو حل سامهون نه اچي رهيو هو ته ڇا ڪريان ڪا به ڳالهه سمجھه ۾ نه اچي رهي هئي پوءِ سوچيم ته ڪنهن کان مدد وٺان منهنجي پٽ کي خبر نه ڇا ٿيو آهي ان ڪري هن دروازي تي صدا هنيم مون کي خبر نه هئي ته اهو توهان جو گھر آهي . هن پنهنجي ٻار تي نگاهه ڪئي ته اهو خوش هو راند رهي رهيو هو هن جي لبن تي مرڪ اچي ويئي . اڪبر ڏٺو ته ٻالڪ کي هڪ ئي قميص پاتل هئي اها سيءُ ڇا جھلندي . جڏهن اڪبر جي گھر واري ڏٺو ته ٻالڪ رڳو هڪ قميص ۾ آهي هيءَ الماري طرف وڌي هن ان مان پنهنجي پٽ جا ڪپڙا سوئيٽر ڪڍيا . سوئيٽر هن معصوم کي پارايو جيڪو تمام خوش ٿيو اڪبر هن کي چيو ته ڪنهن وقت به ڪنهن به مدد جي ضرورت پوي ته تون مون کي پنهنجو ڀاءُ سمجھي هلي اچجان .جهڙو حال حبيبان تهڙو پريان پيش . رات ڪافي ٿي ويئي هئي اڪبر سڪينه کي چيو ته هلو توهان کي گھر ڇڏي اچان .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو