ھري دليگري جي زندگي جو مختصر جائزو

'مقالا' فورم ۾ عبدالڪريم شر طرفان آندل موضوعَ ‏6 فيبروري 2019۔

  1. عبدالڪريم شر

    عبدالڪريم شر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏23 جولائي 2017
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    هري دلگير سنڌ جي تاريخي شهر لاڙڪاڻي ۾ 1916ع ۾ ڄائو بي ايس سي ۽ بي اي ڪري انجنيئر ٿيو. سندس پوءِ هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ 1956ع ۾ نئين ملڪ پاڪستان ۽ اصلي پنهنجي ڌرتي وطن کي الوداع ڪري ويو ۽ زندگي جا باقي رهيل ڏينهن هندستان ۾ گذاريائين. سنڌي ادب جي هن ڀلوڙ شاعر ڊگهي ڄمار ماڻي. مني صدي جي وڏي عرصي تائين زندگيءَ جي جام کي پيتو. اٺاسي ورهين جي ڄمار ۾ ديانت ڪري ويو. انهيءَ مٽيءَ ۾ خاڪ ٿي جتي زندگيءَ جا رهيل ڏينهن گذاريائين.

    شاعري جي حوالي سان ڏٺو وڃجي ته جديد سنڌي شاعري ۾ تمام سٺي پائي جو شاعر هو. شاعري جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي اٿئين. سندس ڪيترائي شاعري جا ڪتاب شايع ٿي چڪا اٿس. جن مان ڪجهه جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.

    موجي جا گيت 1942ع ۾، پل پل جو پڙلاءُ 1977ع ، امر گيت 1981ع ، موج ڪئي مهراڻ 1966ع، رولو آواز 1984ع، صبح جو سهاڳ 2001 ۾ شايع ٿيا.

    شاعري ۾ تمام سادا لفظ، تشبيهون، استعارا ڪم آيل اٿس. هن وڏي ڳالهه به ننڍن سادن لفظن ۽ سولي انداز ۾ بيان ڪئي آهي. هري دلگير جي شاعري ۾ تمام خوبصورت ۽ مٿانهون مقام رکي ٿي. سندس شاعري ۾ عشق، ڏک، درد، تڪليف، بيچيني، بي آرامي جي داستانن سان گڏ سياسي ۽ سماجي حالتن کي به پيش ڪيو آهي. هري دلگير جي شاعري ۽ سندس اندر جا اڌما نوان جذبا نوان خيال پيش ڪيا آهن.

    دل ۾ ديــــدار دوســــت جــــــا آهـــــــن

    ڪانه ســـڌ ٻـــــــڌ سرير جـــــــي آهـــــي

    روپ پنهنجو منجهس ڏٺو رانجهي

    ورنه هســــــتي ڇــا هيــــر جـــي آهــي.

    پـــــاڻ ۾ قــــــــــــــــــــــيد ٿيـــو آهـــــيان

    ڪــــــــــهـڙي حالــــت اسيـــر جي آهي.

    سارو سنسار آ سونهن ئي سونــهن

    اک کـليل جي ضــــــــــمير جـــــــــي آ.

    مٿئين شعر پڙهڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته شاعر جي دل هر وقت محبوبن کي ڏسڻ لاءِ هر وقت پنهنجي دل جا دروازا کولي ٿو ۽ ڪنهنجي محبت ۾ قيد ٿي وڃي ٿو جيل ٿاڻا ڇا آهن آءُ پنهنجو پاڻ ۾ ئي قيد آهيان. هي سارو جهان قدرت ۽ ڪائنات جي حسن سان ڀريو پيو آهي، بس رڳو پنهنجي اندر جون اکيون کولڻيون آهن. ڪنهنجو قول آهي ته ”حسن سونهن انسان جي اندر کي کولي ڪائنات جي شين کي سمجھڻ پرکڻ جي سگھ ڏئي ٿو ۽ محبت پيار وري انهن کي نياءُ ڪرڻ جي سگھ ڏئي ٿو“

    هري دلگير جي ٻولي تمام سادي ۽ سليس آهي. لفظن کي موتي جيان پويو اٿس. سندس شاعري ۾ تشبيهون استعارا ڪمال جا ڪتب آندا اٿئين. مثال جي طور تي:

    پکي پڃري منجهان اڏري ڏسين هـا

    ڏنڀــــــــڻ جي ڏانءُ ۾ ڇا لطــــــف آهـي

    اڃــــــــــا هــــــر دل ۾ تــــــولاءِ جــاءِ آهي

    رڳو انســـان جــــــان اسري ڏسيـــن ها

    ڇڏي دلگير پنهنجي سست رفتــــــــــار

    زمــــــــاني سان گڏ نڪري ڏسين هــــا.

    مٿين شاعري ۾ سندس پکي پڃري مان اڏري ها ۽ ڏنڀڻ جي ڏانءَ جو لطف انداز بيان ڪيو آهي اڪثر چيو ويندو آهي ته ڦاسڻ کان پوءِ جيڪو ڦتڪڻ ۾ مزو آهي اهو ايڏو لطف ڦاسڻ ۾ نه هوندو. شاعر اديب ۽ عاشق مزاج انسان هر وقت پنهنجي محبوب لاءِ دل ۾ جاءِ ٺاهيندا آهن ڀلين محبوب انسان پنهنجي عاشق کي دل مان ڌڪاري ڇڏي انهيءَ حوالي سان هري دلگير پنهنجي شاعري ۾ چوي ٿو اي پرين تولاءِ اڃان به دل ۾ جاءِ آهي پر، تون رڳو هڪڙي نگاھ ڪري ته ڏس. سندس شاعري کي پڙهڻ سان ذهن ۾ نوان خيال نوان لاڙا اچن ٿا. شاعري ۾ وڏي خوبي اها اٿس جو پڙهڻ ۽ سمجھڻ ۾ آساني ۽ سولائي ٿئي ٿي. هري دلگير پنهنجي شاعري ۾ پيار محبت جو ذڪر اهڙي ته خوبصورت انداز ۾ بيان ڪيو آهي جو سندس اڪيلائي جي احساس کي انڊلٺ سان تشبيھ ڏئي ٿو. ڪٿي پيار کي اظهارِ آزادي سان بيان ڪيو آهي. پيار محبت عشق هر دور ۾ شاعرن جو پسنديده موضوع رهيو آهي. شاعر تڏهن ته شاعري لکڻ شروع ڪندو آهي جڏهن سندس محبوب ناراض ٿيندو آهي. ڪا ڳالھ نه ٻڌندو آهي پوءِ سندس اندر جي اڌمن مان لفظ ڦٽڻ شروع ٿيندا آهن. جيڪي سندس ادبي تحرير جو حصو ٿيندا آهن پوءِ اهو نثر هجي يا نظم هجي. اچو ته ڏسون هري دلگير جي اڌمن مان ڪهڙا لفظ نڪتا آهن.

    نه ڦل پٽيون ٿا نه گل ڇنون ٿـــــــــا

    چمن ۾ هوندي چمن ۾ نه آهيـون

    حيات جي انجمن گهــــــــــمون ٿـــــا

    حيــــات جي انجــــمن ۾ ناهيــــــون

    اسان دکن ۾ هوندي دکي ناهيون

    سکن ۾ رهندي سکن ۾ ناهيــون

    جــــــــــتي وڃـون ڏيـــون محــــــــبت

    جتــــــــي وڃـــــون اتي وٺون محبت.

    مٿئين شاعري مان شاعر ٻڌائيندي چوي ٿو ته اسان جتي به وڃون ٿا محبت ڏيون ٿا ۽ محبت وٺون ٿا. هر وقت پنهنجي مدهوشي واري زندگي ۾ آهيون ۽ هر وقت پيار ڏيون ۽ پيار وٺون. پيار دردن جي گهريل زندگي لاءِ ضروري آهي محبت سواءِ زندگي ڪهڙي آهي. پيار زباني چوڻ ته سولو آهي پر انهيءَ کي نڀائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. پيار بغير زندگي اڌوري آهي. انهي حوالي سان هري دلگير به پنهنجي شاعري ۾ پيار جو انداز تمام خوبصورت انداز سان بيان ڪيو آهي. پيار ته بره جي برسات جيان آهي پيار ڪندڙ شخص پنهنجي محبوب لاءِ جان به ڏئي ڇڏيندو آهي. پيار زندگي آهي پيار موت به آهي پيار ڪنڊن جي سيج ۾ آهي ته گلن جي هار ۾ به آهي پيار ڏک به آهي ته سک به آهي پيار ڌرتي سان به آهي ته ان جي ماڻهن سان به آهي پيار سونهن ڪائنات جي هر شئي ۾ موجود آهي پر ڏسڻ واري اک رڳو کليل هجي.

    سارو سنسار آ سونهن ئي سونهن

    اک کليل جي ضمــــــــــــير جي آهي

    مٿئين شعر ۾ شاعر ٻڌائيندي چوي ٿو ته هي سارو جهان سونهن سان ڀريل آهي بس رڳو اک ڏسڻ واري ڌار پوءِ هر شئي آسان آهي.

    ســـاڻ تــــون آن جــــڏهــــــن آءُ اڪـــــــــيلو آهيـــــــــــان

    خـــڱوب دلــــڪش ٿو لڳــي عيش اڪــــــيلائي جـــو

    تو کي دل کولي ڪريان پيار جيئن به چـــاهيــــــــان

    رنگ هڪڙي ئي منجھان ست رنگ جدا ٿو ٺاهيان

    انــــڊلـــٺ مثــــل لڳـــي ٿـــو روپ ٿـــو تنـــهائي جــــو.

    مٿي به لکي آيو آهيان هري دلگير جي شاعري ۾ پيار جو موضوع تمام نرالو سندس پيار جو اظهار کلي دل سان ڪري ٿو پر محبوب سوا تنها آهيان اهو به انڊلٺ سان تشبيھ ڏيندي چوي ٿو.

    جو ڏٺو مونکي آ اٿئي اهو ارپيــان ٿــــــو

    هي ٻٽي لڙڪ ٻٽي گيـــــــت اڌورا آهــــــن

    ميڙي چونڊي جا اٿم ٿوکي اها آڇيان ٿو
     
    رضوان علي جمالي هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,702
    ورتل پسنديدگيون:
    3,917
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    مکڙي متان ڦُٽين آهين هن وقت بي حد حسين آهين
    ڦُٽي جڏهن تون ڦول ٿيندينءَ برابر تنهنجي هاڪ ٿي ويندي
    مگر تنهنجي معصوميت سراسر چاڪ ٿي ويندي
    هري دلگير
    هي شعر مونکي صحيح طرح سان ياد نه آهي
     
    عبدالڪريم شر هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو