حضرت خواجه محمد عبدالغفار فضلي رحه

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏6 فيبروري 2019۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    شرف الدين مرکنڊ/ وارهه

    سنڌ جي سونهاري سرزمين هر دؤر ۾ عظيم هستين کي جنم سان نوازيو آهي، جنهن جي ڪري سرزمين سنڌ کي، صوفين، بزرگن، عالمن ۽ اديبن جي ڌرتي جي لقب سان ڪوٺيو وڃي ٿو، جڏهن ته سهڻي سنڌ ڌرتيءَ کي “باب الاسلام”جو شرف حاصل آهي. جنهن سهڻي سنڌ درتيءَ جي اندر ڪيترن ئي عظيم بزرگن جنم ورتو آهي، انهن عظيم بزرگن جي سرفهرست ۾ منهنجي مرشدن جي مرشد ڪريم حضرت خواجه محمد عبدالغفار المعروف پير مٺا سائين نقشبندي، مجددي، فضلي جن جي اسم گرامي کي به شمار ڪيو ويو آهي. سنڌ درتيءَ جي سدا حيات صوفي شاعر، بزرگ حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه جن ڏس ڏيندي فرمايو آهي.

    جي ڀائين جوڳي ٿيان ته طمع ڇڏ تمام
    گولا جي گولن جا، تن گولن جو ٿيءُ غلام،
    ته نانگا تنهنجو نام، لکي جي لاهوتين سين.

    پاڻ انهن عظيم شخصيتن ۽ پاڪيزه شخصيتن مان نه هئا جن گھڻا ملڪ ته فتح نه ڪيا پر دلين جي دنيا کي ضرور فتح ڪيو جنهن جو اثر اڄ به انسانن جي دلين ۾ دائم وقائم بڻيل آهي. حضرت پير مٺا سائين رحه سرزمين اولياءِ ملتان شريف جي ضلعي جلال پور پيروالا جي ويجھو لنگر شريف نالي ننڍڙي ڳوٺ ۾ عالم باعمل، صوفي با صفا، حضرت مولانا يار محمد صاحب رحمة الله عليه جي گھر ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم پنهنجي والد صاحب ۽ پنهنجن وڏن ڀائرن مولانا امام الدين ۽ مولانا محمد اشرف صاحب کان حاصل ڪيائون. عربي ۽ فارسي جي تعليم شاھ ولي الله رحه جي خليفه مولانا محمد عاقل رحه جن کان حاصل ڪرڻ کان بعد قاري مطيع الله صاحب وٽان حاصل ڪيائون. حضرت پير مٺا سائين رحه نهايت متقي پرهيزگار هئا. سندن جي خاصيت هوندي ته پاڻ هٿ جون بازاري شيون، مٺائي گيهه، کير، تيل، ڳڙ، ۽ مصري وغيره به پاڪائي سان تيار ڪيل استعمال ڪندا هئا. پاڻ اڪثر ڪري شهري گوشت کان پرهيز ڪندا هئا، ڇاڪاڻ ته اڪثر ڪاسائي ذبح جي مسئلي کان اڻ واقف هوندا آهن ۽ جڏهن ته چوري جو مال به ڪاسائين وٽ ايندو آهي، يتيمن جي مال کان پاڻ به پرهيز ڪندا هئا ۽ پنهنجي جماعت جي اراڪين کي به سختيءَ سان روڪيندا هئا. حضرت پير فضل علي قريشي رحمت الله عليه، حضرت پير مٺا سائين جن جي خلوص، سچي دل، ۽ محبت کي ڏسي ڪري تبليغ دين ۽ طريقه عاليه نقشبنديه جي اشاعت لاءِ کين خلافت عطا فرمائي. خلافت کانپوءِ تبليغ جي خاطر سنڌ ۾ گھڻو ايندا رهندا هئا، مگر پاڻ عاشق آباد نالي مستقبل مرڪز پنجاب ۾ ٺاهيائون جتي حضرت پير قريشي رحمة عليه به تشريف فرما ٿيندا هئا. سنڌ جا ڪافي فقير سنڌ ۽ پنجاب جي تبليغي سفر “عاشق آباد” مرڪز جي تعمير ۾ عملي طور شامل رهيا. ان وقت سنڌ جي ماڻهن جي ديني حالت ناقابل ديد ڏسڻ جھڙي ڪا نه هئي. صحيح طرح بنا لالچ جي دين جي دعوت، تعليم و تربيت ڏيڻ وارا، خصوصن ٻهراڙي جي علائقي ۾ وڃي ڪري الله ۽ ان جي رسول جي رضا خاطر محنت ڪرڻ وارا ڪو نه ٿي آيا. مسلمان جھالت جي ريتن رسمن ۾ جڪڙ جي چڪا هئا، اسلامي احڪامن تي عمل ڪرڻ کان بلڪل پري ٿي ويا هئا، رسمي پيري مريدي وڃي باقي نالي جي رهي هئي، پاڻ درگاه عاشق آباد کان سنڌ جي طرف رخ ڪيايائون جن ۾ گھوٽڪي، ڏوڪري، سکر، شڪارپور، راڻي پور، محراب پور، ڪنڊيارو، انڙپور، نورپور ۽ ٻين شهرن کي پنهنجي فيض سان فيضياب ڪندي سنڌو درياهه جي اولهندي ڪناري تي چورن ۽ ڦرن جي آماگاهه، جنهن جڳهه تي پوليس يا ڪنهن ٻاهرئين ماڻهون جو پهچڻ ناممڪن ۽ خطري کان خالي ڪو نه هوندو هو، الغرض! حضور اڪرم صه جن جي آمد کان اڳ وارن بدوين جھڙي حالت هن علائقي وارن جي هئي پاڻ اتي پهچي پنهنجي مرشد جي نظر ڪرم سان انهن جي ڪٽيل ڪارين دلين کي ڌوئي، گناهن واري گدلاڻ لاهي چنڊ وانگر چمڪائي ڇڏيو. جئين سنڌ ڌرتيءَ جي صوفي شاعر شاه عبداللطيف ڀٽائي سچ چيو ته:


    صحبت صالحن جي اٿي اندر اوجار
    من مليو ماهه ڪن، جئين لاهي ڪٽ قلعيدار
    تن وٽ سڀ ڄمار، گذار جي گولي ٿي

    پاڻ انهن کي قلبي ذڪر جي تلقين فرمائي، انهن چورن کان چيخون ۽ رڙيون نڪري ويون، وجد ۽ جذبي جي حالت ۾ تڙپڻ لڳا، دلي طرح توبه تائب ٿي، خدا جا ذاڪر، شاڪر متقي، پرهيزگار بڻجي ويا، ماڻهن جا چورايل مال موٽائي ڏنائون، نه فقط ايترو پر پنهنجي ٻين چور سنگتين کي به دعوت ڏيئي سندن جي خدمت ۾ وٺي ايندا هئا. ۽ پاڻ انهن جي قلب تي آڳر مبارڪ رکي ذڪر قلبي جي تلقين فرمائيندا هئا. چورپور دين پور بڻجي ويو، جنهن ۾ عورتن ۾ به مثالي شرعي پردي جو اهتمام ڪيو ويو، حضرت پير مٺا سائين اتان هجرت ڪري لاڙڪاڻي شهر ۾ مستبقل طور رحمت پور شريف نالي مرڪز ۾ رهي ڪري پوري ملڪ ۾ فيض پهچائيندا رهيا. ڪيتريون ئي بي مثالي بستيون قائم ڪيائون، جن ۾ شريعت ۽ طريقت جي اصولن تي پوري طرح عمل ڪرايائون، سڀ مرد عورتون، نمازي تهجد گذار ۽ پرهيزگار متقي ٿي ويا، انهن جي شادي، غمي، شرعي پردي جو اهتمام خاص ڪري جماعت غفاري جي امتيازي خصوصيات ۾ شامل ٿي وئي، جنهن ۾ نماز باجماعت، ڏاڙهي، ڏندڻ ۽ پٽڪو شريعت محمدي ﷺ مطابق هن جماعت جون خاص نشانيون آهن، مطلب ته! سندن دين اسلام جي اشاعت خاطر سنڌ وارن تي عظيم احسان ڪيو، صوفين جي سرزمين “باب اسلام سنڌ” ۽ سنڌي زبان وارن سان سندن جي بي حد محبت جو ثبوت آهي، جو سنڌ ۾ مستقبل قيام فرمايائون ۽ سنڌي زبان ۾ شوقيہ طور ڳالهائيندا به هئا چوندا هئا ته “سنڌ ۾ رهان ٿو ۽ سنڌي آهيان”. اها هڪ حقيقت آهي ته ڪامل ولين جي وصال وارو وقت سندن لاءِ پنهنجي محبوب حقيقي جي عشق و محبت ۽ ملاقات جي ذوق ۾ ايڏي ته محويت وارو هوندو آهي جو مٿن استغراق واري حالت طاري ٿي ويندي آهي. سندن جي وصال وارو وقت به نهايت پُرڪيف هيو، سندن جا غلام، مريد، عاشق صادق ته ملال واري حالت ۾ هئا، مگت مٿن استغراق طاري هيو، کاڌو ته ڪافي عرصي کان کائڻ ڇڏي ڏنو هئائون پر ٻي ڪا گفتگو به نه فرمائيندا هئا، ڪنهن ڪنهن وقت الله جي بارگاهه ۾ التجا ۽ مناجات جا فارسي زبان ۾ پُرسوز ابيات سندن جي زبانِ حق ترجمان مان بي اختيار نڪرندا هئا. نماز جي وقت تي تيمم جا اشارا ڪري، نماز اشارن سان ادا ڪندا هئا، اها به استغفراق جي حالت ۾، پنهنجي وصال کان پهريائين عملي طور نوراني جماعت کي پنهنجي مخلص، عاشق صادق، خليفه و نائب، عالم باعمل، حضرت الحاج الله بخش المعروف پير سهڻا سائينرحمة الله جن جي سپرد فرمايائون ۽ 8 شعبان المعظم 1384 هه مطابق 12 ڊسمبر 1964ع ۾ آچر جي رات 11 وڳي ڌاري وصال فرمايائون ۽ غفاري مسجد شريف جي ڀرسان رحمتپور شريف لاڙڪاڻي ۾ مزار پرانوار ۾ آرامي ٿيا. سندن جو 55هون ساليانو عرس مبارڪ 26 جنوري کان عقيدت ۽ احترام سان درگاهه فقيرپور شريف راڌهڻ اسٽيشن تعلقه ميهڙ ضلع دادو ۾ ملهائجي رهيو آهي، جنهن ۾ ملڪ سميت ٻاهرين ملڪن مان هزارين عقيدتمند شريڪ ٿي رهيا آهن، جماعت جي پريس ترجمان محترم وفا شر طاهري مطابق ته تقريبن جو باقاعده افتتاح درگاهه الله آباد شريف ڪنڊيارو جو گادي نشين حضرت سڄڻ سائين جن ڪرڻ فرمائيندا، خصوصي نشست 27 جنوري آچر ڏينهن صبح جو ٿيندي، جنهن ۾ اجتماعي دعا پڻ گهرائي ويندي.

    ( نوٽ: هي مضون سندن جي سالاني عرس مبارڪ جي حوالي سان مختلف اخبارن ۾ شايع ڪرايو ويو، جنهن ۾ روزاني ڪلياڻ، روزاني گراف، روازني فاسٽ ٽائمز، روزاني ارادو لاڙڪاڻو، روزاني مهراڻ حيدرآباد ۽ ٻيو اخبارون شامل رهيون )
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو