سائين عبدالحڪيم ارشد جي پهرين ورسي

'شخصيتون ۽ خاڪا' فورم ۾ اظهر امر طرفان آندل موضوعَ ‏8 فيبروري 2019۔

  1. اظهر امر

    اظهر امر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 جنوري 2019
    تحريرون:
    36
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    48
    هن هيڏي ساري محفل ۾!!!

    اظھر امر

    سنڌ ڌرتيء تي ڪئي انمول ڪردار باذوق ماڻھو پيدا ٿيا آھن جنھن کي قوم ساري ٿي هر ماڻھو پنھنجي ڪم سان پنھنجي نانء سان پنھنجي ڪردار سان سھڻي نموني سان سڃاتو وڃي ٿو انهن انمول باذوق ڪردارن مان سنڌيء ٻولي جو هڪ وڏو نانء جنھن جو ذڪر منھنجي لبن تي بار بار اچي ٿو ڪڏھن ڪڏھن پنھنجي سوچن ويچارن ۾ گم سم هوندو هئس تڏھن سندس تصوير منھنجي اکين آڏو بار بار نظر اچڻ لڳندي هئي اُھو آھي سنڌ ڌرتيء جو ناميوارو شاعر عبدالحڪيم (ارشد) جنھن جو هن ڌرتيء تي جنم 13 جون 1939 تي ڳوٺ لکمير تعلقي ۽ ضلعي نواب شاھه ۾ ٿيو. ياد رهي تي جڏھن 2008 ۾ پ پ جي حڪومت آئي نواب شاهھ جو نالو نواب شاھ ختم ڪري بينظير آباد رکيو ويو. سائين عبدالحڪيم مئٽرڪ اديب سنڌي ۽ اديب مولوي جا امتحان ڏئي 1964ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد پيشي سان مقرر ٿيا جتان سائين 36 سال پنھنجون ذميواريون نڀايون جتان سائين 28 ڊسمبر1998 تي رٽائر ٿي ويا.
    سائين جن کي لکڻ جو شوق ننڍي هوندي کان ئي هيو سائين باقائدا لکڻ جو شروعات 1954 کان ڪئي سائين ارشد جي تخلص سان لکندو رهيو. سائين عبدالحڪيم ارشد شاعري جي سمورين صنفن تي تقريبن طبع آزمائي ڪئي آھي ۽ سنڌ جي ڪهنه مشق شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ قومي ۽ مزاحمتي عنصر وڌيڪ نمايان آهي. ان کان سواءِ سندس شعر ۾ رومانوي رنگ به ڪمال جو آهي. عبدالحڪيم ارشد، پنهنجي همعصر راشد مورائيءَ وانگر اسٽيج جو اهم شاعر آهي. سندس شاعري سنڌ جي مشهور فنڪارن وحيد علي، سرمد سنڌي، سڄڻ سنڌي ۽ ٻين ڳائي آهي. عبدالحڪيم ارشد جو هڪ گيت جيڪو مون کي تمام گھڻو وڻيو مان ڪڏھن ڪڏھن پنھنجي منھن ويٺو هوندو آھيان پيو جھونگاريندو آھيان.
    چوري چوري ڪوئي ڪنهن سان نيڻ ملائي ويٺو آ‘
    هن هيڏي ساري محفل ۾ ڪو پاڻ وڃايون ويٺو آ.
    انهي گيت وحيد علي جي آواز ۾ تمام گھڻي مقبوليت ماڻي اڄ تائين به ڪافي ماڻھو ٻُڌندا رهن ٿا مون اُھو گيت پهريان ٽي وي تي ٻُڌو تي مونکي به ڏاڍو وڻيو هيو سائين عبدالحڪيم ارشد جي شاعريءَ جا پنج مجموعا منظر عام تي آيا، جن ۾ ”ڏيئا ڏات جا“، ”آجپي جي گيت جھڙي شاعري“ ”ٽٽل عڪس سونهن جا“ "آواز اندر جو" "مون نينھن نڀايو ڌرتيء سان" تن مان سائين جو پهريون مجموعو ’ڏيئا ڏات جا‘ 1976ع ۾ ڇپيو، جنهن جو ٻيو ڇاپو مارئي اڪيڊمي نواب شاهه1997ع شايع ڪيو. "ڏيئا ڏات جا" مجموعو ٽيون دفعو 2018ع ۾ خورشيد خضر علمي؛ ادبي ۽ اشاعتي ادارو نواب شاھ طرفان شايع ڪري پڌو ڪيو ويو جڏهن ته سائين جو قومي شاعريءَ جو ٻيو ڪتاب ’آجپي جي گيت جهڙي شاعري‘ ڊسمبر 2010ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، سائين عبدالحڪيم جو سڀني ڪتابن پزيرائي حاصل ڪئي پر سندس ڪتاب "ڏيئا ڏات جا" تمام گھڻو قبول ٿيو جنھن ڪتاب کي ٽي ڀيرا شايع ڪري پڙھندڙن اڳيان پيش ڪيو ويو.
    سائين عبدالحيڪم "ارشد" اخري عمر صفا پيرسن ٿي ويو هيو منھنجي ساڻس روبرو ڪا به ملاقات ڪان هئي سندس شاعر مختلف وقتن تي رسالن وغيره مان پڙھندا رهياسين انهي کان پوء سندس ڪتابن جي پڻ تلاش ڪندو رهيس پر مونکي هٿ ڪون آيا سائين ارشد پنھنجي زندگي جو ڳج سارو حصو سنڌي ادب/آرٽ کي ارپي چُڪو آھي, سندس ادب لاء ڏنل قربانيون وساڻ جھڙيون ناهن سائين ارشد زندگي جي جنگ 6 فيبروري 2018 تي هارائي وڃي مالڪ حقيقي سان مليو. سندس چاهيندڙ سندس قرب ڪچھرين کان محروم ٿي ويا سندس ڏنل ادبي خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون. سندس وڇوڙي کي اڄ پورو سال ٿي رهيو آھي. پر سندس جدائي جو گهاءُ اڃان تازو آھي. اسان ڌڻي در دعاڳو آھيون, مالڪ سائين کيس جنت ۾ جاء عطا فرمائي آمين.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو