عبدالعزيز منڱريو
سينيئر رڪن
پيارا دوستو،
توهان کي هي ٻڌائيندي مون کي بيحد خوشي ٿي رهي آهي ته هاڻي توهان بنان سنڌي سپورٽ انسٽال ڪئي به، ڪنهن به ويب پيج تان سنڌي استعمال ڪري سگھو ٿا.
مون ان لاءِ ڪيمين ويب وارن جي مدد سان سنڌي جي انٽرنيٽ ۽ ويب تي استعمال لاءِ ورچوئل ويب ڪيبورڊ ترتيب ڏنو آهي جيڪو منهجي خيال ۾ سنڌي جي انٽرنيٽ تي استعمال لاءِ اهم ترين سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. رڳو هڪڙي لنڪ بوڪ مارڪ ٽول بار تي گِهلي وڃڻي آهي جنهن کانپوءِ توهان ڪنهن به ويب پيج ۾ سنڌي ۾ لکي سگھو ٿا. جي ميل ۽ ياهو وغيره ۾ اي ميل سنڌي ۾ لکي سگھو ٿا، گوگل ۾ سنڌي ۾ ڳولها ڪري سگھو ٿا، فيس بوڪ ۽ ٻين فورمز يا ويب بلاگز تي سنڌي ۾ لکي سگھو ٿا.
جيئن ويب پيج لوڊ ٿي وڃي، پنهنجي برائوزر جي ٽول بار ۾ سنڌي ڪيبورڊ سليڪٽ ڪيو ۽ پنهنجي مٺڙي مادري ٻوليءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو. هاڻي انٽرنيٽ تي سنڌي لکڻ لاءِ توهان کي ٻي ڪا به شئي انسٽال ڪرڻ جي گھرج ڪانهي.
اهو بوڪ مارڪ توهان منهنجي ويبسائٽ تي به آهي ۽ توهان اهو ڪيمين وارن جي ويب پيج تان به هٿ ڪري سگھو ٿا.
انٽرنيٽ ۽ ويب تي اهڙي سؤلائي سان سنڌي لکڻ جي سهوليت هوندي به اسان سنڌي استعمال نه ڪيون ته پوءِ اسان تي حيف آهي. هاڻي سنڌي استعمال نه ڪرڻ لاءِ اسان وٽ ڪو بهانو ڪونهي.
ٿورائتو ٿيندس جي هي خبر سڀني سنڌي ۽ سنڌ دوستن سان وڌ ۾ وڌ ونڊيندؤ ته جيئن سنڌي جي استعمال کي ترويج ملي.
توهان جو پنهنجو
عبدالماجد ڀرڳڙي
www.bhurgri.com