ڪنهن به ويب پيج تان سنڌي استعمال ڪري سگھو ٿا

'سنڌي ڪمپيوٽنگ' فورم ۾ عبدالعزيز منڱريو طرفان آندل موضوعَ ‏8 جولائي 2010۔

  1. عبدالعزيز منڱريو

    عبدالعزيز منڱريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    80
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    Computer Programmer
    ماڳ:
    Hail, Kingdom of Saudi Arab
    پيارا دوستو،

    توهان کي هي ٻڌائيندي مون کي بيحد خوشي ٿي رهي آهي ته هاڻي توهان بنان سنڌي سپورٽ انسٽال ڪئي به، ڪنهن به ويب پيج تان سنڌي استعمال ڪري سگھو ٿا.

    مون ان لاءِ ڪيمين ويب وارن جي مدد سان سنڌي جي انٽرنيٽ ۽ ويب تي استعمال لاءِ ورچوئل ويب ڪيبورڊ ترتيب ڏنو آهي جيڪو منهجي خيال ۾ سنڌي جي انٽرنيٽ تي استعمال لاءِ اهم ترين سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. رڳو هڪڙي لنڪ بوڪ مارڪ ٽول بار تي گِهلي وڃڻي آهي جنهن کانپوءِ توهان ڪنهن به ويب پيج ۾ سنڌي ۾ لکي سگھو ٿا. جي ميل ۽ ياهو وغيره ۾ اي ميل سنڌي ۾ لکي سگھو ٿا، گوگل ۾ سنڌي ۾ ڳولها ڪري سگھو ٿا، فيس بوڪ ۽ ٻين فورمز يا ويب بلاگز تي سنڌي ۾ لکي سگھو ٿا.

    جيئن ويب پيج لوڊ ٿي وڃي، پنهنجي برائوزر جي ٽول بار ۾ سنڌي ڪيبورڊ سليڪٽ ڪيو ۽ پنهنجي مٺڙي مادري ٻوليءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو. هاڻي انٽرنيٽ تي سنڌي لکڻ لاءِ توهان کي ٻي ڪا به شئي انسٽال ڪرڻ جي گھرج ڪانهي.

    اهو بوڪ مارڪ توهان منهنجي ويبسائٽ تي به آهي ۽ توهان اهو ڪيمين وارن جي ويب پيج تان به هٿ ڪري سگھو ٿا.

    انٽرنيٽ ۽ ويب تي اهڙي سؤلائي سان سنڌي لکڻ جي سهوليت هوندي به اسان سنڌي استعمال نه ڪيون ته پوءِ اسان تي حيف آهي. هاڻي سنڌي استعمال نه ڪرڻ لاءِ اسان وٽ ڪو بهانو ڪونهي.

    ٿورائتو ٿيندس جي هي خبر سڀني سنڌي ۽ سنڌ دوستن سان وڌ ۾ وڌ ونڊيندؤ ته جيئن سنڌي جي استعمال کي ترويج ملي.

    توهان جو پنهنجو

    عبدالماجد ڀرڳڙي

    www.bhurgri.com
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,556
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪنهن به ويب پيج تان سنڌي استعمال ڪري سگھو ٿا

    سائين تمام سٺي خبر آهي۔۔ صرف فيورٽ ڪرڻ سان ئي ڪي بورڊ انيبل ٿي وڃي ٿو۔۔ تمام بهترين۔۔۔ هاڻي ته ڪنهن به جڳهه تي هي ڪي بورڊ استعمال ڪري سگهجي ٿو۔۔۔ ماشاءَالله
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڪنهن به ويب پيج تان سنڌي استعمال ڪري سگھو ٿا

    تمام وڏي خوشي واري خبر آهي ته صرف اسان کي فيورٽ ڪرڻ سان ئي اسان جو ڪي بورڊ سنڌي لکڻ جي اهل ٿئي ويندو اهڙي بهترين معلومات خبر ونڊ ڪرڻ تي مان توهان جو دلي طور تي ممنون آهيان

    سدائين گڏ
     
  4. jamot

    jamot
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2009
    تحريرون:
    135
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ڪنهن به ويب پيج تان سنڌي استعمال ڪري سگھو ٿا

    السلام عليڪم ادا عزيز

    سائين عبدالماجد جي ان ڪاوش جا به اسي ٿورائيتا آهيون۔ الله پاڪ سائين ماجد جي علم ۾ اڃا اضافو عطا فرمائي۔۔۔۔آمين ثم آمين۔
     
  5. نورعلي پاشا

    نورعلي پاشا
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    writer, Director and G.Secretary in Ngo
    ماڳ:
    hyderabad
    جواب: ڪنهن به ويب پيج تان سنڌي استعمال ڪري سگھو ٿا

    پيارا دوست عبدالماجد ڀرڳرِ ي صاحب اسين توهان جي انهي ڪوشش تي ٿورائتا آهيون توهان سنڌي ٻولي کي هٿي ڏيڻ جي لا هي تمام وڏي ڪوشش ڪئي آهي. پر دوست مون انهي کي ٽرائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي مونکان اهيو نه پيو ٿي ضرور مان ئي ڪا غلطي ڪندو هوندس مهرباني ڪري رهنمائي ڪندا
     
  6. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,414
    ورتل پسنديدگيون:
    736
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: ڪنهن به ويب پيج تان سنڌي استعمال ڪري سگھو ٿا

    سائين مهاباني
     
  7. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    340
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڪنهن به ويب پيج تان سنڌي استعمال ڪري سگھو ٿا

    ادا تمام بهترين خوشي جي خبر ڏني اٿو مهرباني.
     
  8. عبدالعزيز منڱريو

    عبدالعزيز منڱريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    80
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    Computer Programmer
    ماڳ:
    Hail, Kingdom of Saudi Arab
    جواب: ڪنهن به ويب پيج تان سنڌي استعمال ڪري سگھو ٿا

    پيارا دوست توهان جي ڳالهه آئون سمجهي ڪون سگهيس، اوهان ڪهڙي غلطي ڪيئي آهي؟ اهو بيان ڪجو؟؟ ۽ ڇا ڪون پيو کلي اهو به بيان ڪجو؟؟ انهي کان سوا اها به گذارش ڪريان ته سائين ماجد صاحب مصروفيتن جي ڪري هتڙي جواب ڪون ڏيئي سگهندو، ڇو ته خاص سنڌي ڪمپيوٽنگ متعلق ڳالهائڻ ۽ جوابن وغيره لا سنڌي ڪمپيوٽنگ جو ياهو وارو گروپ موجود آهي توهان اچي اتڙي جيڪڏنهن ڪجهه به سوال ڪندئو ته توهان کي ميمبرن طرفان ڪيترائي جواب موصول ٿيندا، باقي ڳالهه سنڌ سلامت جي ته هي هر هڪ ٽاپڪ کي ڪوَر ڪري ٿو، سو هتڙي آئون سائين طرفان ڏنل معلومات کي شيئر ڪندو آهيان پر توهان کي سپورٽ ڏيڻ جو واعدو هتڙي ڪون ٿو ڪري سگهجي، سو توهان ڀلي سنڌي ڪمپيوٽنگ جي فورم تي اچي جيڪڏنهن ڪا به سپورٽ گهرندئو ته توهان کي ملي ويندي۔۔ مهرباني
     
  9. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ڪنهن به ويب پيج تان سنڌي استعمال ڪري سگھو ٿا

    ڀاء اهڙي ونڊ ڪرڻ لاء اوهان جا ٿورا ۽ نوازشون​
     
  10. هوش محمد

    هوش محمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 جون 2010
    تحريرون:
    46
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Software Engineering Student
    ماڳ:
    Hyderabad till may 2011, now at Karachi
    جواب: ڪنهن به ويب پيج تان سنڌي استعمال ڪري سگھو ٿا

    واه ڙي ادا عزيز واه۔
    اڙي ادا دل ئي خوش ڪري ڇڏئيي۔ مان ته هن کي انسٽال به ڪري ڇڏيو آهي۔
    هن ونڊ جي عيوِض اسان وٽ ته ڪجه به نه آهي۔ هاهاهاها
    بس دعا ڏئي سگهون ٿا۔ اميد ته توهان سنڌي ٻولي کي ترغيب ڏيڻ لاءِ اڳتي به محنت ڪندا رهندا۔
    دعاگو
    هوش محمد پنهور
     
  11. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڪنهن به ويب پيج تان سنڌي استعمال ڪري سگھو ٿا

    ادا مهرباني
     
  12. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,921
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ڪنهن به ويب پيج تان سنڌي استعمال ڪري سگھو ٿا

    سائين عبدالعزيز پيارا اوهان جي مهرباني جو اوهان هي نئين ڳالهه اسان تائين پهچائي سائين عبدالماجد صاحب جن ته اسان اڳ ۾ ئي احسان مند آهيون سندن لاء‌ اسان جون دعائون آهن ته پاڻ شال صحت سلامتي سان وڏي ڄمار ماڻين ته جيئن سنڌ ٻولي جي خدمت ڪندا رهن ۽‌ اسان کي به الله تعالى‌ توفيق عطا فرمائي ته جيئن سندن معاونت ڪري هن قومي ڪم ۾‌ حصو ڳنڍيون۔
     
  13. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    267
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ڪنهن به ويب پيج تان سنڌي استعمال ڪري سگھو ٿا

    ادا عبدالعزيز اهڙي ناياب ونڊ ڪرڻ تي توهان جي مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو