زراعت جي حوالي سان بهترين ڄاڻ ڏيندڙ ڪتاب

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ اظهر امر طرفان آندل موضوعَ ‏9 فيبروري 2019۔

  1. اظهر امر

    اظهر امر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 جنوري 2019
    تحريرون:
    36
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    48
    زراعت جي حوالي سان بهترين ڄاڻ ڏيندڙ ڪتاب
    ”زرعي سونهون“

    اظهر امر
    زراعت جي حوالي سان هونئن ته ٻيا به کوڙ سارا مضمون پڙهڻ لاء ملن ٿا، پر مٺل جسڪاڻي جي لکڻين کان مان گهڻو متاثر ٿيندو رهيو آهيان. سندس ڪتاب ”زرعي سونهون“ نه رڳو زراعت جي حوالي سان پنهنجو هڪ مقام ماڻيندو، بلڪ هي ڪتاب ادبي حلقن ۾ به پنهنجي هڪ الڳ جاءَ جوڙيندو. ڇو ته هر ليکڪ پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪندو آهي، ته هو پنهنجي قلمي پورهئي کي سُٺي مان سٺو ڪري لکي، ته جيئن پڙهندڙ سندس لکڻين مان متاثر ٿئي. مٺل جسڪاڻي به پنهنجي وس مان گھٽايو ناهي، پنهنجي لکڻين کي خوبصورت نموني سان ٺاهي لکيو آهي.

    پڙهندڙن جي هٿن ۾ جڏهن ”زرعي سونهون“ پهتو، هر طرف مٺل مٺل ٿي وئي. ڇو ته ”زرعي سونهون“ ڪتاب، زراعت جي بنيادي ڄاڻ جي حوالي سان هڪ اهڙو بهترين ڪتاب آهي، جنهن کي عام ماڻهو پڙهي ڄاڻ حاصل ڪري سگھي ٿو. اسان جو عام هاري، زميندار، ائين ته زراعت جي حوالي ڄاڻ رکن ٿا، پر زراعت جي سائنسي ڄاڻ هنن وٽ نه هئڻ جي برابر آهي.
    ”زرعي سونهون“ ڪتاب ٻن حصن ۾ آهي. جنهن ۾ هڪ ڀاڱو زراعت جي بنيادي ڄاڻ جي حوالي سان آهي، جنهن ۾ زندگي، زمين، پاڻي، ٻوٽا، وڻ، موسم، جيت جڻا ۽ ٻين موضوعن سان لاڳاپيل فصلن جي پيداوار جي حوالي سان مواد آهي. ٻئي ڀاڱي ۾ وري فصلوار ۽ ماهوار زرعي ڪم ڪار سان گڏ سنڌ جي اهم فصلن جن ۾ ڪڻڪ، ساريون، جوئر، ٻاجهر ۽ مڪئي، وونئڻ، ڪمند، تيلي ٻج، داليون، ڀاڄيون ۽ مصالحه، ميوا ۽ جانورن جي چاري وارا گاه شامل آهن.
    هن ڪتاب ۾ زرعي ڄاڻ تمام سادن لفظن ۾ سمجهايل آهي. هڪ عام هاري اڻپڙهيل ماڻهو به آساني سان هن ڪتاب مان ڄاڻ حاصل ڪري سگهي ٿو. هن ڪتاب ۾ فصلن جي پيداوار ۽ انهن جي بچاءٌ لاء بروقت ڪهڙا اُپا کڻڻ کپن؟ انهي حوالي سان به آسان ۽ صفا سادن لفظن ۾ سمجهايل آهي. فصل پوکڻ وقت ڪهڙن مونجهارن کي منهن ڏيڻو ٿو پوي؟ انهي بابت به صلاحون هن ڪتاب ۾ سمجهايل آهن. فصلن ۽ باغن ۾ پيدا ٿيندڙ نقصانڪار جيتن ۽ بيمارين جي حوالي سان به سمجهايل آهي.
    مختلف فصل گڏائي پوکڻ، سنڌ ۾ اوهان اڪثر ڏٺو هوندو، ڪٿي ڪٿي ماڻهو ٻه فصل گڏائي پوکين ٿا. انهي جا به ڪيئي فائدا آهن. ڪڻڪ ۽ ڪمند اڪثر ڪري، هن موسم ۾ پوکيو ويندو آهي. اوهان پنهنجي آس پاس ۾ ٿوري نظر ڦيرائندا، ته اوهان کي ڪڻڪ ۽ ڪمند جي گڏيل پوک ٿيل ڏسڻ لاء ضرور ملندي. انهي گڏائي پوک ڪرڻ جا ڪيئي فائدا آهن.
    اسان جي ماحول کي خوش رکڻ لاءِ، اسان کي اڪثر ڪهڙين شين جي ضرورت پوي ٿي؟ انهن مان ڪجھ اهڙا اهم به آهن، جن ۾ پاڻي، ٻوٽا، وڻ، موسم، جيڪي اسان جي موسم، اسان جي ماحول، اسان جي ملڪ لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهم آهن. پاڻي ته اسان جي بنيادي ضرورت آهي.
    اسان جا فصل لهڻ کان پوءِ بچندڙ باقيات بلڪل بلڪل بيڪار ناهي، انهي جا به ڪيترا ئي فائدا آهن. هتي اڪثر ڪري ائين ٿيندو آهي، ته جيڪا به بقايات بچي پوندي آهي، ان کي ساڙيو ويندو آهي. اسان جي ماحول کي گدلو ڪيو ويندو آهي. بقايات ساڙڻ سان ماحول خراب ئي ٿيندو آهي.
    برسات کان پوء زراعت جي بحالي جي حوالي سان مضمون به سٺو آهي. اسان وٽ برسات پوي ٿي، ماحول صاف سٿرو ٿئي ٿو، پر جي برسات گھڻي پوي ٿي، ته نقصان به ٿئي ٿو، اگر گهٽ پوي ٿي، تڏهن به نقصان ٿئي ٿو. جڏهن ته برسات پوڻ سان اسان جو ماحول صاف سٿرو ٿئي ٿو. اسان جي فصلن کي اگر پاڻي وغيره جي کوٽ هوندي آهي، اُها پوري ٿيو وڃي، پر اگر برسات پوي ٿي، اسان جو فصل جيڪو تيار آهي، انهي کي تمام گهڻو نقصان ٿئي ٿو. مثال طور اسان وٽ وونئڻ جو فصل تيار بيٺل آهي. انهي جي دوران اگر برسات پئجي وڃي ٿي، ته ان فصل کي نقصان ضرور ٿيندو، پر خير اوهان انهي کي نقصان مان فائدو سمجهي برداشت ڪريو، ڇو ته برسات قدرت طرفان اچي ٿي، جيڪا گھڻي ڀاڱي اسان جي فائدي مند آهي.
    برسات جي پئجي وڃڻ کان پوءِ اسان کي گهرجي، ته اسان پنهنجي گهر، پنهنجي اوطاق کي برسات کان بچڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا، پنهنجي فصلن کي به بچائڻ جي ڪوشش ڪيون، فصلن ۾ جمع ٿيل پاڻي ٻاهر نيڪال ڪيون، جيڪو به نقصان ٿئي، انهي کي ڇڏي، بقايا فصل کي بچائڻ جي بروقت ڪوشش ڪيون.
    اوهان اهو ضرور ٻُڌو هوندو، ته ڪو به ٻوٽو فضول ناهي. اڳ وڏڙا پهاڪو ٻُڌائندا هئا، ته ڪک ۾ به ڪم پئجي سگهي ٿو. هي وڻ به ڪم اچي سگهن ٿا. هنن وڻن ۾ به ڪيترائي فائدا آهن. تڏهن مٺل به پنهنجي ڪتاب ۾ ٻُڌائيندو هلي، ته ڪو به وڻ فضول ناهي. زمين جو هڪ ذرو به خالي نه ڇڏيو.
    ”زرعي مشاورت: زراعت جي اهميت ۽ ضرورت“، به بهترين مضمون آهي. ڇو ته زراعت اسان جي جيئاپي جي بنيادي ۽ حتمي ضرورت آهي، ڀلي سائنس ڪيتري به ترقي ڪري اڳتي نڪري وڃي، پر پيٽ قوت جو دارومدار زراعت تي آهي.
    اهڙي طرح ”زرعي گريجوئيٽ ۽ خابرو ذريعا“ به ڪارائتو آهي. ڇو ته حقيقت ۾ اُھو روز جو معمول آهي ۽ ان معمول سان گڏو گڏ آبادگار جي ترتيب ۽ رهنمائي نه، انهن کي گمراھ ڪري، کين وڌيڪ پريشان ڪرڻ سان گڏو گڏ، آبادگارن کي ڪاروباري ڪمپنين جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو پيو وڃي!؟
    زرعي سونهون جي ٻئي ڀاڱي ۾ سنڌ اندر ٿيندڙ فصلن جي حوالي سان، انهن جي موسم جي حوالي سان تفصيلن سمجهايل آهي. ڪڻڪ، ساريون، جوئر، ٻاجهر ۽ مڪئي، وونئڻ، ڪمند، تيلي ٻج، داليون، ڀاڄيون، مصالحه، ميوا ۽ جانورن جي چاري وارا گاھـ جي حوالي سان تفصلن سمجهايل آهي. هنن فصلن جي موسمن، مهينن جي حوالي سان ۽ مختلف فصلن کي مختلف وقتن تي لڳندڙ بيمارين ۽ جيتن جي حوالي سان به سٺي ڄاڻ آهي.
    سچ ته ”زرعي سونهون“ زراعت جي بنيادي ڄاڻ جي حوالي هڪ انمول ڪتاب آهي. مٺل جسڪاڻي زرعي يونيورسٽي جي پلانٽ پروٽيڪشن فيڪلٽي ۾ استاد طور پنهنجون ذميواريون نڀائي رهيو آهي، پر انهي سان گڏو گڏ هڪ سٺو شاعر ليکڪ پڻ آهي. سندس ننڍا توڙي وڏا 24 ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن. سائين جا اڃان کوڙ زراعت جي حوالي سان مضمون مختلف اخبارن ۾ ڇپجي رهيا آهن.
    هي ”زرعي سونهون“ ڪتاب، ادبي حلقن ۾ وڏي چاه سان پڙهيو پيو وڃي. هي ڪتاب هر هاري، هر اُهو ماڻهو، جيڪو زراعت سان لاڳاپيل آهي، اُهو ضرور پڙهي، جنهن کي هن ڪتاب مان ڪافي ڄاڻ ملندي.
    هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي نالي واري اسڪالر اديب تاج صحرائي جي فرزند زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي لکيو آهي. سائين جي ڪتاب تي تاثرات منهنجي محسن سائين محمد اسماعيل ڪنڀر لکيو آهي. سائين محمد اسماعيل ڪنڀر پاڻ به سٺو ليکڪ آهي. سندس کوڙ مضمون مختلف اخبارن ۾ پڙهيا اٿم. ٻه اکر اقبال حيدر لکيا آهن. جنهن هن ڪتاب ۾ دل سان سهڪار ڪيو آهي. اقبال حيدر لاڙ هيومنٽيرين اينڊ ڊولپمنٽ پروگرام جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر آهي. ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل، منهنجي ئي ڊپارٽمينٽ جي محنتي استاد سر ابراهيم خاصخيلي صاحب لکيو آهي. هي ڪتاب اظهار پبليڪيشن ٽنڊوڄام طرفان ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي.
    28 نومبر 2018 تي سنڌ ايڪسپريس ۾ شايع ٿيو
     
    TAHIR SINDHI هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو