سنڌسلامت ڊجيٽل سنڌي ڪمپوزنگ

'فورم جا قانون، قاعدا ۽ ضروري اعلان' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏9 فيبروري 2019۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سنڌ سلامت پڻ پنهنجي ٻوليءَ جي بقاء خاطر سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل قيمتي ۽ ناياب ورثي کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ ۽ ان کي نه رڳو محفوظ رکڻ پر پنهنجي اديبن، ليکڪن، محققن ۽ شاعرن جي علم، هنر ۽ مشاهدن کي کي ڊيجيٽلائيز ڪندي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود سنڌين تائين مفت ۾ آسانيءَ سان پهچائڻ جو عزم ڪيو آهي ...ان سلسلي ۾ سنڌ سلامت طرفان ”سنڌ سلامت ڪتاب گهر“ جي ابتدا پهرين جون 2016 تي ٿي هئي..

    شروعات ۾ اهو اندازو نه هو ته ڪتاب گهر لاءِ گهربل مواد آساني سان ملي به سگهندو.. پر ڪتاب گهر جي خوبصورتي ۽ ڪمپيوٽر سان گڏو گڏ موبائيل ڊيوائيسز تي آساني سان استعمال ڪري ان جي مقبوليت ۾ اضافو ٿيندو ويو ۽ پوءِ ڏسندي ڏسندي سنڌ جي اديبن ۽ پبلشرز پڻ سهڪار ڪرڻ شروع ڪيو ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ آن لائين ڪتابن جو تعداد وڌندي 750 جي انگ کي عبوري ورتو .. ان کان علاوه لڳ ڀڳ ايتري ئي تعداد ۾ وڌيڪ ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ شامل ڪرڻ لاءِ اپلوڊنگ جي مرحلي ۾ آهن..

    سنڌ سلامت طرفان سنڌي ادب کي سهنجائي ڏئي بهتر پليٽ فارم پيش ڪرڻ تي نه رڳو سنڌي ادب سان چاهه رکندڙ خوش ٿيا پر ادب تي تلاش، جستجو ۽ تحقيق ڪندڙ پڻ لاڀ حاصل ڪندا رهيا آهن.. ان جو اندازو سنڌ سلامت جي آفيشل اي ميلز تي ايندڙ انيڪ پيغامن مان ٿي رهيو آهي.. جن ۾ سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي ايندڙ مواد جي پسنديدگي جو اظهار سان گڏو گڏ سنڌي ادب جي اهم ڪتابن کي اپلوڊ ڪرڻ جون درخواستون پڻ موڪليون پيون وڃن... پر جيئن ته اهڙا ڪتاب ٽيڪسٽ جي صورت ۾ موجود نه آهن ان ڪري هميشه اپلوڊ ڪرڻ کان معزرت ڪئي وئي آهي..

    جڏهن دوستن طرفان سنڌ جي مها ليکڪن جي مشهور ڪتابن کي ڪمپوز ڪرڻ ۾ مدد جي پيش ڪش ڪئي وئي ته هڪ اهڙي پليٽ فارم کي جوڙڻ جو خيال ذهن ۾ آيو جتي سمورن سنڌين کي دعوت ڏئي سنڌ جي املهه خزاني کي ڪمپوز ڪري سمورين سنڌين تائين پهچايو وڃي..

    ۽ پوءِ سنڌ سلامت ڊجيٽل ڪمپوزيشن جو اهڙو پورٽل جوڙي تيار ڪيو سنڌ سلامت جي ٻن هونهار ساٿين.. هي آهن :
    عبيد الله ٿهيم (سنڌ سلامت لائبريرين ۽ ويب پروگرامر)
    راشد شر (سنڌ سلامت جو ساٿي ۽ ويب ڊزائنر)

    [​IMG]

    سنڌ سلامت ڊجيٽل ڪمپوزيشن جي خوبين ۾ شامل آهن:

    • رجسٽريشن ۾ آسان : سرورق تان ئي سولائي سان رجسٽريشن جي سهولت
    • جامع ڊيش بورڊ : جتي ڪمپوز ٿيندڙ ڪتابن جا تفصيل ۽ پنهنجي طرفان ڪتاب ڪمپوز ڪرڻ لاءِ پيش ڪش جي سهولت
    • ڪمپوز ڪرڻ لاءِ درخواست جي آسان سهولت : ڪمپوز ٿيندڙ ڪتاب توڙي نئين ڪتاب کي ڪمپوز ڪرڻ جي پيش ڪش لاءِ درخواست ڪرڻ جو انتهائي آسان طريقو
    • اطلاع نامه : انتظاميه طرفان وقت بوقت اطلاع وصول يا انتظاميه ڏانهن پيغام موڪلڻ جي سهولت
    • پاڻ مرادو سنڌي لکڻ : ڪمپيوٽر ۾ سنڌي انسٽال نه هجڻ باوجود سنڌي لکڻ جي سهولت
    • استعمال ۾ هلڪو: سنڌي ايڊيٽر جو انتهائي آسان استعمال
    • موبائيل فرينڊلي: ڪمپيوٽر سان گڏو گڏ موبائيل تان ڪمپوزيشن جي سهولت
    • لکڻ دوران پاڻ مرادو محفوظ ڪرڻ جي سهولت: هر 2 منٽن کان پوءِ لکيل مواد جو پاڻ مرادو محفوظ ٿيڻ
    • محفوظ ڪرڻ ۾ سولو: ڪيل ڪم کي بس هڪ ڪلڪ سان محفوظ ڪرڻ
    • ترميم ۾ آسان: پنهنجي ڪيل ڪمپوزيشن ۾ ترميم جي آساني گڏو گڏ ٿيندڙ ڪم کي پروف ريڊنگ جي سهولت
    هتي دوستن کي ٻڌائيندو هلجي ته سنڌ سلامت انتظاميه جي ڪوشش آهي ته بهتر مواد جي چونڊ ڪندي ان کي پهرين بنياد تي اپلوڊ ڪري ڪمپوزيشن لاءِ پيش ڪيو وڃي .. ان کان علاوه ڪو ساٿي پنهنجي طرفان به ڪنهن ڪتاب کي پيش ڪري ڪمپوزيشن جي سهولت حاصل ڪري سگهي ٿو..

    اسان جو مقصد ڪاپي رائيٽ کان آزاد مواد کي آن لائين لائبريري جي صورت ۾ آڻي سنڌ جي قيمتي ۽ ناياب ورثي کي ختم ٿيڻ کان بچائڻ آهي... ۽ هتي موجود سمورا ڪتاب بنا معاوضي پيش ڪيا ويندا آهن ... ان ڪري سنڌ سلامت ڊجيٽل ڪمپوزيشن جو آغاز ان اميد سان ڪجي ٿو ته سنڌي ٻولي جي ڊجيٽلائيزيشن جي اسان جي هن مشن ۾ توهان پڻ پنهنجو حصو اٽڪائي پورو پورو ساٿ نڀائيندا..


    والسلام
     

    فائيل ڳنڍيو:

    • ssdc.png
      ssdc.png
      فائيل سائيز:
      788.6 KB
      ڏٺو ويو:
      0
    رحيم بخش، سليمان وساڻ، TAHIR SINDHI ۽ 3 وڌيڪ هيء پسند ڪيو آهي.
  2. بوزدار مصطفى

    بوزدار مصطفى
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2016
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    93
    بھترين سھولت.................سنڌي ادب جي واڌاري ۽ حفاظت لاءِ پروڙيندڙ.........سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام.... جس لھڻو سائين. ھي پروجيڪٽ سنڌي ڪتابن جو وڏو خزانو جمع ڪري سگھي ٿو.........بس رڳو ساٿين کي ھاڻي قلم کڻڻ بدران ڪي بورڊ تي ٽائپنگ ڪرڻي آھي....
     
    TAHIR SINDHI ۽ محمد راشد شر هيء پسند ڪيو آهي
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    بهترين سائين. راقم لاءِ ڪو حڪم هجي ته حاضر آهي.
     
    محمد راشد شر ۽ سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو