ڇا اخلاقيات لاءِ مذھب ضروري آھي؟

'تاريخ، فلسفو ۽ سياست' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏11 فيبروري 2019۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,770
    ورتل پسنديدگيون:
    5,821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    (ڊاڪٽر خالد سھيل)
    سنڌيڪار: عبدالحفيظ لغاري​

    ڪينيڊا جي HUMANIST ASSOCIATION ۾ منھنجي ليڪچر کان پوءِ ھڪ عورت مون کان سوال ڪيو ”ڊاڪٽر سھيل، آءُ ھڪ عيسائي آھيان، آءُ پنھنجي زندگي بائبل جي تعليم جي روشنيءَ ۾ گذاريان ٿي، اوھان انسان دوست آھيو، جيڪڏھن اوھان خدا يا ڪنھن آسماني ڪتاب ۾ يقين نہ ٿا رکو تہ اوھان جي اخلاقيات جو محور ڇا آھي؟“

    مون ان عورت کي چيو تہ ”اوھان جو سوال اھم آھي، انھيءَ جو جواب ڏيڻ لاءِ مون کي ھڪ مضمون لکڻو پوندو، ٿورن لفظن ۾ رڳو ايترو چئي سگھان ٿو تہ صدين جو سفر ڪري انساني ارتقا انھي منزل تي پھتي آھي جتي انساني نفس ۾ ھڪ ذاتي ضمير ۽ سماجي شعور پيدا ٿي چڪو آھي انھي ضمير ۽ شعور جي اچڻ کان پوءِ ماڻھن کي آفاقي ھدايت جي ضرورت ناھي رھي“.

    انساني تاريخ جي مطالعي مان آءُ انھي نتيجي تي پھتو آھيان تہ اخلاقيات لاءِ مذھب ضروري ناھي. ھر صديءَ ۾ ھر معاشري ۾ اھڙا مفڪر ۽ دانشور پيدا ٿيا آھن جن انسان دوستيءَ جو درس ڏنو آھي. انھي فلسفي جي بنياد انساني تجربن ۽ مشاھدن مان حاصل ڪيل تعليم تي ٻڌل آھي ۽ اھو ئي شعور اسان جي انفرادي ۽ اجتماعي ھدايت جو محور آھي.

    ايڪويهين صديءَ جو انسان آزاد ۽ خود مختيار آھي. کيس اھو اختيار مليل آھي تہ ھو وچ اوڀر ۾ جنم وٺندڙ انھن روايتن جي پوئلڳي ڪري جيڪي پيغمبرن ۽ صحيفن ذريعي انسانن تائين پھتيون يا وري ھو انھي سيڪيولر اخلاقيات، فلسفي ۽ نفسيات جي تعليم مان فائدو وٺي جيڪي نفسيات جي سيڪيولر ماھرن ۽ انسان دوست فلسفين چين، ھندستان، يورپ ۽ يونان مان متعارف ڪرايا. سيڪيولر دانشورن ۽ انسان دوست مفڪرن جي فھرست ڪافي ڊگھي آھي. آءُ ھن ڪالم ۾ دنيا جي مختلف خِطن مان صرف پنج انسان دوست دانشورن جي اخلاقي ۽ سماجي تعليم تي توجہ ڏيندس تہ جيئن اوھان جو انھي مڪتبہِ فڪر سان تعارف ٿي سگھي.

    1. ڪنفيوشس CONFUCIUS

    جڏھن اسان انساني تاريخ جو مطالعو ڪندا آھيون تہ اسان کي خبر پوي ٿي ڪنفيوشس اھو پھريون انسان دوست مفڪر ھو جيڪو 551 ق م ۾ چين ۾ پيدا ٿيو ھو جنھن انسانيت کي سنھري اصول سان متعارف ڪرايو ھو جيڪو ھاڻي GOLDEN RULE جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو. انھي اصول کي اسان ايئن بيان ڪري سگھون ٿا تہ ٻين سان اھڙو ئي سلوڪ رکو جنھن جي توقع اوھان پنھنجي لاءِ ڪريو ٿا تہ ٻيا اوھان سان رکن.

    ڪنفيوشس جو مؤقف ھو تہ انسان بنيادي طور سٺا آھن کين حالتون برو ٿيڻ تي مجبور ڪن ٿا.

    توڙي جو ڪنفيوشس ھڪ غريب گھراڻي جي اکين جو نور ھو پر پنھنجي علم ۽ دانائي سبب ايڏو تہ مقبول ٿيو جو ملڪ جو وزير بڻجي ويو. ھو حاڪمن کي نصيحت ڪندو ھو تہ ھو پاڻ بہ انھن اصولن تي عمل ڪن جيڪي ھو پنھنجي عوام کي سيکارڻ چاھين ٿا.

    ايڪويهين صديءَ جا ڪافي دانشور ڪنفيوشس کي انسان دوست نظرئي جو باني سمجھن ٿا ڇو تہ ان جي بھتر انسان ٿيڻ جي فلسفي ۾ ڪٿي بہ خدا، مذھب، آسماني ڪتاب، جنت ۽ دوزخ جو ڪو بہ ذڪر ناھي.

    2. ٻڌ BUDDHA

    ٻيو سيڪيولر فلسفي ٻُڌ ھو جيڪو 563 ق م ھندستان ۾ پيدا ٿيو. ننڍپڻ ۾ ھو سڌارٿا جي نالي سڃاتو ويندو ھو. ذاتي رياضت مان جڏھن ھو خود شناسي جي منزل تي پھتو تہ ٻُڌ جي نالي سان سڏجڻ لڳو جنھن جو مطلب آھي اھو شخص جنھن معرفت حاصل ڪري ورتي ھجي. ھن پنھنجي دؤر جي مذھبي عقيدن ۽ وسوسن تي سوال اٿاريا ۽ اخلاقي روايتن ۽ قانونن کي چئلنج ڪيو. ھن ماڻھن کي اھا تعليم ڏني تہ ھو پنھنجي دل ۽ عقل تي ڀروسو ڪرڻ سِکن ڇو تہ انسان جو پنھنجو تجربو ئي ان جو وڏو استاد آھي. ٻُڌ فرمايو ھو تہ

    ڪنھن ڳالھہ تي يقين رڳو ان ڪري نہ ڪريو تہ اھا ڪنھن بزرگ ڪئي آھي

    ڪنھن ڳالھہ تي رڳو ان ڪري يقين نہ ڪريو تہ اھا سڀ مڃن ٿا

    ڪنھن ڳالھہ تي يقين ان ڪري بہ نہ ڪريو تہ اھا قديم صحيفن ۾ ذڪر ٿيل آھي

    ڪنھن ڳالھہ تي يقين رڳو ان ڪر ي بہ نہ ڪريو تہ اھو بيان غيب مان آيو آھي

    ڪنھن ڳالھہ تي يقين اھو ڏسي بہ نہ ڪريو تہ ان تي سڀني کي يقين آھي

    رڳو ان ڳالھہ تي يقين ڪريو جيڪا اوھان جي پنھنجي ذات سچ سمجھي ۽ پرکي ورتو ھجي.

    3. ھپو ڪريٽس HIPPOCRATES

    ھپوڪريٽس ٽيون وڏو فلسفي آھي جنھن کي سيڪيولر طِب جو باني سمجھيو وڃي ٿو. ھو 460 ق م ۾ يونان جي جزيري ڪوس ۾ پيدا ٿيو ھو. 100 سال ڄمار ماڻي ھئس. ھو پھريون فلسفي ھو جنھن طِب کي مذھب کان جدا ڪيو ھو ۽ انھي ڳالھہ تي توجہ مرڪوز ڪرائي ھئي تہ انسان جي ذھني بيمارين جا سبب ان جي پنھنجي ذات ۾ ئي لڪل آھن. ھپوڪريٽس ڏٺو تہ جڏھن ماڻھو بيمار ٿين ٿا تہ سمجھن ٿا خدا کين انھي عذاب ۾ وجھي رھيو آھي ڇو تہ کانئُن ڪو گناھہ ٿي ويو آھي. انھن ڏينھَن ۾ بيمارين کي دور ڪرڻ لاءِ ماڻھو ديوتائين آڏو قربانيون پيش ڪندا ھئا. ڪي ماڻھو سمجھندا ھئا تہ بيماريون ڪنھن جن ڀوت جو سايو آھي. ھپوڪريٽس گناھن جي مذھبي عقيدن تي سوال اٿاريا ۽ وسوسن کي چئلينج ڪيو ھو. ھِن پنھنجي مشاھدن ۽ تجربن آڌار بيمارين جا طبي ۽ سيڪيولر سبب پيش ڪيا. ھن اھو پڻ ٻُڌايو تہ انساني بيماريون ناقص غذا ورزش جي ڪمي ۽ ننڊ جي خرابي ۽ غير صحتمند زندگي سبب پيدا ٿين ٿيون. ھو پنھنجي مريضن کي مشورو ڏيندو ھو تہ دعائن ۽ قربانين بدران مناسب غذا کائو ۽ معمول موجب ورزش ڪريو. پنھنجي زندگيءَ جو معيار بھتر بڻايو. سندس چوڻ ھو تہ صحت جو راز دعائن ۽ قربانين ۾ ناھي بلڪہ ھڪ صحتمند زندگي جي معمول ۾ لڪل آھي.

    4. وڪٽر فرينڪل VICTOR FRANKLE

    چوٿون انسان دوست فلسفي فرينڪل ھو. ھو ھڪ يورپي ماھرِ نفسيات ھو جيڪو 1905ع ۾ پيدا ٿيو. سندس ڪتاب MAN’S SEARCH FOR MEANING ھڪ گھڻ وڪرو ٿيندڙ ڪتاب ھو جنھن جو 20 ٻولين ۾ ترجمو ٿيو ھو. وڪٽر فرينڪل جيئن تہ ھڪ يھودي ھو ان ڪري ڪيئي سال نازي ڪئمپن ۾ گذاريائين. ھولوڪاسٽ ۾ سندس خاندان جا ڪيئي ڀاتي ماريا ويا. اتان آزادي کان پوءِ ھن علاج لاءِ ھڪ نفسياتي طريقو ڳولي لڌو جنھن کي LOGOTHERAPY چون ٿا. انھي علاج جي طريقي ۾ مؤقف اھو آھي تہ انسان پنھنجي ڏکن کي منھن ڏيئي سگھي ٿو جيڪڏھن انھن جي معنى تلاش ڪري. انھي فلسفي ماڻھن کي سيکاريو تہ ھو پنھنجي ڏکن جي معنى مذھب بدران پنھنجي ذات ۾ ڳولين ۽ خوش رھن.

    5. ابراھم ميسلو ABRAHAM MASLOW

    پنجون ھيومنسٽ فلاسفر ابراھم ميسلو ھو. ھو ھڪ آمريڪي ماھرِ نفسيات ھو جيڪو 1908ع ۾ پيدا ٿيو. سندس ڪتاب MOTIVATION AND PERSONALITY ڏاڍو مقبول ٿيو ھو. انھي ڪتاب ۾ ميسلو انساني نفس جي بنيادي ضرورتن جي نشاندھي ڪئي ۽ پوءِ انھن ضرورتن کي مختلف درجن ۾ ترتيب ڏنو.

    پھريون درجو بُک ۽ اُڃ جو آھي

    ٻيو درجو ذات جي حفاظت جو آھي

    سڀني کان مٿاھون درجو انسان جي تخليقي ضرورت جو آھي. جڏھن انسان پنھنجيون بنيادي ضرورتون پوريون ڪري وٺندو آھي تہ ھو انھي قابل بڻجي ويندو آھي تہ ھو ٻين جي خدمت ڪري. ابراھم ميسلو جو خيال ھو تہ اھڙا ماڻھو پنھنجي ذات جي گھرائي ۾ لھي پنھنجي سچ ۽ تخليقي جوھر کي ڳولي لھندا آھن ۽ پوءِ سڄي دنيا آڏو شاعر، فلسفي، فنڪار، سنت، ساڌو، صوفي، مصلح بڻجي ظاھر ٿيندا آھن. ھي اھي دانشور آھن جيڪي انساني ارتقا جي سفر ۾ رھنما ثابت ٿيندا آھن.

    ابراھم ميسلو جو مؤقف ھو تہ روحاني تجربا انساني نفسيات جو حصو آھن ۽ انھن تجربن لاءِ انسان جي ڪنھن بہ خدا يا مذھب تي ايمان آڻڻ ضروري ناھي. اھي تجربا ھڪ دھرئي کي بہ ٿي سگھن ٿا ۽ ھڪ صوفي کي پڻ. ھن اھڙن تجربن کي PEAK EXPERINCE جو نالو ڏنو ھو. ھن روحاني تجربن جي اھڙي نفسياتي تشريح پيش ڪئي آھي جيڪا مذھبي توڙي غير مذھبي، ٻنھي مڪتبہِ فڪر جي ماڻھن پاران قبولڻ جوڳي آھي.

    دنيا جي مختلف ملڪن مان پنج انسان دوست فلسفين جي چونڊ جو مقصد اھو ھو تہ صدين کان سيڪيولر فلسفي ۽ انسان دوست نفسيات جا ماھر اخلاقيات جا بنياد رکي رھيا آھن ۽ انھي بنياد تي انسان دوستيءَ جا فلسفي جي وڏي عمارت جوڙي رھيا آھن.

    ايڪويهين صدي ۾ انسانن کي اھو اختيار آھي تہ ھو آسماني مذھبن جي روشني جي روايتن تي عمل ڪن يا جديد نفسيات ۽ فلسفي آڌار سيڪيولر روايتن کي اختيار ڪن. گذريل ٻن صدين ۾ سيڪيولر روايتن کي مڃڻ وارن جي تعداد ۾ اضافو ٿي رھيو آھي. 1900ع ۾ آزاد خيال انسان دوست ماڻھن جي سڄي دنيا ۾ تعداد ھڪ سيڪڙو ھئي. 2000ع ۾ اھا تعداد وڌندي وڌندي پنڌرھن سيڪڙو ٿي وئي. ڪينيڊا ۾ اھڙن ماڻھن جي تعداد ويھہ سيڪڙو آھي ۽ اسڪيونڊين ملڪن ۾ ان جي تعداد پنجاھہ سيڪڙو کان مٿي آھي.

    سيڪيولر انسان دوستي جي ڪاميابي جي ھڪ وجہ اھا آھي تہ اولھہ ملڪن ۾ مذھبي قانون بدران سيڪيولر قانون لاڳو ڪيا ويا آھن جن ۾ گناھہ بدران جرم جو تصور مقبول ٿي چڪو آھي. جڏھن ڪو شھري جرم ڪندي پڪڙيو ويندو آھي کيس جھنم پھچائڻ بدران عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو آھي جتي جج يا منصفن جو ٽولو سندس سزا جو فيصلو ڪندا آھن. انسان دوست فلسفي جي ڪوشش آھي تہ ھر ملڪ ۾ سڀني شھرين، خاص طور عورتن ۽ اقليتن کي برابر جا حق ۽ فائدا مليل ھجڻ گھرجن. اقوامِ متحدہ جي انساني حقن جي عالمي پڌرنامي سيڪيولر اخلاقيات ۽ قانون کي مقبول ۽ لاڳو ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي.

    جيڪڏھن اسان سڄي دنيا کي ٿلھي ليکي ڏسون تہ اسان کي اندازو ٿيندو تہ ڪيترن ئي روايتي ۽ مذھبي ملڪن ۾ بہ آھستي آھستي سيڪيولر نظرين ۽ انسان دوستي جي روايتون مقبول ٿيڻ لڳيون آھن جنھن جي نتيجي ۾ ماڻھو پنھنجي ذاتي، سماجي ۽ سياسي زندگي ۾ سيڪيولر اخلاقيات جي پوئلڳي ڪندي آزادي حاصل ڪري رھيا آھن ۽ پنھنجي حقن لاءِ پتوڙي رھيا آھن.

     
    Abdul Fatah Abro هيء پسند ڪيو آهي.
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,486
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    اخلاقيات لاءِ مذهب ضروري آهي، ۽ ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته اخلاقيات مذهب ئي سيکاري ٿو. مٿي جن اسڪالرن جي نظرين کي ڊسڪس ڪيو ويو آهي، اهي پاڻ مذهب کان متاثر ۽ مذهب کان شروعات ڪري چڪا هئا. نبي اڪرم ص جن جي حديث آهي ته : ”ڪل مولود يولد علي الفطره“ يعني هر ٻار فطرت تي جنم وٺندو آهي ، ان کان پوءِ ڪير کيس يهودي ڪندو آهي ڪير کيس عيسائي يا دهريو.
    دنيا ۾ دهريو ڪرڻ جا جيڪي تجربا ڪجھ وقت اڳ جنهن شدت سان ٿيا هئا، يقينا اڄ اها شدت ڪونه آهي، ڇو ته اهو تجربو به سندن ناڪام ٿي ويو، ڇو ته جيڪو به تجربو فطرت جي خلاف هوندو يقينا اهو ناڪام ٿيندو.
    محترم ڊاڪٽر صاحب! هي تمام ڪمزور لکڻي آهي، خبر نه آهي ته اوهان ان ۾ اهڙو ڇا ڏٺو جو هن جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو، اوهان پنهنجو نقطه نظر به ڪونه ٻڌايو ته اوهان پاڻ ان نظريي سان متفق آهيو يا ڪونه؟
    پي ڪي اڃان ياد آهي.
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,770
    ورتل پسنديدگيون:
    5,821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ڪمزور لکڻيون پڙھبيون تہ مضبوط لکڻين جي طاقت جو اندازو ٿيندو.
    آءُ اڃان مشاھدن، سکڻ ۽ سمجھڻ جي مرحلن ۾ آھيان. راءِ ڏيڻ لاءِ علم کپي جيڪو اڃان ڪافي ناھي.
     
  4. Abdul Fatah Abro

    Abdul Fatah Abro
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 مئي 2019
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
     
  5. Abdul Fatah Abro

    Abdul Fatah Abro
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 مئي 2019
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو