مونجهارا تون چور اسين ڀاڳيا آھيون

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏13 فيبروري 2019۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    ڪامريڊ منان چانڊيو
    ھي سٽون لکندي انتھائي ڏک ڪاوڙ سان گڏوگڏ بيحد خوشي ۽ دلي سڪون ملي رھيو آھي غم غُصو انڪري ٿي رھيو آھي ته ھڪ بيگناھ قومي ڪارڪن کي باقاعده اڳواٽ رٿابندي موجب نامي گرامي ڏوھارين جي منظم گروه جي سرپرست ڏينھن ڏٺي جو سرعام عوام جي ھجوم اڳيان وڏي بيدردي سان گولين جو بک بڻائي ڇڏيو.اھڙي ڪبيره گناھ جي نتيجي ۾ جتي ارشاد رانجھاڻي جو غير فطري ۽ اذيتناڪ موت ٿيو اُتي ھُن جي جوان گھر واري بيواهه ۽ معصوم ٻچڙا يتيم ٿي ويا. نه صرف اُھو پر ھُن جي پوڙھي امڙ پنھنجي لخت جگر جو اوچتو وڇوڙو سيني ۾ سانڍي عمر ڀر لئه تڙپندي رھندي.افسوس ان ڳالھ جو به آھي ته ھڪ ڌرتي ڄائي کي واٽ ويندي پنھنجي ئي شھر ۾ ھڪ ڌارين رھزن رحيم شاھ عرف افغاني ڀڳوڙي گولين سان گھائي لُڇندڙ جسم تي چٿرون ڪندي انسانيت جي اعلي قدرن جي توھين ڪئي. پاڻ فرحت ان ڪري محسوس ڪري رھيا آھيون ته سنڌ واسين جي زبردست ۽ شاندار ٻڌي, خوداعتمادي ۽ گڏيل جذبي يا عملي قدم کڻڻ جي ڪري سنڌ ڌرتي جي پاڪ پوتر ۽ اڇي اُجري وجود تي بار ۽ پليت پير رکندڙ دھشتگرد کي فلحال ھٿن ۾ ھٿ ڪڙول پارائي ڇڏيا آھن. اسين جڏھن ارشاد جي بي قصور وھايل ريٽي رت سان انصاف لاء سنڌين جي مڙي مُٺ ٿيڻ کانپوء سنڌ سرڪار جي سي ايم صاحب جو ذنگيل ذھن گھري ننڊ مان ڄڻ ته ڇرڪ ڀري اٿي کڙو ٿيو اھڙي ريت عوامي اھنجن جي پيڙاء ۽ دردن جي دانھن ٻُڌڻ ۽ ورنائڻ کان آري ٿيل ھُن جي سمائتُن جا پڙدا به ٺڪاءُ ڏئي ٻُڌڻ جي سگھ سارڻ جا قابل ٿي ويا. ڏٺو وڃي رهزن رحيم شاهه جي گرفتاري ۾ اهم ڪردار ميڊيا جو آهي جتي سنڌي ميڊيا جي تجربيڪار صحافين ۽ ميڊيا هائوسز ۾ ويٺل نيوز ايڊيٽرن ۽ ٻين سيڪشنن سان لاڳاپيل فردن پنهنجو فرض ادا ڪيو اتي وري سوشل ميڊيا ته سنڌ جي تاريخ ۾ پاڻ کي رقم ڪري ڄڻ ته هڪ ننڍڙو انقلاب برپا ڪري ڇڏيو آهي. حقيقت ۾ اهو سوشل ميڊيا جو ڪمال آهي جنهن سنڌ جي هر وستي شهر شهر جي گهٽي گهٽي ۽ چونڪ چونڪ تي ماڻهن کي ڪٺي ڪرڻ ۾ سرخرو پڻ ٿئي. باقي جيسيتائين سوال آهي سنڌ جي قومپرست ترقي پسند ۽ کاٻي ڌر جي سياسي پارٽين ۽ انهن جي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن جو ته انهن سنڌي قوم سان ٿيندڙ قومي طبقاتي ۽ روز مرهه جي معامرن ۾ جيڪي ڏاڍايون ورهين کان وٺي ٿينديون پيون اچن انهن خلاف سدائين سياسي تنظيمي افرادي ۽ مالي قوت توڙي نيٽ ورڪ جي آڌار بنا خوف خطري لالچ لوڀ ۽ اقتدار پرستي جي هوس پاڻ ملهايو آهي. ڏٺو وڃي ته ارشاد رانجهاڻي واري افسوسناڪ واقعي تي سوشل ميڊيا تي جيڪا ڀرپور ۽ اثرائتي مهم هلي ڪاميابي جي منزل ماڻي ان جي ٿوري جهلڪ تيونس ۽ مصر ۾ ٽن ڏهاڪن تائين آمريتي حڪومتن جون موجون ماڻيندڙ بترتيب صدر معمون عبدالقيوم ۽ حسني مبارڪ جو اقتدار کان بي دخل ٿيڻ آهي. ها اها ٻئي ڳالهه آهي ته اتان جي سوشل ميڊيا جي وسيلي جيڪي آمريتون گهر ڀيڙيون ٿيون انهن جي جڳهه تي وري ڪي ٻيا لڳ ڀڳ ساڳئي قسم جاحڪمران اچي ويا. پاڻ جڏهن ارشاد رانجهاڻي جي شهادت جو ذڪر ۽ ميڊيائي مهم جي ڳالهه ڪنداسين ته پوء هونئين ته پهرين ڏينهن کان وٺي اها مهم سنڌ جي چپي چپي تائين پکڙيل هئي پر خاص ڪري ڪارساز واري جڳهه تي سوشل ميڊيا جي سڏ تي جيڪي هزارين ماڻهون اچي گڏ ٿيا انهن ۾ سياسي پارٽين جي ڪارڪنن کان سواء مختلف مڪتب فڪر سان لاڳاپيل سڄاڻ ڌريون ۽ فرد جهڙوڪ وڪيل اديب شاعر فنڪار اداڪار صحافي سماجي ورڪر شاگرد دوڪاندار مذدور ۽ عام ماڻهو پنهنجي پنهنجي حصي جو اهڙو ته منظم ۽ پرامن ڪردار ادا ڪندي گڏيل آواز بلند ڪيو جو ڪراچي جون هوائون قاتل رحيم شاهه ۽ ان جي ساٿاري پوليس وارن کي گرفت ۾ آڻڻ لئه طوفان بنجي گهلڻ لڳيون جن جي تيز جهوٽي ۾ رهزن رحيم شاهه جي بدبوءُ دار بدن کي زنجير پارائي ڇڏيا. نه صرف اهو پر سنڌ سرڪار جي چيف جي ٻن وزيرن کي به جهوٽي سان ڌرڻي واري جاء تي گهلي آيون. وڏي ڳالهه اها به آهي ته خود مرشد مراد علي شاهه صاحب به سنڌ اسيمبلي جي فلور تي اُڀ پيرو بيهي وڏي آواز ۾ چئي ڇڏيو ته سنڌ کي پوليس اسٽيٽ بنجڻ نه ڏبو. سائين جن جي جوهر خطاب مان ائين پيو لڳي ته هو پوليس جي منفي ڪردار ۽ قاتل رحيم شاهه جي رهزني متلعق ڄڻ ته ڪو عام ماڻهو ڳالهائيندو هجي. هو جنهن پوليس جي بدمستي جي ڳالهه ڪري رهيو هيو اها ڄڻ هن کان ڏاڍي ۽ پهچ کان پري هجي. سائين جن اهو ڇو ٿا وساري ويهن ته گذريل ڏهن سالن کان وٺي سنڌ ۾ سندن پارٽي جي حڪومت هلندي پئي اچي . ته ڇا ان ڏهاڪو سالن واري عرصي دوران سواء آء جي اي ڊي خواجه کان ڪو هڪ اهڙو به پوليس جو ننڍو وڏو آفيسر هيو جيڪو سندن مرضي منشا موجب مقرر نه ٿيو هجي. ڇا ڪراچي جي ملير ضلعي جو اڳوڻو دبنگ ايس ايس پي رائو انوار جيڪو ڪراچي ۾ ڪوڙن مقابلن وسيلي سوين ماڻهن کي ماريندڙ هيو ان جي شان ۾ رئيس وڏي بهادر پوليس آفيسر جهڙا لقب ڪون ڏنا.ڇا اڳوڻو آء جي غلام قادر جمالي جيڪو پوليس وارن جي وردين کان نه مڙيو اهو سندن نور نظر ڪون هيو. ڇا هاڻوڪو آء جي ڪليم امام صاحب سنڌ سرڪار جي سفارش تي مقرر ٿيل ڪونهي.ڇا هڪ ايس ايس پي عرفان بهادر جهڙو غير ذميوار جنهن ڪجهه سال اڳ گهوٽڪي ۾ مقرري دوران اسڪول جي امتحاني سينٽرن تان ڪاپي جي بهاني ٻن سنڌي نياڻين کي سري عام کڻي گاڏي گشت ڪون ڪرايو.چوڻ جو مقصد ته هن وقت سنڌ ۾ جيڪي به پوليس آفيسر مقرر ٿيل آهن اهي سنڌ سرڪار جي والي وارثن وزيرن ڪبيرن ۽ سياسي ڀوتارن جا مقرر ڪرايل ڪون آهن .۽ سندن درن جون حاضريون نٿا ڀرين.ٻئي ڳالهه ته سائين جن نه صرف سنڌ جو چيف منسٽر آهي پر پوليس کاتي جا قلمدان به وٽس آهن .انڪري پوليس سنڌ ۾ جيڪي به بي گناهه ماڻهن کي فل فراء هاف فراء جهڙا غيرقانوني غيرانساني ڪم ڪري ٿي يا ڏوهاري گروهن ۽ سماج دشمن عنصرن جي پشت پناهي ڪري رهي آهي ان جي به ذميواري سائين جن تي عائد ٿئي ٿي. پاڻ ڳالهه پئي ڪئي سين سنڌي ماڻهن جي اجتمائي شعور ۽ انساني همدردي واري نيڪ جذبي ۽ عمل جي ته رحيم شاهه جي گرفتاري تي به معامرو ختم ناهي ٿيو هن سان گڏ ٻيا جيڪي پوليس آفيسر رانجهاڻي جي وهايل رت ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن انهن کي به بنا ڪنهن دير جي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي تڏهن ئي سنڌي ماڻهن جي هلايل جدوجهد ڪامياب ۽ ڪامران حقيقي ۽ آخري منزل تي رسندي . اسان کي اميد آ ته سنڌ جا سمورا گهڻگهرا ۽ ساڃاهه وند جهڙي ريت ارشاد رانجهاڻي جي ڏک کي طاقت ۾ تبديل ڪري بنا ڪنهن سياسي وابستگي ۽ذاتي توڙي مالي مفادن جي ظلم خلاف سينا سپر ڪري مظلوم جو آواز بنجي ڏاڍ ڏمر کي للڪاري کيس ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيو اهڙي ريت ش آئنده به پوري سنڌ جو سگهارو آواز بنجي وقت جي نااهل حڪمرانن انا پرست غرور ۽ تڪبر ۾ ورتل ڀوتارن ڪرپٽ آفيسرن ۽ سنڌي سماج لئه ناسور بنيل سماجي برائون پيدا ڪندڙ ننڍن وڏن ڏوهارين جي آڏو شيهي جي ديوار بنجي پنهنجو مثالي ڪردار ادا ڪندا ته جئين سنڌ سنڌين لئه جنت بنجي وڃي. اسين آخر ۾ سنڌ سرڪار ۽ وفاقي حڪومت کان گهر ڪيون ٿا ته بي گناهه ماريل ارشاد رانجهاڻي جي پوئنرن جي مالي سهائتا ڪئي وڃي.
     
    TAHIR SINDHI هيء پسند ڪيو آهي.
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ليک سٺو آهي، البته تيونس جو حڪمران مامون عبد القيوم نه هو ، مامون عبد القيوم مالديپ جو صدر هو. ٻي ڳالھ ته هن اشو کي عرب اسپرنگ سان ڀيٽائي نه ٿو سگهجي، هو ٻي ڳالھ هئي ۽ هي ٻي ڳالھ آهي.
    ارشاد رانجهاڻي جي ناحق قتل خلاف سنڌين بهترين مثال قائم ڪيو، البته ان جو مطلب هرگز هي نه آهي ته اسين سڀني پٺاڻن سان قاتل وارو رويو رکون، ڇوته ڪجھ اطلاع ملن ٿا ته ان سلسلي ۾ سنڌ جي ڪجھ علائقن ۾ پٺاڻن کي قتل ڪيو پيو وڃي، اهڙو عمل رحيم شاه جي عمل کان مختلف نه آهي.
    هڪ ڳالھ خوشي جي ضرور آهي ته شهيد رانجهاڻي پاڻ ته شهيد ٿي ويو، پر لکين ڌرتي مالڪن کي سڄاڳ ضرور ڪري ويو. ڪراچي ۾ ٿيل قتل تي ساري سنڌ جي اجتماعي شعور جو سڄاڳ ٿيڻ خوشي جي ڳالھ آهي، اميد آهي ته اهڙي طرح اڳتي سنڌي پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي واسين جي مالڪي ڪندا ۽ مٿن ڪو به ظلم برداشت نه ڪندا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو