جاويد جبار جي ڪتاب زنگجي ويل ننڊ

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ اظهر امر طرفان آندل موضوعَ ‏15 فيبروري 2019۔

  1. اظهر امر

    اظهر امر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 جنوري 2019
    تحريرون:
    36
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    48
    جاويد جبار جي ڪتاب زنگجِي ويل نِنڊ تي هڪ نظر!!
    اظهر امر

    ٽنڊو الهيار شهر هر شيءِ سان مالا مال ۽ سرسبز ضلعو آهي، انهي سان گڏو گڏ ادبي حوالي سان هي ضلعو به پنهنجي مٽ پاڻ آهي. هن ضلعي ۾ وائي جي وڏي شاعر شاھ عنايت رضوي مولودن جي حوالي سان پير اشرف شاھ ڪافين جي بادشاھ مصري شاھ ۽ ڪلاسڪ جو سنگم مرتضي شاھ ڏاڏاهي ٻيا به کوڙ سارا شاعر جنم ورتو آهي انهن پيارن ۾ هن ٽنڊو الهيار ضلعي جي تعلقه چمبڙ سان تعلق رکندڙ جاويد جبار دائودپوٽو به سٺي شاعرن ۾ لکيو وڃي ٿو،
    سنڌ اندر ٻئين ڪيترين ئي صنفن تي ڪم ٿي چُڪو آهي شاعر ٻين به ڪيترين صنفن تي شاعري سرجهائي رهيا آهن. پر هن نواجوان جاويد جنهن صنف تي ڪم ڪيو آهي اُنهي صنف تي هن وقت ڪنهن به شاعر مڪمل ڪتاب ناهي آندو اُهو اعزاز ٽنڊو الهيار جي هن نوجوان شاعر کي حاصل ٿيو آهي، سندس نانءِ جاويد جبار آهي هي نواجون ٽهي جو بهترين ۽ جاکوڙي انسان آهي سندس رهنمائي سُٺن دوستن ۽ سُٺن اُستادن ۾ ٿي آهي،
    هوئين تي منهنجي جاويد جبار سان ملاقات نه روبرو ٿي آهي بلڪ نه ڪڏهن فون تي ڪا ڳالھ ٻول به ٿي آهي پر سندس ڪتاب مون کي فرهاد جروار تحفي طور موڪليو مون سندس ڪتاب جو مطالعو ڪيو هو پر سندس ڪتاب بابت لکڻ تي مون ڪون سوچو هو پوءِ ڪنهن دوست جي شادي تقريب ۾ مون سان ريحان ابڙو جي ملاقات ٿي جنهن ۾ کوڙ اديب موجود هئا منهنجو محسن سائين خادم گهراڻو به موجود هو جتي سائين جي سامهون ريحان منهنجو تعارف ڪرايو ٻين شاعرن سان پوءِ انهن جي منهن تي مون کي ريحان ابڙي جاويد جبار جي ڪتاب تي لکڻ لاءِ ياد ڏياريو مون گهر ايندي جاويد جي ڪتاب تي لکڻ شروع ڪيو،
    مون جڏهن هن ڪتاب جو مطالعو ڪيو سائنٽ صنف منهنجي لاءِ بلڪل نئي صنف هئي ڇو جو سنڌي شاعري ۾ مون اڪثر جيڪي صنفون ٻُڌيون هيون انهن ۾ هي غزل، نثري نظم آزاد نظم وائي بيت وغيره مگر مون سائنٽ صنف ڪڏهن ٻُڌي ۽ نه وري ڪڏهن ٻڌي هئي. منهنجي مشاهدي ۽ مطالعي موجب سائنٽ تي ٻين شاعرن به طبي آزمائي ڪئي تي هوندي، پر سائنٽَ تي مڪمل ڪتاب جاويد جبار ئي سھڙي سگھيو آهي. جيڪو سٺو عمل آهي جاويد جبار لاءِ وڏو اعزاز حاصل آهي.
    حقيقت ۾ سائنٽَ صنف پهريون اٽلي ۾ لکي وئي، هن صنف کي وڌيڪ شيڪسپيئر ئي اوج ڪيو اگر شيڪسپيئر هن صنف کي ظاهر نه ڪري ها اُها صنف اٽلي تائين ئي محدود رهي ها شيڪسپيئر هن صنف ۾ پنهنجو گهاڙيٽو متعارف ڪرايو. جنهن ڪري شيڪسپيئر گهاڙيٽو چئجي ٿو.
    ڪجه وقت پهريان وسيم سومري، اسحاق سميجي، احمد سولنگي، آشفاق آذر، ٻين شاعرن به طبع آزمائي ڪئي هوندي مگر هن وقت سائنٽ جي صنف تي مڪمل مجموعو جاويد جبار دائودپوٽو جو اچي سگهيو آهي جيڪو پڙهي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان. ۽ اڃان به دوستن مان اُها اميد ڪري رهيو آهي هن صنف تي به ڪجه لکيو وڃي،
    جاويد جبار جي ڪجه سائنٽ جيڪي منهنجي دل کي ڏاڍا وڻيا آهن.
    هاءِ ڀنڀورُ ساڳيون دُکي پيو اَڃان!
    ڪونه سَسئي جو ڪِٿ ڪوبه پيرو لَڀيو،
    ڏِس ته ڪينجهر به ڪيڏو ڇُلي پيو اَڃان
    ڪانه نورِي مِلِي ڄامُ ڪيڏانهن ويو؟
    ڇا ڪمال جا سائنٽ سرجهايا اٿس ڪمال جي جوڙ جڪ ڪئي اٿس،
    ڀنڀور ساڳيون دُکي پيو اڃان سسئي جو ڪٿي ڪو به پيرو نٿو کي وري مٿان نوري جي ڳاله پيو ڪري ڪينجهر به ڪيڏو ڇُلي پيو اڃان، نڪي نوري ملي ڄام به الائي ڪاڏي هليو ويو،

    ڪيئن مَڃان تو ناهي ساريو!
    مُوکي هِڏڪِي آئِي ڪانهي!
    لوڌي نيڻَ ڇَڏِين ٿا واريو،
    ڳوڙهن وٽ تَهنائِي ڪانهي!
    جاويد ڪيڏو نه ڪمال سان لکيو آهي، ڪيئن مڃان تو ساريو ڪونهي، نه وري مون کي هڏڪي لڳي آهي اثر آئين ٿيندو آهي ڪو ماڻهو ڪنهن کي دل سان ياد ڪندو آهي تي هڏڪي لڳندي آهي، مٿان وري ٻئي بند ۾ چوي ٿو تي لوڌي نيڻ ڇڏين ٿا واريو اکين مان وهندڙ ڳوڙهن وٽ ڪا تنهائي ڪانهي.
    جاويد جو ڪتاب ۾ موجود هر بند ساينٽَ ڪمال جو آهي هن ڪٿي ڪٿي اهڙا بند آهن مان سمجهان پيو تي هي سانيٽ جاويد مون کي ڏسي منهنجي مٿان جوڙيو آهي ڄڻ منهنجي رهنمائي ڪندا هجن،
    جاويد جبار جو هي ڪتاب جڏهن آوي مان تيار ٿي ٺڪر جي ٿاون جيان ٻاهر نڪتو تي سڄي سنڌ ۾ گلاب جي خوشبو جيان واسجي ويو. جاويد پنهنجي پيار جي پهرين قلمي پورهئي جي ارپنا پنهنجي خاندان جي ڪجه فردن کي ڪئي آهي جنهن ۾ سندس جيجل امڙ ڀائر ڀينرون ٻاجهاري شفيق دوست سندس بابا عبدالجبار دائودپوٽي کي ڪئي آهي. جاويد جي ڪتاب جو مهاڳ لاڙ پٽي جي دلربا شاعر پياري ماڻهو فراق هاليپوٽو لکيو آهي، جاويد جي ڪتاب تي تاثرات اعجاز شا، مختيار سهتو، ريحان ابڙو، ۽ ڪتاب تي بيڪ ٽائيٽل روحل واءِ جي پياري شاعر حاجي ساند لکيو آهي. هن ڪتاب کي شايع ڪرڻ جو اعزاز سامروٽي پبليڪيشن ٿرپارڪر کي حاصل ٿيو.

    9جنوري 2019 تي هلال پاڪستان جي ادبي صحفي تي شايع ٿيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو