مٺل جسڪاڻي جي ڪتاب سفر بخير تي هڪ نظر

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ اظهر امر طرفان آندل موضوعَ ‏15 فيبروري 2019۔

  1. اظهر امر

    اظهر امر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 جنوري 2019
    تحريرون:
    36
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    48
    مٺل جسڪاڻي جي سفرنامي ” سفر بخير“ تي هڪ نظر!

    اظھر امر/ ٽنڊو الھيار

    سنڌي ٻولي ۾ گھڻي ڀاڱي سفرناما لکڻ جو اعزاز ته الطاف شيخ کي مليو آھي. ڇو ته الطاف شيخ پنھنجي زندگي جو ڳچ حصو دنيا جي مختلف ملڪن ۾ گذاريو آھي. پر هتي جنھن شخص جي سفرنامي بابت لکي رهيو آھيان ان جي سفرنامي کي جڏھن مون پڙھيو تڏھن پتو پيو اُھو سفر نامو هن لکيو يا هن کان لکجي ويو.

    اهو زرعي يونيورسٽي جي پلانٽ پيٿالاجي شعبي جو پروفيسر محمد مٺل جسڪاڻي آھي، جنھن پنھنجي قلم جي نچوڙ سان ڪتاب ”سفر بخير“ لکي، سنڌي ادب ۾ هڪ ڪتاب جو واڌرو ڪيو، بلڪه هن طئي ڪيل سفر بابت ۽ هُتي جي پسمنظر کي به پنھنجي ڪتاب ”سفر بخير“ ۾ سھڻي نموني سان پيش ڪيو آھي.

    محمد مٺل جسڪاڻي منھنجو استاد به آھي، ھن مون کي وڏي چاھ سان پڙھايو. اڃا وڏي ڳالھ هي آھي، ته سائين کي سڄي يونيورسٽي پيار مان مٺل جسڪاڻي ئي سڏيندي آھي. ان مٺل جسڪاڻي کي مان اڳ ڪونه سڃاڻيندو هئس. آئون جڏھن زرعي يونيورسٽي ۾ پڙھڻ لاء آيس، ته ڪجھ ڏينھن کان پوءِ منھنجو سندس آفيس، ڪنھن ڪم سان وڃڻ ٿيو، سندس آفيس ٻاھران لڳل بورڊ تان نالي جي خبر پئي، ته هي آھي مٺل جسڪاڻي جي آفيس، هن پروفيسر جو سڄو نالو محمد مٺل جسڪاڻي آھي. ڪجھ ڏينھن کان پوءِ خبر پئي، اُھو مٺل جسڪاڻي اديب پڻ آھي، سندس ڪالم روز اخبارن ۾ ڇپبا آھن. آئون ساڻس ملي ڪري فخر محسوس ڪندو ھئس. هي تمام پيارو ماڻھو آھي، وقت سر سائين سان ملاقاتون ٿينديون رهيون، سائين جڏھن آخري سال وارن جي بينچ سان گڏجي، آل پاڪستان اسٽڊي ٽوئر لاءِ ٽنڊو ڄام يونيورسٽي کان لاھور، ڪوھ مري، اسلام آباد لاءِ جئين روانو ٿيو، تئين ئي مٺل جسڪاڻي جي سامھون ايندڙ هر شي، ”سفر بخير“ سفرنامي جو حصو بڻبي رهي.

    مٺل جسڪاڻي سان گڏ اسان جي شعبي جو تمام ڀلوڙ ۽ ذھين، منھنجو محبوب استاد پروفيسر سائين محمد ابراهيم خاصخيلي صاحب، سائين جي هن سفر ۾ سائين سان گڏ رهيو. سي پي ٽي فيلڪٽي جي آخري سال جا ستر شاگرد اُنھي سفر جو حصو هئا. سائين مٺل جسڪاڻي پنھنجي زندگي جي انھي سفر ۾ کوڙ ساريون اھڙيون دلچسپ ڳالھيون پنھنجي سفر نامي ۾ شامل ڪيون آھن. سائين پنھنجي سفرنامي ۾ لکي ٿو ته ”لاھور کي لتاڙڻ لاءِ مون وسان نه گھٽايو“ مان اُھو خوب ڄاڻان ٿو ته سائين مٺل گھمڻ جو تمام گھڻو شوقين آھي، کيس جڏھن به موقعو ملندو آھي، ته ڪنھن نه ڪنھن پاسي نڪري ويندو آھي.

    ڪوھ مري، ڪشمير ۽ ايوبيا جو احوال به سھڻي نموني پيش ڪيو آھي، ڪوھ مري بابت سائين مٺل ذوالفقار علي ڀٽو بابت جيڪو لکيو آھي، اُھو حيران ڪُن آھي. جنھن ۾ سائين لکي ٿو ته ”آئون ننڍو هئس، هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هئس. شايد 75-1974ع جو سال هو. اهو ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جو زمانو هو. هر ڪنهن وات ڀٽو هوندو هو. ان زماني ۾، هڪ ڏينهن، منهنجي خيال ۾ ڪنهن سنڌي اخبار جي سرخي هئي: ”ڀٽو مري ويو“! ان سرخي گهٽ پڙهيل ۽ گهٽ گهميل ماڻهن کي حيران، ۽ ذوالفقار ڀٽو سان محبت ڪندڙن کي روئڻهارڪو ڪري ڇڏيو هو! ڇو ته خبر جو مطلب هو: ” ذوالفقار علي ڀٽو ڪوهه مري ويو“، گهڻن ماڻهن کي خبر نه هئي ته ڪوهه مريءَ کي صرف مري به چون ٿا، ۽ مري ملڪ جو سهڻو ۽ ٿڌو علائقو آهي. ان زماني ۾ شايد مون کي به ان خبر عيوض ئي خبر پئي هئي، ته مري به ڪو علائقو آهي!“

    سائين مٺل اڳيان وري راولپنڊي ۾ ترسيل راتين ۽ گھمڻ بابت به خوب احوال ڏنو آھي. سائين راولپنڊي ۾ ڪنھن هوٽل تي ترسي ٿو، انھي هوٽل مان گھمڻ وري اسلام آباد ٿو وڃي. ڇو ته اسلام آباد ۽ راولپنڊي ٻئي گڏ آھن، جنھن جي وچ ۾ ايترو مفاصلو ڪونھي. لاھور جو لڪشمي چوڪ، دال ڀت ۽ ڪشمري چانھن. سائين مٺل پنھنجو پاڻ اعتراف ڪري پيو ته آئون ”دال ڀت“ جو شوقين آھيان.

    سائين جڏھن لاھور لاء روانو ٿي رهيو هو، تڏھن کيس دل ۾ اُھو خيال آيو، ته لاھور ۾ جو ڪٿي دال ڀت جي طلب ٿئي، اهو ڪٿان ايندو، ڪٿان وٺي کاوان؟ ايتري ۾ سائين ٽنڊي ڄام مان نڪرڻ کان اڳ ئي سائين حيات علي شاھ کي فون ڪري لاھور جي دال ڀت بابت پڇا ڪيائين.! سائين دال ڀت بابت پُڇا ڪري پڪ ڪئي، هڪ ڏينھن صبح جو گھمڻ سانگي لاھور جي مختلف ماڳن جو رُخ ڪيو. ماڳن تان گھمندي گھمندي سائين وارن کي شام ٿي وئي، هتان واپس جيئن ڪوسٽر ۾ سوار ٿي واپس موٽڻ لڳا، سائين مٺل ڪوسٽر واري کي دال ڀت کائڻ لاء اڳئي چئي ڇڏيو. استاد لڪشمي چوڪ تي جيڪو دال ڀت وارو آھي نه، اُھو اگر پنھنجي رستي ۾ هجي، ته بريڪ ڪجو. آخر اتي بيٺا، دال ڀت کاڌائون، اُھو دال ڀت اگر ڪنھن کي نه وڻي ها، اُھو ماڻھو سائين مٺل جي ڳچي ۾ پئجي وڃي ها.

    ڪوسٽر ڊرائيور سائين کي چيو سائين اڳيان اڃان ڪشمري چانھن وارو به آھي، اگر دل ڪري، هتي چانھ جو چسڪو وٺجي. سائين چيو ڀلي چانھن جو چسڪو وٺجي. ڪوسٽر وارو اچي انھي هوٽل تي بريڪ ڪئي. سڀني چانھن جو چسڪو ڪيو، جنھن جنھن به ڪشميري چانھن پيتي، اُھي سڀ واھ واھ ڪرڻ لڳا.

    اوچي جبل هيٺ گھمڻ جي خوبصورت جڳھ ”کُيوڙا لوڻ کاڻ“، منھنجي لاء به اُھو ڪو نئون ماڳ آھي، ڇو ته مون ڪڏھن ان بابت نه ٻُڌو آھي، نه وري ڪٿي پڙھيو آھي. شايد ڪٿي ڪن ڪتابن ۾ هجي به سھي، پر مون بلاشڪ ناهي پڙھيو. اُھو ماڳ مون سائين مٺل جسڪاڻي جي ڪتاب ”سفر بخير“ مان ئي پڙھيو. جنھن کي پڙھڻ کان پوءِ خبر پئي ته سائين مٺل به هتي پھرئين چڪر ويو. ان بابت سائين لکي ٿو ته ”اوهان جڏهن به موٽر وي سان لاهور کان راولپنڊي، اسلام آباد طرف روانا ٿيو، ته لاهور کان 248 ڪلوميٽر فاصلي تي کيُوڙا لُوڻ کاڻ واقعي آهي. سائين لکي ٿو ته سونھن، حُسن جا فطري منظر آھن، دلڪش موسم، اُونھاري ۾ ٿڌ، سياري ۾ مناسب گرمي هوندي آھي، جيڪو به شوقين آھي، اُھو اها کاڻ ضرور گھمي.

    ”ڪونھي ڪو سيءُ ڪوھ مري ۾!“ حقيقت ۾ ڪوھ مري ۾ سيءَ صرف انھن لاء هوندو آھي، جيڪي گھمڻ لاء آيا هوندا آھن، باقي هتي جي مقامي ماڻھن کي سيءُ ناهي لڳندو، جڏھن برسات پوندي آھي ته هو خوش ٿيندا آھن. سائين مٺل پنھنجي سفر نامي ۾ لکي ٿو ته ڪوھ مري ۾ سيءَ ته پنھنجي جاءِ تي آھي، ڪوھ مري اُونھاري جي موسم ۾ به تمام گھڻو ٿڌو هوندو آھي، سنڌ جا اڪثر ماڻھو گرمي جي مند ۾ ڪوھ مري وڃو نڪرن. اُھو صرف سنڌ ۾ گرمي جي شدت ڪري، اُونھاري جي موسم، جيڪو سيء ھوندو آھي، اُھو هتي جي مقامي ماڻھن جي لاء خير، باقي مون جھڙي نئين ويندڙ ماڻھو لاء اُھو سيءُ به برداشت جوڳو ناهي هوندو.

    ”مريء ۾ مچ ڪچھري!“ مٺل جسڪاڻي پنھنجي ڪتاب ”سفر بخير“ ۾ ڪوھه مريءَ جي حسين منظر کي پنھنجي سفر جو حصو بڻايو آھي. مٺل جسڪاڻي موجب ڪوھه مري جي اُوچائي جي سطح ڪجھ ھن ريت آھي. ”سنڌ جي دل حيدرآباد کان مري، يعني ڪوهه مري، اتر طرف 1352 ڪلوميٽر جي فاصلي تي، صوبي پنجاب ۾، ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد ۽ راولپنڊي کان 50 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ۽ سامونڊي سطح کان 2291 ميٽر، يعني 7517 فوٽن جي اوچائيءَ تي واقع آهي. روڊ رستي آرام سان وڃڻ لاءِ، رستي ۾ ٽي راتيون لڳي وينديون، نه ته بنا بريڪ گاڏي به 24 ڪلاڪن ۾ مشڪل سان پهچائيندي آهي“.

    اڳتي سائين مٺل جسڪاڻي وري ڪوھه مري ۾ ڪيل مچ ڪچھري بابت به احوال ڏيندو هلي. هنن ڪوھه مري ۾ به مچ ڪچھري ڪئي! ڪھڙي ريت ڪئي؟ اُھو هن ”سفر بخير“ ڪتاب ۾، سھڻي نموني بيان ڪيو آھي. سائين لکي ٿو ”مريءَ ۾ گُهمندڙ اسان هونئن ته گهڻا هئاسين، پر جتي ۽ جنهن مهل مريءَ ۾ مچ ڪچهري ٿي، ان وقت اتي اسان ڪي ويهه پنجويهه گڏ هئاسين. مچ ڪچهري اهڙي مچي، جيڪا ڪو عرصو ياد رهندي. ان ڪچهريءَ ۾ ڪم جون ڳالهيون به هيون، کل ڀوڳ به ضرور هئي، پر روايتي مچ ڪچهريءَ وانگر ڏور، بيت، ڳجهارتون، ڪلام نه هو! ڇو نه هو؟ شايد ان ڪري، ته بنا رٿابنديءَ جي، اها مچ ڪچهريءَ اوچتي مچي پئي هئي، تنهن ڪري، نه ته اسان ۾ ڪي اهڙا به هئا، جيڪي هن ڪچهري کي اصلي رنگ ڏئي پئي سگهيا“.

    سائين مٺل ادبي ماڻھو آھي. کيس ڪچھري ۾ ڏور بيت ياد نه هئا، نه ته ڪچھري ۾ واھ واھ ٿي وڃي ها. آئون شروعات ۾ به لکي آيو آھيان، ته سائين گھمڻ ڦرڻ ۽ ڪچھري جو شوقين آھي. بس سائين مٺل کي موقعن جي تلاش هوندي آھي. بس جتي موقعو ملي،و اُتي هو جمالو ٿي ويندي آھي.

    ”دُوميل, جتي ٻه دريا ۽ دل وارا ملن ٿا…“ حقيقت بيان ڪندو هلان مون لاءِ دُوميل لفظ نئون آھي. ٻه دريا شايد ملندا به هجن، باقي دل وارا ملن ٿا الئه نه، اُھا پاڻ کي ڄاڻ ناهي. سائين مٺل پنھنجي سفر نامي ”سفر بخير“ ۾ دوميل جو ذڪر به تمام سھڻن لفظن ۾ ڪيو آھي. سائين لکي ٿو ته ”مريءَ کان اڳتي، 81 ڪلوميٽر جي فاصلي تي، دوميل آهي، جيڪو مظفر آباد کان صرف 03 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. مونکي دوميل ڪشمير مظفر آباد وڃڻ جو انمول موقعو مليو، وڃي ڪشمير جا اُھي پس منظر ڏٺا، جيڪي ڪڏھن ڪڏھن فلمن ۾ ڏسندا هئاسين“. اُھو بلا شڪ چئي سگھجي ٿو ته ڪشمير پاڪستان جو خوبصورت خطو آھي. سائين لکي ٿو ته ”دوميل ڏانھن ويندي ۽ اُتان ايندي، رستن جي ٻنهي پاسن کان خوبصورت ۽ خطرناڪ منظر آھن. اتي جبل جي اُوچائي تي ٺھيل گھر به حيران ڪندڙ آھن، دل هجي، باقي دل وارا هُتي ضرور ملندا آھن“.

    اڳتي سائين پنھنجي ڪتاب ۾ ڪشمير بابت احوال ڏيندو هلي. سائين چوي ٿو ته ”ڪشمير جي مظفرآباد لڳ دوميل اهو ماڳ آهي، جتي دلين وارا ته ملندا ئي ملندا آهن، پر هتي ٻه دريا ملي هڪ ٿي ويندا آهن! هڪ طرف کان رَتائين ميٽُوڙي رنگ واري پاڻيءَ جي وهڪري سان وهندڙ ريشم دريا، ۽ ٻئي پاسي کان عام لُڙ پاڻيءَ وانگر وهندڙ نيلم دريا اچي، جتي ملندا آهن، ٻن دريائن ۽ دل وارن جي ملڻ واري ان هنڌ کي، ”دُومِيل“ چيو ويندو آهي. دوميل هاڻ شهر آهي، سندس آسپاس ۾ جيئن ڪشمير، ڪشمير جي ضلع مظفرآباد جا خوبصورت منظر آهن، تيئن دُومِيل جي آسپاس ۾ پڻ دلڪش منظر ڏسڻ وٽان آهن“.

    سائين پنھنجي ڪتاب ۾ مون جھڙن لاءِ ڪافي ساري آساني ڪري ڇڏي آھي. جڏھن ڪشمير وڃڻ ٿئي، انھي کان اڳ سائين مٺل جسڪاڻي جو اُھو سفرنامو يا پڙھجي يا گڏ کڻي وڃجي، ته جئين اُھي ماڳ ڳولھي ۽ انھن کي دل سان گھمي سگھجي.

    ”اُڏام کٽولي…!“ مون لاء نئون لفظ آھي، اُھو لفظ اُڏام کٽولي مون نه ڪٿي پڙھيو آھي، نه وري ھنن ڪنن سان ٻُڌو آھي. اُھا اُڏام کٽولي آھي ڇا؟ اُھو ”سفر بخير“ ڪتاب ۾ سائين مٺل واضح ڪري لکيو آھي ”ننڍپڻ ۾ گهڻو ڪري وڏڙين، ڪڏهن ڪڏهن وڏڙن جي واتان يا وري لوڪ آکاڻيون ۽ ٻاراڻيون لکڻيون پڙهندي، ”اڏام کٽولي“ اوهان به ٻڌي يا پڙهي هوندي... خيبر پختون خواهه صوبي ۾، گهمڻ ڦرڻ جي ماڳ ايوبيا ۾، ”لفٽ چيئر يا چيئر لفٽ“ اوهان به ٻڌي ۽ فلمن ۾ ڏٺي هوندي“. اُھو اُڏام کٽولي بابت مون جڏھن سائين جي ڪتاب ۾ پڙھيو ٿورو کل به ٿي، اُنھي جو اصلي نالو اڏام کٽولي ڇو رکيو ويو. بھرحال انھي اُڏام کٽولي ۾ آئون به سوار ٿيو آھيان. ڪافي منظر ڏسڻ وٽان ملندا آھن. اُھا اُڏام کٽولي ڪوھه مري ۽ ايوبيا پوائنٽ تي واقعي آھي، جتان ماڻھو چئير لفٽ تي سوار ٿي، اڃان مٿي ،اُوچائي تي ويندا آھن. مون جھڙا نرم دل اڪثر سوچي سمجھي چڙھندا آھن. ڇو جو اُھا اُڏام کٽولي تمام خطرناڪ آھي، نرم دل وارن لاء، مگر نرم دل وارن کي منھنجو عرض آھي، اُھي ان ۾ سوار ضرور ٿين.

    ”صدين جو سفر ڪلاڪن ۾: پاڪستان جي فطري سونھن ۽ تاريخ…“ پڙهڻ سان اها به خبر پئي ته ”سنڌ جو سير ڪلاڪ ۾“ ڪئين ڪبو؟ اُنھي سير ڪرڻ جو مان به شوقين آھيان. مگر رب پاڪ ڪڏھن موقعو ڏي ته اتر, لاڙ, ڪاڇو, ڪوھستان, ڪچو, وغيره سير ڪيان. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي تر (احاطي علائقي) ۾، ”سنڌ جو سير هڪ ڪلاڪ ۾“ وارو بورڊ اوهان به پڙهيو هوندو، پر اهو ممڪن آهي به ۽ ناهي به، ته ڪو اوهان به، مون وانگر، هڪ ڪلاڪ ۾ سنڌ جو سير ڪيو، نه ڪيو هجي! سائين پنھنجي سفرنامي ۾ صدين جو سفر ڪلاڪ ۾ ”پاڪستان جي فطري سونھن ۽ تاريخ“ بابت قائم ميوزيم جو وزٽ ڪري، انھن تي جيڪي ڪجھ لکيو آھي. اُھو پڙھڻ ۽ سمجھڻ وٽان آھي.
    مٺل جسڪاڻي جي سفر نامي"سفر بخير" تي هڪ نظر !
    #حصو_آخري
    پاڪستان جي اتر کان ڏکڻ ۽ اوڀر کان اولهه جي جاگرافيائي ۽ فطري سونهن ۽ صدين تي مبني تاريخ، چند ڪلاڪن ۾ پنهنجي اکين سان ڏسي، پسي، معلوم، محسوس ڪري سگهجي ٿي. ان لاءِ اوهان کي اسلام آباد وڃي ”پاڪستان جي فطري تاريخ وارو ميوزيم“ (Pakistan Museum of Natural History (PMNH))، جيڪو پڻ پڪ سان اوهان به، نه ته ٻين ضرور ٻڌو هوندو، پر اهو ميوزيم ڏسڻ کان رهجي ويل به ڪي ٿورا نه هوندا. ڪيترن کي ته خبر به نه هوندي، ته ڪو اهڙو به ميوزيم آهي! هيءَ ميوزيم گارڊن اوينيو، شڪرپُڙيان، اسلام آباد ۾، پاڪستان حڪومت جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ واري وزارت پاران، پاڪستان سائنس فائونڊيشن جي ذيلي اداري طور، 1976ع ۾ قائم ڪيو ويو، جنهن جون چار مکيه شاخون، هر هڪ نباتاتي سائنس ڊويزن، حيواناتي سائنس ڊويزن، ڌرتي سائنس ڊويزن (Earth Sciences Division) ۽ عوامي خدمتن واري ڊويزن (Public Services Division) آهي. پهريون ٽي ڊويزن پاڪستان ۾ ٻُوٽن، جانورن ۽ معدنيات جا نمونا گڏ ڪرڻ، انهن جي سڃاڻپ ڪرڻ ۽ سندن مختلف پهلوئن تي تحقيق ڪرڻ لاءِ مختص آهن، جڏهن ته چوٿين ڊويزن، ٽنهي ڊويزنن جي حاصلات کي عام ماڻهو تائين پهچائڻ جو ڪم ڪري ٿي“. پاڪستان جي فطري سونھن واري ميوزيم بابت پڙھڻ کان پوء ھاڻ سنڌ حڪومت کي به اھڙو ميوزيم ٺاھڻ گھرجي.

    مان اڳ به لکي چڪو آھيان، ته سائين ٻوٽن جي بيمارين جو ماھر ڊاڪٽر آھي. کيس جڏھن به ڪنھن اھڙي جاءِ جو موقعو ملندو آھي، تڏھن هو وڏي ڪوشش سان به هتي وڃي پھچندو آھي. اين اي آر سي اسلام آباد ۾ واقعي آھي. جنھن کي گھمڻ جو موقعو سائين مٺل کي به مليو. سائين پنھنجي ڪتاب ۾ ”اين اي آر سيء جو تعليمي تربيتي دورو“ عنوان سان لکي ٿو ”اين اي آر سي يعني قومي زرعي تحقيقي سينٽر (National Agriculture Research Centre)، پي اي آر سي يعني پاڪستان زرعي تحقيقاتي ڪائونسل (Pakistan Agriculture Research Council) جو ماتحت ادارو آهي. پي اي آر سي پاڪستان جي زراعت کي درپيش مسئلن جي جاچ پڙتال ۽ حل لاءِ ڪم ڪندڙ، وفاقي حڪومت جو تمام وڏو ادارو آهي، جيڪو مختلف وفاقي ۽ صوبائي توڙي پرڏيهي ادارن جي سهڪار سان، زراعت جي مختلف پهلوئن تي ڪم ڪري رهيو آهي. پي اي آر سيءَ جو بنياد 1948ع ۾، خوراڪ ۽ زراعت ڪاميٽي (ايف اي سي) جوڙڻ سان پيو، جنهن کي 1951ع ۾، پاڪستان جي خوراڪ ۽ زراعت واري ڪائونسل (ايف اي سي) قرار ڏنو ويو. اڳتي هلي، ان کي 1964ع ۾ زرعي تحقيقاتي ڪائونسل (اي آر سي) جو نالو ڏنو ويو. ملڪ جا زرعي مسئلا، مونجهارا ۽ انهن جي حل تي ڪم ڪندي، ايف اي سي ڪاميٽي نالا بدلائيندي، ڪم جو دائرو وڌائيندي، ترقي ڪندي. سائين لکي ٿو ته ”هتي وڃڻ لاء اسان سائين سيف الله ٽالپر ۽ ڊاڪٽر محمد اسحاق مستوئيء سان رابطو ڪيو انھن کي اسان ٻُڌايو اسان زرعي يونيورسٽي جي تعليمي دوري ۽ ال پاڪستان اسٽيڊي ٽوئر تي آيا آھيون اسان سوچون پيا اي اين آر سي ڏسڻ جو موقعو ملي اسان شاگردن کي اُھو ادارو ڏيکايون سائين جن اچڻ جو چيو اسان 70 جي لڳ ڀڳ ماڻھو هئاسين جن وڃي هن مرڪز جو دورو ڪيو جيتن, ٻوٽن جي بيمارين واري حوالي ٿيل ۽ جاري ڪم بابت ڳالھين جي ڏي وٺ ڪئي سين قومي ٻج جي چڪاس ليبارٽري ۽ کنڀين جي هٿرادو پوک واري شعبي جو پڻ دلچسپيءَ سان معائنو ڪري، پنهنجي معلومات ۾ واڌارو ڪيو. اين اي آر سيءَ جي تعليمي ۽ هٿرادو پوک واري شعبي جو پڻ دلچسپي سان دورو ڪيو.“

    ”زراعت: سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاھر“ اُھو يقينن چئي سگھجي ٿو ته اسان جو ملڪ زرعي ملڪ آھي. جنھن ۾ علائقن جي حساب سان مختلف فصل، وڻ، ٻوٽا وغيره ٿيندا آھن. اڪثر ڪري اُھو خيال منھنجي به ذھن ۾ ايندو آھي، ته سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر، ٻيءَ دنيا جي زراعت، يا وري سنڌ ۽ پنجاب جي زراعت، سنڌ ۽ خيبر پختون خواهه جي زراعت، سنڌ ۽ بلوچستان جي زراعت ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ اُھو سوال اڳ واري زماني ۾ تمام گھڻو ڏُکيو هوندو هو، پر هن دور ۾ ڪا مشڪل ڳالھ ناهي. اگر ماڻھو پنھنجي پاڻ سان سچو هجي، دنيا جي هر معلومات منٽن ۾ حاصل ڪري سگھي ٿو. هينئر جتي دنيا موبائل فون جي ڏھن انگن اکرن ۾ سوڙھي ٿي چُڪي آھي، اُتي انھي سوال جو جواب انھي سيل فون جي ڏھن انگن ۾ سمايل آھي. پنھنجي سيل فون مان انٽرنيٽ جي دنيا مان اُنھي سوال جو جواب آساني سان حاصل ڪري سگھو ٿا. جيتري سائين مٺل جي ڪتاب ”سفر بخير“ ۾ معلومات لکيل آھي، اُھو اوهان جي سامھون رکجي ٿي. يعني ”ڪن فصلن ۾ سنڌ جي پيداواري صلاحيت دنيا جي ٻين ملڪن ۽ پنهنجي ملڪ جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ گهڻي وڌيڪ، فخر جـهڙي ۽ ساراهڻ جوڳي هوندي، ڪن فصلن ۾ سنڌ جي پيداواري صلاحيت دنيا جي ٻين ملڪن ۽ پنهنجي ملڪ جي ٻين صوبن جي برابر يا اوڻيهه ويهه جي نسبت سان ٿوري وڌيڪ يا ٿوري گهٽ هوندي، جڏهن ته ڪن فصلن ۾ سنڌ جي پيداواري صلاحيت دنيا جي ٻين ملڪن ۽ پنهنجي ملڪ جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ گهڻي گهٽ، حيرت جـهڙي، پريشان ۽ پشيمان ڪرڻ جوڳي هوندي! جيئن سنڌ ۾ اهڙا ڪيترا ئي فصل، يا ڪن فصلن جون ڪي مخصوص جنسون نه ٿيون پوکجن، تيئن دنيا جي ٻين ملڪن ۽ پنهنجي ملڪ جي ٻين صوبن ۾ پڻ اهڙا ڪيترا ئي فصل، يا ڪن فصلن جون ڪي مخصوص جنسون نه ٿيون پوکجن، پر اهي پاڻ وٽ ڪاميابيءَ سان پوکي، انهن مان بهتر پيداوار به حاصل ڪري سگهجي ٿي. مثال لاءِ سنڌ ۾ ڪيلي جو فصل ڪامياب، ٻين صوبن ۾، ڪيلي جا ٻوٽا ڦٽن ضرور ٿا، پر پيداوار ملڻ مشڪل، يا وري سال جي مخصوص عرصي ۾، ايتري گهٽ پيداوار ملندي، جنهن ڪري ڪيلو نه پوکڻ ئي بهتر آهي. اهڙيءَ طرح نارنگيون پنجاب ۾ ته ڪامياب آهن، پر سنڌ ۾ نه، البت گريٽ فروٽ ضلع نوشهروفيروز ۾، جڏهن ته نارنگين جو ڀاءُ ليمون ۽ ٻيون ڀينر جنسون به سنڌ ۾ ٿينديون آهن، پر ليمون تمام ڀلو ڪنڊيارو، خانواهڻ ۽ محبت ديرو جتوئي وغيره ۾ ٿئي ٿو. اهڙي ريت خيبر پختون خواهه صوبي ۽ بلوچستان صوبي جو جيڪڏهن حوالو ڏجي، ته به اهڙا فصل ملي ويندا، جيڪي پاڻ وٽ ڪو نه ٿين، يا گهڻا گهٽ ٿين! اهو، ايترو سارو فرق آبهوا جو آهي! آبهوا جي لحاظ کان سنڌ جو ميداني علائقو، جتي آبپاشيءَ وارو پاڻي پهچي سگهي ٿو، اتي هڪڙا فصل، جتي آبپاشيءَ وارو پاڻي ميسر نه آهي، مثال طور ٿر، ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ وري برسات جي پاڻيءَ تي پوکجندڙ فصل، ايتري ايراضيءَ ۾ پوکيا ويندا آهن ۽ انهن علائقن مان ايتري اُپت حاصل ڪئي ويندي آهي، جنهن مان نه صرف پنهنجي صوبي ۽ پنهنجي ملڪ جون گهرجون پوريون ٿين ٿيون، پر اضافي پيداوار پرڏيهه موڪلي، پرڏيهي واپار وسيلي، پرڏيهي ناڻو به ڪمايو وڃي ٿو. ساڳئين طرح ٻين صوبن ۾ به ائين ئي آهي“.

    ”بنا ارادي پوکيل, بنا سنڀال بيٺل, ٻيرن جا وڻ“، ٻير اوهان به ٻڌا هوندا، مثال طور ٻير جي ڍينگري! اُھي ٻير مون ٻُڌا به آھن، ٻير کاڌا به آھن، ٻير جي پٽ يعني پٽڻ جو ڪم به مون ڪيو آھي. اسانجو پنھنجو ٻيرن جو باغ آھي، جيڪو هر سال ڪو نه ڪو ٽنڊي قيصر جو نظاماڻي ٺيڪي ۾ کڻندو آھي. اُھي ٻير اسان پنھنجي انھي ٻني ۾ لڳايا، جتي اڪثر ڪري فصل سٺو ڪونه ٿيندو هو، پر انھي ساڳئين زمين ۾ ٻيرن جو باغ آھي، جيڪو هر سال لک ٻه ٺاھي ٿو. اڇا، ٻير بنا ارادي پوکيل اسان به ڪافي جاين ته ڏٺا آھن، جن کي نه پاڻي نه وري ٻيو ڀاڻ وغيره، بس فروٽ ڏيندا آھن، مگر سائين مٺل اسان کان وڌيڪ ماھر آھي، ڇو جو هو سڄو ڏينھن فصلن سان جڙيل رهي ٿو. انھي سفر نامي ۾ منھنجي محبوب استاد، جيڪو بيحد پيارو استاد آھي منھنجو، ڊاڪٽر امتياز احمد نظاماڻي، جيڪو ٻيرن جي فصل بابت پي ايڇ ڊي به ٻيرن جي وڻ بابت ڪري چُڪو آھي، جنھن اسان کي به ٻيرن ۾ لڳندڙ بيمارين بابت آگاھي ڏني. بنا ارادي بيٺل هٿرادو پوکيل ٻيرن لاء نقصان ڪار آھن يا نه انھن بابت محترم سائين امتياز نظاماڻي کان پڇڻو پوندو.

    ”سفر بخير“ جو تفصيلي جائزو پوءِ، سائين وري انھي سفرنامي مان شارٽ ڪٽ ۾ سفر بابت احوال به ڪجھ هن طرح ڏنو آھي ته ”سفر کوڙ سارا ماڻھو ڪندا آھن، سفر صرف مون ڪونه ڪيو آھي، ٻين جي سفرنامن پڙھڻ کان پوءِ، مون کي به خيال آيو، ڇو نه آئون به سفرنامو لکان. سفرنامو نثر جي هڪڙي صنف آھي. جيڪو به لکڻ لاء ويندو، انھي لاء سفرنامو لکڻ مسئلو ناهي“. سائين پنھنجي سفرنامي بابت تنقيد به پاڻ ڪندو هلي. سائين چوي ٿو منھنجو سفرنامو ايترو خاص ناهي، عام رواجي سفرنامن کان الڳ ٿلڳ آھي. سائين پنھنجي سفر بخير ڪتاب جو تفصيل سان لکڻ کان پوءِ وري شارٽ ڪٽ يعني ٿلهي ليکي لکي ٿو ته ”مون ڪھڙن علائقن جو دورو ڪيو، منهنجي هن سفر دوران ڇنڇر 07 نومبر 2015ع کان خميس 19 نومبر 2015ع وارن ڏينهن ۾، آئون انتهائي اهم ۽ هڪ نظر کان حساس ذميواريءَ سبب، تمام گهڻو مصروف رهيس، جنهن ڪري چاهڻ باوجود، معمول جي ابتڙ، مٽن مائٽن ۽ يارن دوستن سان رابطي ۾ هوندي به، ڄڻ ته رابطي ۾ نه رهيس.

    اوهان مهربان دوستن ۽ عزيزن جي نيڪ تمنائن سبب، آئون پنهنجون ذميواريون، منهنجي حساب سان تمام بهتر نموني نڀائي، واپس پنهنجي ماڳ اچي پهتو آهيان. ان عرصي دوران لاهور ۾ عجائب گهر، شاهي قلعو، شاهي مسجد، مينارِ پاڪستان، بيبي پاڪ دامن، انار ڪلي، لڪشمي چوڪ، زُو (لاهور جو راڻيءَ باغ)، راوي پُل، جـهانگير بادشاهه ۽ نورجـهان جا مقبرا ۽ آسپاس، شاليمار باغ، واگهه بارڊر، هائپر اسٽار، لاهور کان ڪوهه مري ويندي دنيا جي ٻيو نمبر ۽ ايشيا جي پهريون نمبر وڏي لوڻ کاڻ (کيوڙهه مائين)، ڪلر ڪهار، ڪوهه مريءَ ۾ مال روڊ، ڪشمير پوائنٽ، پنڊي پوائنٽ، درياءِ نيلم، واديءِ نيلم، مظفر آباد، دو ميل (جتي ريشم ۽ نيلم دريا اچي ملن ٿا، ريشم دريا جو ذري گهٽ گلابي ميٽوڙو پاڻي ۽ نيلم جو لُڙ پاڻي گڏجي، هڪ ئي نيلم دريا ٿي اڳتي وهن ٿا)، ان کانپوءِ نٿيا گلي ۽ ايوبيا ويندي، ورندي، بندر پوائنٽس، تنهن کان پوءِ اسلام آباد ۽ راولپنڊي اچي پاڪستان ميوزيم آف نيچرل هسٽري، لوڪ ورثه، شڪر پُڙيان، نيشنل مينومينٽ يا شايد مونامينٽ، فيصل مسجد، دامنِ ڪوهه، زُو (جانورن جو باغ)، پي اي آر سي، اين اي آر سي، ليڪ ويو، راول ڊيم، امام بري، جناح سپر مارڪيٽ، پنڊيءَ جي صدر ۽ راجا بازار، ايرڊ ايگريڪلچر يونيورسٽي ۽ ڪجهه ٻين زرعي تعليمي ۽ تحقيقي ادارن ۾ وڃڻ ٿيو. روزانو صبح سوير نڪربو هو ۽ رات جو دير تائين ٿڪي ٽٽي واپس وربو هو“. اوهان جو منھنجو عقل دنگ رهجي ويندو اِھي جايون ملڪ جون مشھور جايون آھن جن لاءِ گھمڻ مون کي اوهان کي موقعو ملي اسان به هلي اُھي جايون گھمون.

    سائين مٺل جسڪاڻي جو جڏھن ”سفر ٻفر، گھر کان گھر تائين جون ڳالھيون“ سفرنامو پڙھندا، اوهان کي ازخد ائين محسوس ٿيندو، ته سائين سفر جو شوقين آھي. سائين لکڻ پڙھڻ جو به شوقين آھي. سڄي سفر ۾ جيڪي به واقعا، ڳالھيون، منظر، سائين جي سامھون آيا، اُھي سڀ هن ڪتاب جو حصو آھن. عرض ته ”مون کي جيئن ئي خبر پئي ته پروفيسر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل، وائيس چانسلر، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام، منهنجي درخواست قبول ڪندي، اجازت ڏئي ڇڏي آهي، ان ڪري هاڻي سفر تي اسهڻو آهي، خوب خيالي پُلاءُ پچايم، ته نوان ڪپڙا وٺندس، سوٽ بوٽ وٺندس... پر ڪجهه به نه وٺي سگهيس. 6 جون 2011ع تي منجهند 12 وڳي فلائيٽ هئي، جنهن لاءِ ڏيڍ ڪلاڪ اڳ پهچڻ جون هدايتون هيون، ان ڪري صبح جو 5 وڳي، ساڳين آٿرن ۾ گهران نڪري پيس. سوچيو هئم ته گهران ڪار ۾ نڪرندس، جيڪا سڌو جـهاز تي ڇڏيندي، پر ڪار حيدرآباد جي هڪ بس اڏي تي پهچي جواب ڏنو، ته ماٺ ڪري وڃي بس ۾ ويٺس. بس ۾ ئي ٿوري گهڻي گهر ۽ ٻارڙن جي پريشاني ٿي پئي، پر ڊگهڙيءَ جي هڪ اڻ ڏٺل (جڏهن هيءُ سفر نامو لکيو هئم، تڏهن اڻ ڏٺل هو، هاڻ روبرو ملاقاتون، ڪچهريون ٿيون به آهن، ۽ اميد ته سلسلو هلندو به رهندو)، موبائيل فون دوست، حاجي محمد اسماعيل لغاريءَ جي هن ايس ايم ايس آٿت ڏني، جنهن کي هي ٻه اکر پڙهڻ کان پوءِ خبر پوندي، ته سندس ان نياپي مهل آئون ڪٿي ۽ ڪهڙي ڪيفيت ۾ هئس! هن لکيو هو:

    وه هي محفوظ رکي گا تيري گهر ڪو بلائون سي،
    جو بارش مين شجر سي گهونسلا گرني نهين ديتا...

    جـهاز هلڻ - اڏامڻ ۾ پنج منٽ دير ڪئي، ته هڪ پٺاڻ وڏي آواز ۾ چيو: ”ٽائيم هو گيا، جـهاز ڪيون نهين چلا رهي؟“. اهو ٻُڌي اسان جي جوڙي کلي پئي ۽ دل ۾ خيال آيو ته اسان جـهاز ۾ ويٺا آهيون يا نصرپور واري بس ۾...! چرچي طور ڪن دوستن ڏانهن نياپو لکي موڪليم، ته هڪ دوست جواب ڏنو: ”صبر ڪريو! پٺاڻ جو خيال ڪجو، متان ٽپ ڏئي، جـهاز مان“. جـهاز هلڻ - اڏامڻ جي ڪئي ته موبائيل بند ڪري ڇڏيم...“ اھڙيون ٻيون به ڪيتريون ئي ڳالھيون، اوهان کي هن سفرنامي ۾ ملنديون جن کي پڙھي اوهان فخر محسوس ڪندا.

    ”ٽنڊو ڄام کان ٽنڊو قيصر“ اٽڪل ڪجھ ڪلوميٽرن تي آھي، جنھن جو اڪثر نظاماڻي جي حوالي سان نالو مشھور آھي. سنڌ ڌرتي جو ڀلوڙ جھونو شاعر آسي زميني به ٽنڊي قيصر جو آھي ٽنڊي قيصر واري علائقي ۾ اڪثر ٻنيون به ڀليون آھن، ويجھڙائي ۾ آئون به ناهيان ويو، جڏھن زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ پڙھندو هئس، تڏھن هڪ چڪر سنگت سان گڏجي ويو هئس. انھي ٽنڊي قيصر بابت سائين مٺل جسڪاڻي جي ساڳئين سفرنامي ۾ مون به پڙھيو آھي ٻيرن جي ايشيا جي وڏي ۾ وڏي منڊي به انھي ٽنڊي قيصر ۾ لڳندي آھي. اُنهي ٽنڊو قيصر جي آس پاس وارين زمينن جو دورو ڪندي، سائين مٺل جسڪاڻي لکي ٿو ”خميس 23 آگسٽ 2012ع تي صبح جو سوائين نوين وڳي، آئون ٽنڊوڄام کان ٽنڊوقيصر روانو ٿيس، ۽ واپس موٽندي ڏيڍ ٿي ويو. اهو سفر آئون ننڍي هوندي، پنهنجي وڏڙن سان گڏ مراد شاهه جو ميلو گهمڻ لاءِ پيرين پنڌ ڪندو هئس، وڏو ٿيس ته هڪ ٻه ڀيرا پنهنجي اولاد سان گڏ به اهو ميلو گهمي آيو آهيان. اڄ مون سان موٽرسائيڪل ۽ ڪيميرا به ساڻ هئي. موسم انتهائي وڻندڙ هئي، ڇاڪاڻ ته اڄ سج ۽ جهُڙ هڪ ٻئي سان اهڙي کينچل ڪندا رهيا، جنهن ڪري هن علائقي ۾ ڪنهن مهل ڇانءَ ته ڪنهن ويل اُس ٿي نڪتي. ڏکڻ جي ٿڌڙي مٺڙي هوا گهلي پئي. اهڙي ڀلي موسم جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو، ته منهنجي هن سفر جي اٽڪل چئن ڪلاڪن ۾، مون کي اڃ به نه لڳي ۽ آئون بنا ڪجهه کائڻ ۽ پيئڻ جي، پنهنجو سفر پورو ڪري گهر موٽي آيس. ٽنڊوڄام کان ٽنڊوقيصر تائين مون هميشهه واٽر، شاخ، واهه، سنڌونديءَ مان وهي ايندڙ پاڻيءَ تي باغ ۽ فصل ڏٺا، پر هن ڀيري مون هڪ هڪ ڪري ڳڻيون ته ڪونه، البت ٿوري ٿوري فاصلي تي زمين مان پاڻي ڪڍندڙ ڊيزل انجڻ لڳل ڏٺا. جنهن مان ظاهر آهي ته آبپاشيءَ واري پاڻيءَ جي شديد کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ، مهانگو ڊيزل وٺي باغ ۽ فصل بچائي، پيداوار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن تي في ايڪڙ ايترو خرچ ٿي ويندو آهي، جو اڳي وانگر هاري توڙي زميندار کي ايتري بچت جو آسرو نه آهي، جو هو صرف کيتي ٻاڙيءَ تي گذران ڪري سگهن! هڪ هنڌ مون جنتر جو گاهه پوکيل ڏٺو، جيڪو هاڻي ڌڻين ڪٽي استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي. جنتر جي ڀر ۾ خالي پيل زمين ۾ جنتر جون اڌ آليون اڌ سڪل اهڙيون ڪانيون، ڪاٺيون پکڙيل ڏٺيون، جيڪي پڪ سان اتي ڪنهن ٻڪرار يا ريڍار جنتر لُڻي چارايو هوندو. ٽنڊوڄام کان ٽنڊوقيصر روڊ جي ٻنهي پاسي اڪثر انبن جا باغ آهن. انبن جي مجموعي بيهڪ، صورتحال مطمئن ڪرڻ جـهڙي آهي. البت جڏهن ٽنڊوقيصر کي ويجهو پهتس، ته باءِ پاس موڙ وٽ کاٻي طرف انبن جي باغ واري زمين ۾ وونئڻ ڏسي، اهو باغ ياد اچي ويو، جيڪو ڏهاڪو کن سال اڳ تائين به ٺيڪ ٺاڪ باغ هو، پر پوءِ اهو مختلف بيمارين جي اهڙي ور چڙهيو، جو هاڻي ان ٽڪر ۾ مالڪ جي گهر لاءِ گهربل پنهنجا انب حاصل ڪرڻ لاءِ به انب جو وڻ بيٺل نظر نه آيو!؟ انبن جا ڪجهه باغ اهڙا به هئا جن ۾ ماضيءَ وانگر ڪي ٻيا فصل به پوکيل هئا. ڪٿي ڪٿي انبن ۾ سوڪهڙي واري بيماريءَ جون علامتون، ڪجهه وڻن جا سُڪل ٽار، ته ڪو ڪو سڄو وڻ به سُڪل نظر آيو. انهن سُڪل وڻن ۾ ڪجهه وڻن ۾ کنئور به هو، ته ڪن ۾ کنؤر جو ٽڪو به نه هو!

    ”ڪجھ ھتان ڪجھ هُتان!“ يعني ڪجھ زرعي ته ڪجھ غير زرعي شيون، سائين اڪثر پريڪٽيل ورڪ لاء اڪثر حيدر آباد، ٽنڊوالھيار، ٽنڊو ڄام، هوڏانھن شيخ ڀرڪيو طرف به ڪڏھن ڪڏھن ريسرچ ڪندي ڪندي پري وڃو پھچي. سائين لکي ٿو ”هڪ دفعي، ٿيو هيئن ته مون کي ڪو ڪم نه هو، ائين ئي، آئون ٽنڊوڄام مان ٽنڊو الهه يار ڏانهن، رستي جي ٻنهي طرفن کان، فصلن جو معائنو ڪندو ويس. جڏهن قبو بس اسٽاپ تي پهتس، ته اتان کان بڪيرا شريف وارو رستو ورتم. ان رستي سان به، ٻنهي طرفن کان پوکيل فصل ڏسندو، وڃي ٽنڊو الهه يار، بڪيرا شريف روڊ تي پهتس. مون کي ياد آهي ته اتان مون شيخ ڀرڪيو کان ڦري اچڻ جو به سوچيو هو، پر اوچتو ياد اچي ويو ليکڪ دوست نواز نظاماڻي، جيڪو انهن ڏينهن سول اسپتال ٽنڊو الهه يار کي سامهون واري هاءِ اسڪول ۾ استاد هو، ٽنڊو ڄام ۾ رهندو هو، شام جو اڪثر اسين ملندا هئاسين. نواز چوندو رهندو هو، ته ڪڏهن اسڪول به اچي نڪر، اهو جهان به ڏسي وڃ. تنهن ڪري آئون ڦري آيس نواز نظاماڻي وٽ، جتي سندس ساٿي استاد مليا، ڪچهري ٿي، چانهن پي نڪتاسين. سائين جن اُتان ڦرندا ڦرندا اچي وري نصرپور پھتا. اُتان سائين نواز نظاماڻي کي جيڪو ڪم هو، اُھو ڪم ڪري، پوء تاج پور واري رستي تان ٿيندا، وڃي ميرپور خاص روڊ تي چڙھيا. اُتان هو سڌو ٽنڊو ڄام وڃي پھتا. بچي ويو عنايت لغاري!“ عنايت لغاري سان سائين جو ڪٿان واسطو ٿيو، اُھو به حيران ڪندڙ آھي. 1993ع ۾ بيمار ٿي پيو هئس، تڪليف کان وڌيڪ ڊاڪٽر جي ڏنل خوف پريشان ڪيو هو، پنهنجو حال ساريل هو، ان ڪري پاڻ کي شاگردن جي بلي ڪيو هئم، يعني آپريشن وسيلي مسئلو حل ڪرائڻ لاءِ، تڏهوڪي لياقت ميڊيڪل ڪاليج، هاڻوڪي لياقت يونيورسٽي جي سرجيڪل وارڊ ۾ ڄام شورو وڃي داخل ٿيو هئس. اتي ساڳئي وارڊ ۾ هڪ لغاري به داخل هو، ان جا ججها آپريشن ٿيا هئا. منهنجو هڪ ننڍڙو، مائينر آپريشن ٿيو هو. مريض ڀلي ته ڪير به هجن، اسپتال ۾ واسطا وڌي ويندا آهن.

    سائين جي انھي ڳالھ ۾ ڪو به شڪ ناهي. هاڻ واقعي ڌڱاڻو بوزدار تاريخي ڳوٺ آھي. جيڪو هن وقت شھر جي صورت ۾ تبديل ٿي ويو آھي. ڪٿي اڪثر ائين ٿيندو آھي. نوان قائم ٿيل ڳوٺ به ويران ٿي ويندا آھن. ڪٿي وري ائين ٿيندو آھي، ته سرسبز علائقن ۾ قائم اسٽاپ يا ڳوٺ بازارن جا رُخ اختيار ڪري ويندا آھن. بس ڪھڙي به صورت سائين مٺل جسڪاڻي پنھنجو ڳوٺ ڪنھن ڪم سانگي هليو ويو، ڌڱاڻي ڪون آيو، پوء عنايت لغاري بچي ويو.

    سائين مٺل جسڪاڻي اُھو سفرنامو لکي اسان پڙھندڙن ۽ گھمندڙن لاء ڪوھ مري, اسلام آباد, لاهور جي انھي پوائنٽن کي واضع ڪري لکيو آھي. اسانجو جڏھن به لاھور، ڪوھ مري، اسلام آباد وڃڻ ٿئي، انھي بابت ڄاڻ، هتي موجود سُٺين جاين جي ڄاڻ، اسان کي هن ڪتاب ”سفر بخير“ مان سولائي سان ملي سگھندي. ”سفر بخير“ ڪتاب ”سليٽ اشاعتي شعبي ٽنڊو قيصر“ پاران 2016ع ۾ ڇپائي، اسان پڙھندڙن جي جھول ۾ هڪ گلدستو رکيو ويو آھي.

    سائين مٺل جسڪاڻي جي ڪتاب ”سفر بخير“ جو مھاڳ پروفيسر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي ميمڻ پاڻ لکيو آھي، جيڪو پاڻ به نالي واري اديب تاج صحرائي جو پُٽ آھي، هن وقت سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جو وائيس چانسلر آھي. ”سفر بخير“ ڪتاب تي تاثرات ڊاڪٽر قاسم راڄپر، پنھنجي پاران مٺل جسڪاڻي ۽ اداري پاران آسي زميني لکيو آھي.

    هي تبصرو هلال پاڪستان اخبار ٻن حصن ۾ شايع ڪيو جيڪو مون ناچيز لاء وڏو اعزاز هيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو