درد هوش محمد ابڙو جي شعري مجموعي ”حالات جون هوائون“ جو جائزو

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏18 فيبروري 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,276
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    درد هوش محمد ابڙو جي شعري مجموعي: ”حالات جون هوائون“ جو جائزو

    فقير محمد سنڌي

    دل جو جھان ساري سُڏڪڻ لڳو آ هُن کي،
    هئي قرب جي ڪھاڻي ارمان هيکلا ٿيا.


    غزل گو شآعر درد هوش محمد ابڙو ڪنھن به تعارف جو محتاج ڪونهي، ”حالات جون هوائون“ شعري مجموعو خود سندس ئي تعارف آهي. اهڙي ريت غزل صنف جو سفر قديم دور کان ٿيندو جديد دور ۾ پنھنجا پير پختا ڪيا آهن. سنڌي غزل رجعت پسند دؤر ۾ پد اٿيو، ترقي پسند دؤر ۾ هن جي پالنا ٿي، اڄ جي سياسي اٿل پٿل، اقتصادي ۽ سماجي نابرابري واري دور ۾ جواني ماڻي رهيو آهي. درد هوش محمد ابڙو ڪويتا کيتر ۾ مسلسل طبع آزمائي ڪري رهيو آهي. سماجي قدرن جا سڀ اولڙا درد جي شاعريءَ ۾ موجود آهن.
    ڪتاب حالات جون هوائون، سنڌيا پبليڪيشن شايع ڪيو آهي. ڊسمبر 2018ع جو غزلن جو ڳٽڪو جيڪو اسان جي هٿن ۾ آهي، انهيءَ ڪتاب جي ارپنا پنھنجي ئي دوستن ۽ محسنن جي نالي ڪئي اٿس. جنھن م زبير سومري جي نانءِ جنھن جي قلمي سنگت هميشه مونکي اتساهه بخشيو آهي ۽ منھنجي ذهن تي هميشه اِهي سِٽون ٻُرنديون آهن. ممتاز جويي جي نانءِ جنھن جون ڪھاڻيون سماج جي حقيقي عڪاسي ڪنديون آهن، سندس قلم ديس جي دردن کان آجو ٿي ناهي سگهيو ۽ پنھنجي وڏي ڀاءُ انصاف علي ابڙو جي نانءِ جنھن جو ساٿ منھنجي جيئڻ لاءِ سوجهري مثال آهي. ارپنا جو اظھار محبت جو احساس ڏياري ٿو. انهيءَ لاءِ ڪنھن ڏاهي جو چوڻ آهي ته توها جو قدر ۽ اهميت توهان پنھنجي صلاحيت ۽ ذهانت مان پرکي سگهو ٿا. اهڙيون قرب ڪچھريون درد هوش محمد ابڙو پھريان به ڪري چڪو آهي، جنھن ۾ ”سانوڻي درد جي“، ”جن عشق سين آگاهه“ ۽ ”ملندو نيٺ پنھل“ پڻ شامل آهن. ڪتاب ۾ پنھنجي پاران، اداري پاران شاعري ۽ ليکڪ تي وسيع ڳالهه ٿيل آهي.
    ضمير کرل لکي ٿو ته، درد هوش محمد ابڙو هڪ اهڙو خوبصورت شاعر آهي جيڪو پنھنجي شاعريءَ ۾ محبوب سان محبت ڀري گفتگو سان گڏ نه صرف دلين ڳنڍڻ جي ڳالهه آساني سان ڪئي آهي. درد هوش محمد مسلسل شاعري سرجيندو رهي ٿو. پنھنجا احساس عام لوڪ تائين رسائڻ ۾ ڪامياب به ويو آهي.
    اينڊي روني جي چوڻي ٿي ياد اچي ته: ”توهان پنھنجن هٿن کي ڪم ڪرڻ کان نه روڪيو، اهي توهان جي دماغ کي ڪم ڪرڻ کان نه روڪيندا.“
    درد هوش محمد به ڪٿي به رڪيو ڪونهي. موتين جھڙا غزل اڄ جي سماج کي ارپيندو رهي ٿو. ڏسو درد هوش محمد جو هي غزل:

    ڇِـڄي ملڻ جو ضرور ناهي،
    اڃان سُتو دل جو سور ناهي.


    هـلـي هـلـي ٿـي پـيـا وڇوڙا،
    مٺي! ٻنھي جو قصورُ ناهي.


    اسـيـن اَيـاڻـا اٻـوجهه آهيون،
    رهـيـو اســان ۾ شـعـورُ ناهي.


    عـجـب دل جـي اداسُ وستي،
    نه پـيـڙ ڪائي ڪو پورُ ناهي.


    نــه هــاڻــي تــرسـايو آسرن ۾،
    اسان جي منزل ڇا ڏُور ناهي؟!


    ”درد“ حقيقت کي سامھون آڻيندي جڳ جو راز هيئن ٿو بيان ڪري ته:

    هـيـڏي سـاري جـڳ ۾ آ،
    غم کيڪاريو تو کانپوءِ!


    يا وري؛

    تو لَڏيو سڀ رونقون ڄڻ وئين کڻي،
    قرب تنھنجي ڳوٺ ۾ ڏسجي نه ٿو!


    عام جي اک کان شاعر وڌيڪ هن معاشري کي سمجهي ٿو. شاعر جي دل بي اختيار ڪونهي، شاعر هر وقت بااختيار ئي رهيو آهي. شاعر جا لفظ سڌو سنئون معاشري جا عڪس هوندا آهن.
    سنڌي غزل جي ابتدائي شاعرن مان سانگيءَ کي جڏهن انگريز سرڪار طرفان هز هائينيس جي مليل لقب مان ڪا هوند حاصل ٿي ته، چيائين ته:

    ڀينگ جا آهيون اسين وهه وا مزا هز هائينيس،
    رڃ جــا آهــيــون اسـيـن، نامِ خدا هز هائينس!


    غزل جي پنڌ ۾ درد هوش محمد به پاڻ موکيو آهي.

    ڪٿي پنڌ پنھنجو سجايو نه ٿيو،
    سـوا سُورَ کان ٻيو ڪمايو نه ٿيو.


    مزاح منجهه پيغام جيڪو ڏِئي،
    اسـان ۾ وري ڪـو وتـايو نه ٿيو.


    اسان عشق سان توڙ تائين ڪَٺا،
    اهـو وقـت پـنـھنجو اجايو نه ٿيو.


    يا وري:

    رسـمـن جـو ديـو ڇاهي رک حوصلو هـٿن ۾،
    اڳـواڻ عـشـق آهـي رک حــوصــلــو هـٿـن ۾.


    مرڻو ته آهي مٺڙي! هونئن ڀي ته موت ايندو،
    اوکـو اجـل ته نــاهـي رک حـوصلـو هـٿـن ۾.


    **

    ڪنھن رنگ ساڻ ڀيٽا هن جي ڪرڻ ڏُکي آ،
    بــس جــنــد هُـئي جوڳياڻي ارمان هيکلا ٿيا.


    دنيا اندر ڪاهل ماڻهن جي گهڻائي آهي، جنھنڪري ساڃاهه وند جي هر وقت رستا روڪ ٿيندي آهي. تاريخ ۾ ڪٿي به ساڃاهه وند هيڻو ناهي ٿيو، ڀلي هن جي ڪيتري به رستا روڪ ٿئي.

    بازاري ڪتا، شڪاري ڪتن کي ڏسي ڀؤڪندا آهن، مگر انهن جي ويجهو نه ويندا آهن، اها ئي حالت نالائق ۽ جاهلن ماڻهن جي هوندي آهي، جڏهن هو علم ۽ هنر ۾ لائق ماڻهن سان برابري ڪري نه سگهندا آهن ته انهن جي باري ۾ سوين عيب ڪڍڻ لڳندا آهن. پر هن ڏيھه ۾ سرخرو ساڃاهه وند ئي ٿيو آهي.

    سنڌڙيءَ وانگي دل آهي پنھنجي،
    غــيــرن وانــگــي سُــورَ اچــن ٿــا.


    **

    وڌي ٿـو وکـن سان انڌيرو انڌيرو،
    ڏکان هيڪلو مان انڌيرو انڌيرو.


    درد ڌارين جيئان ڪئي جيڪا،
    دل طـرف ڪـاهَه سـنـڌ جھڙي آ؟!


    **

    جــلاءِ جـاڳ تـون! اڃـان به سـاهه آ سريرَ ۾،
    سـڪون ڪونه ٿو ملي منافقيءَ جي هيرَ ۾.


    **

    اسان جي دل ٻنيءَ وانگي اُڪنڊ پنھنجي سنڌوءَ جھڙي،
    اســـان جـي بـات هـاريـاڻـي پـکـيـڙي پـيــار ويـنـداسـيـن.


    ساڃاهه وند سوچ سدائين سڄڻ واري ڪردار کي هٿي ڏيندي رهي آهي. شڪايتن جا پھاڙ ٽوڙي ۽ هر شر کي ختم ڪرڻ لاءِ دنيا کي گلن جا تحفا آڇيندا آهن.
    ”حالات جون هوائون“ ۾ درد هوش محمد چار سرائڪي غزل به شامل ڪيا آهن. ڪتاب جي بيڪ ٽآئيٽل تي حور الناس پليجو، درد هوش محمد جي شاعريءَ تي ويچار پيش ڪيا آهن.
    رضوان گل لکي ٿو ته درد هوش محمد وٽ منفرد قافيا، رديف سندس آڏو هر وقت حاضريءَ ۾ آهن جن کي غزل، بيت يا وائيءَ جي فارميٽ ۾ لکڻو اٿس.
    شبانا عالماڻي لکيو آهي ته،”ڪوئي ڏات حاصل ڪرڻ لاءِ جتن ڪندو آهي پوءِ به هن وٽ ڊکاڻڪي ڪرت ئي رهندي آهي پر ڪي ڪي انسان اهڙا آهن جن کي اڻ توريو ئي ملي پوندو آهي. آخر ۾ درد هوش محمد جا شعر ئي سندس کي ارپيا ٿو.

    اسان جي اکين ۾ ڪٿائون صدين جون،
    وڇـوڙا صـديـن کان وفائون صدين جون!


    اســان جــو نــئـون پـنـڌ آهي ته ڇاهي!؟
    اسان جي لبن تي صدائون صدين جون!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو