جھانگير عباسي جي ترجمي ٿيل ڪتاب ”چونڊ شاهڪار ڪھاڻيون“ تي سرسري نظر

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏18 فيبروري 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,269
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    جھانگير عباسي جي ترجمي ٿيل ڪتاب ”چونڊ شاهڪار ڪھاڻيون“ تي سرسري نظر

    فقير محمد سنڌي

    راشڊل جو قول آهي ته: بھترين زندگي اها آهي جنھن ۾ ڪيتريون ناڪاميون ۽ ڪاميابيون هجن، ڪيترا موقعا اهڙا جن ۾ جذبات اُڀري سامھون اچن، ڪيتريون گهڙيون اهڙيون، جن ۾ زندگي پنھنجي شباب تي نظر اچي، ڪاميابين جي بلندين ۽ ناڪامين جي پـَستين جي وچ ۾ جهولو جهولڻ جو نالو آهي بھترين زندگي. اهڙين زندگين کي سماج ۾ حوصلو ڏيڻ لاءِ بھترين مترجم جھانگير عباسي چونڊ شاهڪار ڪھاڻين کي ترتيب ڏيڻ سان گڏ انهن ڪھاڻيڪارن جو پروفائيل به مختصر طور پيش ڪيو آهي. جنھن جي ڪري ڪتاب اڃا وڌيڪ حسين ٿو نظر اچي. ڪتاب جي فليپ تي رضوان گل ليکڪ لاءِ پنھنجي راءِ قائم ڪئي آهي ته جھاانگير عباسي جو شمار سنڌ جي انهن ليکڪن ۾ ٿئي ٿو جن قلم سان مسلسل ناتو نڀايو آهي.
    چونڊ شاهڪار ڪھاڻين کي ڇپائڻ ۾ مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ حيدرآباد جي سرواڻ سڪندر ملاح جو اهم ڪردار آهي، جنھن ڪتاب تي ٻه اکر به لکيا آهن. جنھن ۾ لکي ٿو ته، هي ڪھاڻي، به ترجمي جي حوالي سان هڪ اهم ڪتاب آهي، جنھن ۾ مصري، ترڪي، عربي، مراٺي، اردو، پنجابي، هندي جي ناليوارن ڪھاڻيڪارن جونڪُل تيرنهن معياري ڪھاڻيون سنڌيءَ جي سٺي ۽ باصلاحيت ترجمي نگار جھانگير عباسيءَ ترجمو ڪيون آهن. مترجم ڪھاڻين جي ڪٿا تي لکي ٿو ته: انسان ۾ جيڪي خدائي صفتون آهن، انهن ۾ هڪ اهم صفت تخليق پڻو آهي، تخليقيت اهو تخليقي پڻو عورت جي ڪک مان ڦٽي ٿو. مرد جي آڱرين مان نمودار ٿئي ٿو ۽ اهو نت نيون صورتون اختيار ڪري ٿو. مرد ۽ عورت گڏجي تخليق جي نئين ڪائنات سرجين ٿا. واقعي جھانگير عباسي ٻين ٻولين جي ڪھاڻين جي حسناڪيءَ ۾ بھترين اضافو ڪيو آهي جو ٻين ٻولين جي ڪھاڻين کي پنھنجي ٻوليءَ جو ويس ڏئي سنڌي ادب ۽ پڙهندڙ ۾ پنھنجو الڳ مقام جوڙيو آهي.
    ڪتاب ۾ جھانگير عباسي ڪھاڻيڪار جي مرحلي ۾ پھريون نمبر منشي پريم چند کي رکيو آهي، جيڪو ترقي پسند سوچ ۽ فڪر جو حامي آهي. منشي پريمچند جي سڃاڻپ جديد افسانه نگار جي حيثيت سان پنھنجي حامل پڻ آهي. 31- جولاءِ 1880ع تي ڳوٺ ملبي ضلعي بنارس ۾ منشي عجائب لال جي گهر جنم ورتو. منشي پريمچند جي ڪھاڻي ”ٺاڪر جو کوهه“ جھانگير عباسي ترجمي جي بدولت سنڌي ادب ۾ به اوتري پذيرائي رکي ٿي. جيتري هندي ۽ اردو ۾ ان کي حاصل آهي.
    ڪھاڻي ”ٺاڪر جو کوهه“ جو مختصر حصو: ”وڻ جي اوٽ ۾ ويٺل ڪنگي ذات پات وارين سماجي ريتن رسمن تي سوچيندي دل ئي دل ۾ ڪڙهڻ لڳي هئي. اُهي سڀ چڱا مڙس آهن ۽ اسين گهٽ ذات آهيون، ٺڳيون اهي ڪن ..... شراب پيئن زنائون اُهي ڪن پوءِ به اهي ٿيا معتبر ..... هنھه ! ٺاڪر غريب ريڍار جون ٻه رڍون چورائي کائي ويو ..... پنڊت جي هر ٻارنھن ئي مھينا جوا هلي ٿي، لالا جي گيهه ۾ دينا داستي تيل ملائي سڀني کي کارائي ٿي.
    هن جديد دور ۾ به اهي ڪم اڃا تائين ٿي رهيا آهن جيڪي عڪس منشي پريمچند پنھنجي ڪھاڻيءَ ۾ چٽيا آهن. ڪرشن چندر هڪ لکيل پڙهيل ڊاڪٽر وگري شڪر چوپڙا جي گهر ۾ ڊسمبر 1912ع تي جنم ورتو. جنھن جي شروعاتي زندگي پڙهيل لکيل خاندان سان واڳيل رهي. ڪرشن چندر ڪھاڻي ”ٻه وکا ڊگهي سڙڪ!“ ڪھاڻي سماج تي پنھنجو اثـر ضرور ڇڏيندي آهي. ان لاءِ ڪرشن چندر جي ڪھاڻيءَ جو ڪجهه حصو اوهان جي نظر ڪندو هلان، ”هن سڙڪ جي ڪاري ڊانبر واري اڏول ڇاتي هر روز ڪارن موٽر سائيڪلن، ٽانگن، سائيڪلن ۽ پيرين پنڌ وارن کان سواءِ نه ڄاڻ الائجي ڪيترا گڏهن، ٻڪريون ۽ ٻيا جانور به پنھنجي قدمن جي لتاڙ ڪندا هئا پوءِ به مٿس تر جيتريو فرق ڪونه آيو هو. شايد انهيءَ ڪري جو سڙڪ جي تعمير جو ٺيڪو هڪ انگريز ٺيڪيدار هٿان پورو ٿيو هو. سڙڪ تي روز ڪيترا واقعا، حادثا ۽ ٻيا حالات رونما ٿيندا هئا پر انهن جو به رتيءَ برابر فرق نه پيو هيس.“ هاڻي اچون ٿا پنھنجي معاشري تي اسان وٽ ترقياتي ڪم ڪيتري سچائي ۽ ايمانداريءَ سان ٿين ٿا ۽ ٺيڪيداري نظام ڪيئن ڪرپشن جي وَرِ چڙهي ويو آهي. عظيم افسانه نگار ڪرشن چندر 8 مارچ 1977ع تي چالاڻو ڪيو.
    ننڍي کنڊ جي عظيم تخليقڪارن منجهان آرٽ ۽ ادب جي شعبن ۾ غير معمولي حيثيت رکندڙ خواجه احمد عباس به هڪ آهي. جنھن جو جنم 7 جون 1914ع تي هندوستان جي تاريخي شھر پاني پت جي رياست هريانه ۾ ٿيو. خواجه احمد عباسيءَ جي ڪھاڻي ”ابابيل“ پنھنجو مَٽ پاڻ آهي. فلمي دنيا، شاعر ۽ علم ادب جو حسين ترين شخص گلزار به آهي جنھن 18-آگسٽ 1936ع تي سجن ڪور ۽ ماکن سنگهه جي سِکَ گهراني ۾ جنم ورتو. گلزار پنھنجي فن بابت هن راءِ جو آهي ته، ڪھاڻي معاشري جو آئينو هجي ٿي، جنھن ۾ اسين زندگي جا حقيقي رنگ چٽا پسي سگهون ٿا. گلزار جي شاهڪار ڪھاڻي، راوي پار هن ڪتاب جو حصو پڻ آهي.
    هندوستان جي رياست ڪيرالا جي مسلم معاشري ۾ 21-جنوري 1908ع تي ويڪوم ڪاٽايم جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ويڪوم محمد بشير اهو پھريون وڏو مسلم اديب آهي جنھن جي تخليقن ۾ مسلمان معاشري جو ماحول، تھذيبي ۽ سماجي روايتن سان گڏ باقي ٻين قومن ۽ مذهبن جي ماڻهن جي حقيقي ترجماني ڪئي آهي. ويڪوم محمد بشير جي ڪھاڻي ”جنم ڏينھن“ پڙهڻ کانپوءِ ايئن محسوس ٿئي ٿو ته جن ادب کي سرجيو آهي، معاشري کي اکيون بخشيون آهن ۽ پاڻ ڪيتري پيڙا مان گذرن ٿا ۽ انسانيت کي جيئدان ڏين ٿا. ويڪوم محمد بشير 5-جولاءِ 1996ع تي فن ۽ ادب کي هميشه لاءِ الوداع ڪري ويو.
    ڪيترين ئي ٻولين جي برک ڪھاڻيڪار، شاعر، ڊرامه نگار، ناول نگار، نقاد ۽ ريڊيو ڪمپيئر ڪرتا سنگهه دگل جو جنم پھرين مارچ 1917ع تي ڳوٺ دهيمال راولپنڊي (پاڪستان) ۾ جيون سنگهه دگل جي گهر ٿئي ٿو. ڪرتار سنگهه جو شمار، اردو، پنجابي، هندي ۽ انگريزي ٻولين جي چوٽيءَ وارن ليکڪن ۾ ٿئي ٿو. ڪرتار سنگهه دگل جي ڪھاڻي جيڪا هن ڪتاب ۾ شآمل آهي، ”چانڊوڪي رات جو ستم“ ، اها شاهڪار ڪھاڻي وري وري پڙهڻ جھڙي آهي. لکڻ وقت جھانگير عباسيءَ جي محنت سنڌي ادب لاءِ محبت ڀري آهي. ڪرتار سنگهه دگل ڪھاڻيءَ متعلق چوڻ آهي ته، ”ڪھاڻي سٺي ۽ سريلي شاعري وانگر وڻندڙ، ناٽڪ وانگر ڊرامن ۽ قصي وانگر بياني هوندي آهي. اهڙي ئي خوبصورت انسان عظيم ليکڪ ڪرتار سنگهه دُگل 26-جنوري 2012ع تي موڪلاڻي ڪئي.
    ڪھاڻي سماج جو آئينو آهي، محنت ان جو حسن آهي، اهڙي ئي حسين ڪتاب جي باري ۾ا وهان پڙهي رهيا آيو جيڪو ڪھاڻين جو شاهڪار مجموعو آهي. مدهو منگيش ڪرنڪ، هندوستان جي ٻولين جي ادب ۾ مراٺي ادب جو تمام وڏو حصو حاصل ڪندڙ ڪھاڻيڪار ۽ ليکڪ مدهو منگيش ڪرنڪ 28-اپريل 1931ع تي ضلعي سندهو درگ مھاراشٽر رياست ۾ جنم ورتو. مدهو منگيش ڪرنڪ جو شمار به شاهڪار ڪھاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو. جھانگير عباسي به مدهو جي ڪھاڻي ”يادن ۾ سمايل چانڊوڪي“ ڪتاب ۾ شامل ڪري ڪتاب جي حسناڪيت ۾ ويتر اضافو ڪيو آهي.
    جديد مراٺي ڪھاڻيڪارن ۽ ناولنگارن ۾ شريمتي سانيا هڪ اهم نالو آهي. شريمتي سانيا جي ڪھاڻي ”خدا حافظ“ مسيحا پيشي سان لاڳاپيل آهي جنھن ۾ احساس ۽ اڪيلائپ جو پاسو نمايان نظر اچي ٿو.

    نجيب فاضل جو نالو ترڪي جي ترقي پسند اديبن، شاعرن ۽ ڪھاڻيڪارن ۾ شمار ٿئي ٿو. نجيب فاضل جو جنم 1904ع تي استنبول شھر ۾ ٿيو.نجيب فاضل جي ڪھاڻي ”بيمار جواري جو موت!“ جيڪو عنوان سان ئي ڪھاڻيءَ جي پيرا کي صاف ظاهر ڪري ٿو.
    حضرت علي عليھ السلام جو قول آهي ته، ڪڏهن ڪڏهن لفظ تلوار کان وڌيڪ تيز ۽ زبان نيزي کان وڌيڪ تکا هوندا آهن. اهڙي طرح هر ڪھاڻي ۾ ڊائلاگ به ڪڏهن تيز ته ڪڏهن سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا. نجيب محفوظ، جيڪو مصر جي تاريخي شھر (قائراه) قاهره جي قديم علائقي جماليه ۾ 11 ڊسمبر 1911ع تي پروفيسر نقيب پاشا محفوظ جي گهر ستين ٻار طور جنم ورتو. نجيب محفوظ جو شمار عالمي ادب جي ناول نگارن ۽ ڪھاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو. نجيب محفوظ جي شاهڪار ڪھاڻي ”جواب نه ۾ آهي“ جيڪا پڻ سماجي ڪھاڻي آهي.
    شيخوپوره ضلعي جي هڪ ننڍي ڳوٺ جي زميندار گهراڻي ۾ 5 سيپٽمبر 1938ع تي اردو ادب جي سگهاري نانءَ محمد منشاياد جو جنم ٿيو. منشاياد جي ڪھاڻي ”تماشو“ احساس، توڪل ۽ اميدن تي آڌاريل آهي.
    اردو ڪھاڻي جو ڪينواس به شآعري جيان واسيع آهي. انھيءَ وسيع ميدان ۾ امراؤ طارق جو شمار به چوٽيءَ جي ڪھاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو. جنھن ڪھاڻي ”ويھن سالن کانپوءِ“ جي عنوان هيٺ لکيل آهي جيڪا ذهني بلندين کي ڇھي ٿي.
    ڪنھن جي درد کي ڇڏائڻ لاءِ پنھنجو دردِ سر وساري ڇڏڻ گهرجي. اهڙو ئي عمل شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ فنون لطيفه جو هر فرد ايئن ئي ڪري ٿو. بلوچستان جي پھاڙن ۽ صحرائن واري سخت گير ڌرتيءَ سان تعلق رکندڙ آغا گل به آهي جنھن 19 نومبر 1951ع تي هرنائي ۾ پيدا ٿيو. ڪتاب جي آخري ڪھاڻي آغا گل جي آهي ”پرٿوي- غوري) ڪھاڻيءَ جو هر ڊائلاگ پنھنجي جوهر ۾ رقص ڪري رهيو آهي.
    چونڊ شاهڪار ڪھاڻين جي مجموعي ۽ ڪھاڻيڪار جي تعارف دل ۽ دماغ کي تازو توانو ڪري ڇڏيو. 152 صفحن واري ڪتاب جي ارپنا جھانگير عباسي، عون محمد عباسي، افلان محمد عباسي ۽ نافع محمد عباسي جي نالي ڪئي، جيڪي سندس ڪل جھان آهن. ڪتاب جي ٻئي فليپ تي رياضت ٻرڙو به جھانگير عباسي کي لفظن جي ڀيٽا ڏني آهي لکي ٿو ته: جھانگير عباسي سنڌي ٻوليءَ سان گڏ اردوءَ جو به معروف اديب آهي. جيتوڻيڪ کيس ٻنھي ٻولين جي ادبي دنيائن ۾ سفر ڪندي اٽڪل ٽي ڏهاڪا گذري چڪا آهن. ايتري عرصي دوران هڪ نسل نوجوانيءَ جي سرحدن کي پار ڪندي نئين دنيا جا سندر سپنا ڏٺا به آهن.
    ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي راز شر به پنھنجي راءِ ڏني آهي ته، اسان جي سماج ۾ جتي پڇ ٻڌي مھري ٿيڻ وارن اديبن جي هڪ ڊگهي قطار آهي اتي هي ادب جو خاموش سپاهي پنھنجي ڀرپور صلاحيتن سان چمڪندڙ ستاري جيان موجود آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو