عيسى ميمڻ جي ڪتاب: ”سُرت سندو سوجهرو“ جو سرسري جائزو

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏18 فيبروري 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,269
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    عيسى ميمڻ جي ڪتاب: ”سُرت سندو سوجهرو“ جو سرسري جائزو

    فقير محمد سنڌي

    ونسٽن چرچل جو قول آهي ته: ”پنھنجين وڌندڙ سوچن کي وڌيڪ غور و فڪر ڪرڻ ۽ منصوبه بنديون ڪرڻ خاطر اڳتي وڌايو“. اهڙي ريت سنڌ جو باشعور ليکڪ عيسى ميمڻ به ونسٽن چرچل جي قول تي ڄڻ عمل ڪري رهيو آهي. انھيءَ عمل جو نتيجو ”سرت سندو سوجهرو“ آهي جيڪو مقالن ۽ مضمونن تي مشتمل آهي. جنوري 2019ع جي آجيان ڪندي عيسى ميمڻ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ کي برجستو ڪتاب پيش ڪيو آهي. سرت سندي سوجهري کي عام لوڪ تائين رسائڻ ۾ پيڪاڪ پبلشرز ڪراچي جي سرواڻ ڊاڪٽر آفتاب ابڙو جي ڪوشش اهم آهي.
    ڪتاب جو مھاڳ سنڌ جي ناليوار ليکڪ مدد علي سنڌي لکيو آهي، جنھن ڪتاب کي اڃا به تاريخي بڻايو آهي. مدد علي سنڌي جي مھاڳ ۾ ڪجهه تاريخي حوالا اهميت جوڳا آهن. ”بھادر نياڻي اختر بلوچ 19 نومبر اربع جي ڏينھن منجهند جو هڪ وڳي ڌاري، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد جي آفيس ٻاهران اچي بک هڙتال تي ويٺي، سنڌ جي تاريخ ۾ ورهاڱي کانپوءِ اهو پھريون ڀيرو هو جو ڪا سنڌي ڇوڪري اچي بک هڙتال تي ويٺي هئي.
    شاگرد جدوجھد جي حوالي سان مدد علي سنڌي اڃا به تاريخ کي اجاگر ڪيو آهي. لکي ٿو ته اهو عظيم الشان ڪارنامو سنڌي شاگردن جي گڏيل جدوجھد جو نتيجو هو. اڄ مرحوم لالا قادر (وفات 11 آڪٽوبر 1999ع ڪراچي جي ميوه شاهه قبرستان ۾ ابدي ننڊ ۾ ستل آهي. پر لسٽن واري تحريڪ جي هن مکيه ڪردار جي حياتي يا وري لسٽن واري تحريڪ بابت هڪ به تحقيقي ڪتاب نه لکجي سگهيو آهي. ياد رهي ته سنڌ جي شاگرد تحريڪ جو تاريخي ۽ اهم واقعو ڪنھن سنڌي شاگردياڻيءَ جو پھريون ڀيرو بک هڙتال تي ويھڻ، جيل وڃڻ هو. پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ اهو پھريون ڀيرو هو جو ڪا سنڌي ڇوڪري قومي سياست جي ڪري جيل موڪلي ويئي. ورهاڱي کان اڳ ۾ پھرين سنڌي عورت گنگا ديوي هئي، جيڪا شڪارپور مان پھريون مھاتما گانڌي جي اپيل تي 1942ع تي واري تحريڪ ۾ جيل ويئي هئي.
    ڪتاب جا پيش لفظ ناليواري ليکڪ ۽ پبلشر يوسف سنڌي لکيا آهن جنھن سنڌي ٻوليءَ جي حوالي کان عيسى ميمڻ جي مضمونن کي ساراهيو آهي. سنڌي ٻوليءَ لاءِ لکي ٿو ته سنڌي ٻولي پاڪستان جي سڀني قومي ٻولين ۾ واحد ٻولي آهي جنھن وٽ نه رڳو پنھنجو تعليمي سرشتو آهي پر اردو کانپوءِ واحد ٻولي آهي جيڪا علمي ۽ ادبي ميدان ۾ پڻ پاڻ ڀري آهي.
    ڪتاب ”سرت سندو سوجهرو“ تي ڪھاڻيڪاره ۽ ريڊيو ڪمپيئر ڊاڪٽر آمنه سومرو به پنھنجا ويچار پيش ڪيا آهن. فڪر ڦرهي هٿ ۾ لکي ٿي ته، جديد سنڌي ادب پنھنجي ترقي پسندن لاڙن کانپوءِ نين معنائن، نوان مھاڏن، نَون مسئلن جي عڪس کي کڻي پاڻ کي دنيا جي ادب منجهه باصلاحيت پروقار ۽ شاندار بڻائڻ جي کوجنا ۾ آهي.
    عيسى ميمڻ هيءُ ڪتاب مسڪان سنڌو ۽ بختاور سنڌوءَ کي ارپيو آهي جيڪي ليکڪ جو ڪُل جھان به آهن ته اکين جو نور پڻ. هن ئي ڪتاب ۾ عيسى ميمڻ جو مختصر تعارف پڻ شامل آهي جيڪو پڙهندڙن کي ضرور اتساهه بخشيندو.
    ڪتاب ”سرت سندو سوجهرو“ ۾ 29 مضمون شامل آهن جيڪي ليکڪ وقت ۽ حالتن کي ڏسي ڪري تحقيقي بنيادن تي لکيا آهن جن ۾ ان وقت جي ڄاڻ ته شامل آهي ئي آهي پر هلندڙ دؤر ۽ ايندڙ دؤر کي پڻ انهن مضمونن جي ضرورت پوندي. ڪتاب ٽن حصن تي مشتمل آهي. پھرين حصي ۾ ٻولي، ادب ۽ تعليم کي شامل رکيو ويو آهي جنھن جو پھريون تحقيقي مضمون آهي سنڌي ٻوليءَ اوسر ۽ ان بابت نظرين جو جائزو. پيش ڪيو ويو آهي، جيڪو حوالن جي حسناڪي سان بھترين مقالو آهي.
    جيني ڪرڪ پيٽرڪ جو تاريخ جي حوالي سان چوڻ آهي ته،”تاريخ سٺا ارادا رکڻ کان وڌيڪ آهي.“ سٺي رهبري ڪندڙ سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ جي تاريخي جدوجھد مضمون به ٻوليءَ جي بچاءَ لاءِ اتساهه ڏيندڙ آهي.
    حافظ شيرازيءَ جون سِٽون به ڪمال جون سِٽون آهن:

    زمــانـه گـر بــزنـد آتــشــم بــجــر مـن عمر،
    بگو بسوز ڪه برمن به برگ کاهي نيست.

    ترجمو: جيڪڏهن زمانو منھنجي سڄي ڄمار جي حساب کي باهه ڏئي ڇڏڻ چاهي، ته ان کي چئو ته ڀلي ان کي ڀسم ڪري ڇڏي، (ڇو جو) منھنجيءَ نظر ۾ منھنجي سموري عمر (حياتيءَ) جي ڪَکَ جيتري به قيمت ڪانهي.
    پر جيڪا تاريخ محفوظ ٿي وڃي ٿي اها تاريخ صدين جو سفر ڪري ٿي. ان کي ڪوبه ساڙي ڀسم نٿو ڪري سگهي. باقي انسان فنا ٿي وڃي ٿو. تاريخ جي فنائيت اڻٽر آهي. ميونسپل اسڪول لاڙڪاڻو جي مختصر تاريخ: اسڪول ۽ لاڙڪاڻي شھر لاءِ انتھائي اهم مضمون آهي، يا وري تعلقي ڏوڪريءَ جو سنڌي ادب ۾ حصو پنھنجي تاريخ رقم ڪري بيٺو آهي.
    ڪتاب جو ٻيو حصو سياست ۽ سماجيات تي آهي. انتھا پسنديءَ جو رجحان ۽ اسان جون ذميواريون، سوويت يونين جو زوال ۽ سنڌ، بھترين مضمونن سان گڏ تاريخ پڻ آهن. اهڙي طرح ”سنڌ ۾ پارٽيون نتيجا ڇونه ٿيون ڏين“، اهو سنڌ جي سياست کان اهم سوال آهي. کدڙن جي تاريخ ۽ انهن جا حق به معاشري کي آئينو ڏيکارڻ جي برابر آهي. اڄ جو ليکڪ سماجي ۽ معاشرتي طور تي سجاڳيءَ جو اعلان ڪري رهيو آهي. اوڏن جي تاريخ، مذهب، ڌنڌا ۽ ٻوليءَ تي ليکڪ سرسري نظر وڌي آهي، جيڪو سنڌ جي اندر رهندڙ اوڏن لاءِ تاريخي دستاويز جي حيثيت رکي ٿو.
    ڪتاب جي ٽئين حصي ۾ 13 شخصيتن تي ليکڪ جامع نموني سان پنھنجي راءِ جو اظھار ڪيو آهي. انهن 13-شخصيتن مان ڪجهه اُهي شخصيتون آهن جن سماجي ۽ سياسي شعور کي روشن ڏيئي وانگر اجاگر ڪيو ۽ انهن جي ڏنل واٽ کي سنڌي سماج اڄ به سياسي، سماجي ۽ شعوري طور تي ان مان پنھنجي اڃ کي پورو ڪري سگهن ٿا. 13 شخصيتن جا نالا ان ڪري به هن مضمون ۾ شامل نٿو ڪيان جو پڙهندڙ ڪتاب سُرت سندو سوجهرو جيئن پڙهن. عيسى ميمڻ ڪتاب ۾ تاريخي، ثقافتي ۽ شخصي پاسي کي سٺي انداز ۾ اجاگر ڪيو آهي.
    ابراهيم جويو جيڪو سنڌ جو ڏاهو انسان هو، جنھن جي چوڻي سماجي طور تي بھتر تاثر ڏئي رهي آهي،”انسان جي عظمت هيءَ آهي ته هو پنھنجي وس آهر پاڻ مان ٻاهر نڪري اچي، يعني پنھنجي مفاد سان گڏوگڏ ٻئي جي مفاد جو به خيال ڪري، بلڪه ٻئي جي مفاد کي اڃا وڌيڪ ترجيح ڏئي.“
    دنيا جي اندر جيڪي به ڳجهارتون آهن انهن کي دانائن ئي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي، باقي زندگي ته سيلاب جي وهڪري وانگر تيزيءَ سان گذرندي رهي ٿي. انهن دانائن ئي زندگيءَ جي سوجهري کي عوام الناس تائين پھچايو آهي. اهڙو ئي ڪم عيسى ميمڻ ”سُرت سندو سوجهرو“ ۾ سرانجام ڏنو آهي. عيسى ميمڻ سنڌي ادب ۾ مستقل مزاجي سان ڪم ڪري رهيو آهي جنھنڪري عيسى ميمڻ جي شخصيت ۽ علم ۾ ڏينھون ڏينھن واڌارو ٿيندو رهي ٿو. ”سُرت سندو سوجهرو“ جو بئيڪ ٽائيٽل سنڌ جي سڄاڻ ليکڪ استاد خالد چانڊيي لکيو آهي، جنھن ۾ ڪتاب ۽ ليکڪ تي پنھنجي برجستي راءِ ڏني آهي جنھن م لکي ٿو ته،”عيسى ميمڻ سنڌ جي انهن اديبن مان آهي جنھن ٿوري وقت ۾ پاڻ مڃايو آهي ۽ ڪيترن ئي ادبي واڳُن جي هوندي به ڪنھن جي پٺيان هلڻ بجاءِ پنھنجو منفرد مقام ٺاهي هلندو رهيو آهي.“
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو