هجومن ۾ اڪيلائي ڪتاب هڪ نظر

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ اظهر امر طرفان آندل موضوعَ ‏20 فيبروري 2019۔

  1. اظهر امر

    اظهر امر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 جنوري 2019
    تحريرون:
    36
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    48
    محمد علي جروار جي ڪتاب هجومن ۾ اڪيلائي تي هڪ نظر!!!
    اظهر امر
    هجومن ۾ اڪيلائي مجموعي جو سرجڻھار لاڙ پٽي جي ضلعي بدين جي علائقي “امن آباد” ڪارياڻو سان تعلق رکندڙ شاعر محمد علي جروار آهي جيڪو زندگي جو ڳچ حصو سنڌي ادب ۽ سنڌي شاعري کي ارپي چُڪو آهي، هو هن وقت به سنڌي ادب جي انهي پيچرن تي موجود آهي هاڻ تي ساڻس اسان به ساڳين سفر جا راهي ٿي چُڪا آهي ڏسون ٿا تي اسان کي منزل ڪڏهن ٿي ملي پر هن وقت منهنجي منزل کي ڇڏي ڪري مان محمد علي جي انهي منزل بابت ڪجھ ڳالهندس، هو هن سفر جو راهي ٿيو پوءِ اچانڪ ڪجھ وقت غائب رهيو انهي جا سبب ڇا هئا انهي غائب هجڻ کان پوءِ هو جڏهن ظاهر ٿيو ته سنڌ کيس محمد علي جي نالي سان وڏي واڪي سڏ ڪرڻ لڳي، محمد علي سڏ سان سڏ تي جي جي ڪندي واپس موٽي آيو. هن کي زندگي ڪيترا صدمان ڏنا هن سان ڪهڙيون ويسان گهاتيون ٿيون تنهن بابت هو پنهنجي خيال جي ڏي وٺ پنهنجي قلمي پورهئي هجومن ۾ اڪيلائي ۾ سرجهائي آهي جيڪي احساس محمد علي جا پنهنجا آهن جيڪو به پڙهندو اُهو پنهنجي لڙڪن کي نه روڪي سگهندو هن اھڙن احساسن کي دل ۾ سانڊي سانڊي نيٺ اسان آڏو ڪتابي صورت ۾ پيش ڪيا آهن جيڪي پڙهجن تي خبر پوندي تي محمد علي ڪيترو ڏُکايل ۽ زماني جو ستايل آهي محمد علي جروار سان منهنجي پهرين ملاقات جروار برادري جي شادي تقريب ۾ ٽنڊو الهيار ۾ ٿي، جڏهن منهنجي ملاقات ٿي تڏهن صدين جي سڪ لاهي وئي محمد علي کي کيس ڀاڪرن ۾ ڀري سڪ پوري ڪرڻ لڳس،
    هجومن ۾ اڪيلائي ڪتاب جو مطالعو ڪري سندس احساس کي دل سان پڙهي کيس چند لفظن جي ارپنا ڪري رهيو آهي سندس شاعري مجموعو منهنجي امر لائبريري ۾ موجود آهي. هن ڪتاب ۾ محمد علي غزل سرجهايا آهن، تن غزلن مان محمد علي جو هڪ هڪ غزل ڪمال جو غزل آهي دل تي چوي ٿي تي محمد علي جو هر هڪ غزل ورائي ورائي پڙهجي، محمد علي جڏهن ظاهر ٿيو تي سنڌي ادب جي پيچرن تي اسان لاءِ انمول ڪتاب هجومن ۾ اڪيلائي آوي مان تيار ٿيندڙ ٿاون جيان پچائي نڪتو اُهو ڪتاب ٺڪر جي ٿاون کان وڌيڪ پڪو پُختو ٿي ويو جيڪو هن وقت اسان جي هٿن ۾ آهي. ۽ اُهو صدين تائين اسان جي رهنمائي ڪندو رهندو اسان انهي مان لطف وٺندا رهنداسين.
    سندس غزل جون ڪجھ سٽون سڄڻن جي سامهون رکجن ٿيون.
    رات ڪنڌيءِ تي ننڊ اچي وئي،
    سنڌ نديءِ تي ننڊ اچي وئي.
    چپڙا چپڙن تائين پھتا،
    مڌ مٺيءَ تي ننڊ اچي وئي.
    ڪيڏو نه ڪمال جو غزل تخليق ڪيو اٿس مان تي سمجهان ٿو هن هي غزل ڄڻ مون مٿان سرجهايو هجي، هو رات جو ڪنڌين تي سمهڻ جو هيرڪ ٿو لڳي هن کي مليل ايذاء يقينن هن کي ڪنڌين تي سمھڻ تي مجبور ڪندا هوندا، هو انهن ڪنڌي کي سنڌو نديءَ جو نانءَ ڏئي سمهي پيو تي به هو سمهي ويندو، سندس شاعري ۾ محبوب کان وڇڙڻ جو ڏُک بيان ڪري ڪٿي زماني جي ڏنل سورن کي سيني ۾ سانڍي لوڪ جي مھڻن ڪري لڪائي ٿو. وقت واقعي ۾ بيوفا آهي وقت جي ٿيل بيوفائي تي محمد علي ڇا ٿو لکي، اُھو به ڪمال جو آهي.
    هو به هاڻي خفا خفا آهي،
    وقت ڪيڏو نه بيوفا آهي؟
    ڪوئي تنها هجي هجومن ۾
    هي به هڪڙي وڏي سزا آهي.
    زماني وارا تي هن کان سفا ڪي بيزار هئا، هوئين به مون ڪٿي پڙهيو يا ڪنن ٻُڌو آهي تي اڪثر ڪري لوڪ شاعرن کان بيزار هوندا آهن.
    هو به محمد علي مان صفا ڪا بيزار هئي وقت تي هوئين به بيوفا آهي. ڪنهن جو انتظار ناهي ڪندو وقت هٿن مان نڪري ويندو، اُها بلڪل حقيقت آهي تي شاعر ماڻهن جي هجوم ۾ به پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندو آهي محمد علي جروار به ڪجھ اهڙي ڪيفيت مان گذريو آهي. جيڪو پنهنجي اهڙي ڪيفيت ڪتاب هجومن ۾ اڪيلائي ۾ بيان ڪري چُڪو آهي. هجومن ۾ اڪيلائي جي ارپنا پنهنجي پياري موڀي ڀاءِ سائين ممتاز علي جروار کي ڪئي آهي، جنهن کي ڪچي شراب جي ڪاتي ڪهي ڇڏيو ٻيو هن پنهنجي همسفر يعني گهر واري زخسانه “گڏي” کي ڪئي آهي جيڪا 2011 واري برساتي ٻوڏ ۾ وڇڙي وئي جيڪا ڏُک سک حال حوالي ونڊڻ واري هئي. ٽيو هن ارپنا پنهنجي جيجل امڙ جي نانءِ ڪئي آهي.
    محمد علي جروار جي ڪتاب جو مهاڳ نالي واري شاعر ايوب کوسي لکيو آهي ايوب جو لکيل مهاڳ به بار بار پڙهڻ جهڙو آهي. ايوب لکي ٿو تي محمد علي هڪڙو محبوب ماڻهو ۽ قومي نظريو رکندڙ دلبر انسان آهي هُن سماجي غليظ روين ۾ زندگي جو سفر ڪيو آهي.
    محمد علي جي ڪتاب تي تاثرات مظهر علي جروار، پنهنجي پاران محمد علي جروار بيڪ ٽائيٽل ماڪن شاھ رضوي لکيو آهي. ڪتاب هجومن ۾ اڪيلائي ڪنول پبليڪيشن قنبر طرفان ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو آهي.

    20/02/2019 تي هلال پاڪستان جي ادبي صحفي تي شايع ٿيو.
     
    جعفر شاهاڻي هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو