دل جي لڳي سا دل کي خبر دل دانهون ڪري

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏21 فيبروري 2019۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,956
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    دردن منھنجي دل ۾ کوٽي ڇڏي کاڻ
    اچي عجيب عشق مان پرين پاڻ سڃاڻ
    ڪولاچي ھڪڙي ماڻھوءَ ڪاڻ ھتي رئون ٿا رت ڦُڙا.


    **

    دل جي لڳي سا دل کي خبر،
    دل دانھون ڪري، ھئہ ڙي دل دانھون ڪري،
    مون کان ڇو سُھڻا رھين ٿو پري.


    دل ٿي چوي پئي مل يار مون کي
    ٻي طلب ڪائي ناھي ڪابہ مون کي
    ھڪ يار ملي ٿئي مُنھنجي بِلي
    دل دانھون ڪري، ھئہ ڙي دل دانھون ڪري


    حبيب ميراڻي نہ ڪوئي آرام آ
    راتو ڏينھان روحان منھنجي ۾ ماتام آ
    ڏاڍا سُور سھي ٻيو ڪُجهہ نہ چوي
    دل دانھون ڪري، ھئہ ڙي دل دانھون ڪري.


    _
    ٻول : حبيب ميراڻي
    آواز : جلال چانڊيو
    وڊيو: ثقافت کاتو

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو