بکايل ٻار ڪهاڻي

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏22 فيبروري 2019۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    70
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    48
    شيراز پريم
    هڪ ڏينهن شام جو مان حيدرآباد المنظر پل وٽ بيهي سج لهڻ جو خوبصورت نظارو ڏسي رهيو هيس ۽ اتي مون ڪيترائي ماڻھو ڏٺا جيڪي مون وانگر تفريح تي نڪتل هئا ۽ ماڻھو اڪثر فيملي وارا ڏسڻ ۾ پئي آيا ڇاڪاڻ ته شام جو دلڪش درياھ جون بي انتها خوبصورت موجون ۽ دل کي سڪون ڏيندڙ منظر سان گڏوگڏ ٿڌڙي هير ڏاڍي وڻندڙ هوندي آھي انڪري لطف اندوز ۽ تفريح جي لاءِ هتي فيملي وارن جو تعداد تمام گهڻو ايندو آھي ۽ اڪثر ڪري توهانa ڏسندا ته گهڻا ماڻھو خوشحال ۽ امير گهراڻن سان تعلق رکندڙ فيملي وارا ئي هوندا آھن باقي نه ته اتي اسان جهڙا اڪيلائي پسند تمام ٿورڙا اوهان کي ملندا، سنڌو جي سيني يعني حيدرآباد جي دل المنظر جي قدرتي سونهن جي ته ڳالھ ئي ڪجھ ٻئي آ، اتي آءُ گهمڻ جو مزو جام ورتو ان کان پوءِ مون سوچيو ته هوٽل تي چانھ جون چسڪيون ڀريان، پريان وري درياھ جي ڇولين جو گوڙ به ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ۾ پئي آيو آءُ پنهنجي سوچ مان مطمئن ٿي چانهن جي هوٽل تي ويٺس هوٺل تي ويهڻ کان پوءِ مون غور سان ڏٺو ته هر ماڻهو پنهنجي خاندان سان گڏ انجواءِ ڪري رهيا هئا ۽ ڪيتريون ئي عورتون پڻ هيون جن جي ڪڇن تي مون ڪيترائي ٻار ڏٺا انهن معصوم ۽ گلڙن جهڙن ٻارن کي ڏسڻ کان پوءِ مونکي ايئن محسوس ٿيو ته زندگي ڪيڏي نه خوبصورت آھي اهڙن ماڻھن جي جيڪي هميشه مسرت ۽ شادماني جي زندگي بسر ڪندا آھن ۽ اهي ٻار جيڪي پنهنجي ماءُ جي ڪڇ تي آھن اهي ڪيترا نه خوشنصيب آھن جيڪي پنهنجي ماءُ جي پيار ۽ محبت هيٺ پرورش پائيندا آھن جن کي پنهنجي ماءُ جي تڃ نصيب ٿيندي آھي ۽ هو خوشحال گهراڻي ۾ پيدا ٿيندا آھن، انهن ٻارن جي زندگي ۽ ايندڙ مستقبل به ڏاڍو سٺو ٿيندو آھي ڇاڪاڻ ته انهن ٻارن کي پنهنجي معصوميت سان گڏوگڏ پنهنجي والدين جو ڀرپور ساٿ ۽ پيار هوندو آھي هو ڪڏھن به پريشانين جي ور نه چڙھندا آھن ۽ انهن جو سوچون هميشه آزاد فضائن ۾ اڏندڙ پکين وانگي هونديون آھن جيڪي نيري آسمان جي اوچاين تي گهر ڪندا آھن، ٺيڪ اهڙي طرح ڪجھ سوچڻ کان پوءِ هوٽل وارو گرم گرم چانهن کڻي آيو ،ِ مون چانهن پي ٿورڙي واڪ جي لاءِ ٻاهر نڪتس ۽ کيسي منجهان گولڊ ليف سنگريٽ ڪڍي دڪائي پيئڻ شروع ڪيو ته اچانڪ هڪ معصوم ٻار منهنجي چيچ ۾ هٿ وجهي چوڻ لڳو ته چاچا اوهان وٽ سئو رپئي جو نوٽ آھي اهو نماڻين اکين وارو اُداس ڇوڪرو جنهن جي عمر لڳ ڀڳ 13 سال هئي ميرا ڪپڙا پيرن ۾ ڇڳل چمپل اداس اکيون بدن ٿڌ ۾ ڏڪي رهيو هيوس ڇوجو اتر جي هير صفا ففڙ پئي ڪڍي ۽ ان بکايل ٻار جي بدن تي سادا سنهڙا ڪپڙا پهريل هئا سي به هند هند کان فاٽل هيس پر مان اهيا حالت ڏسي خود ڪنبڻ لڳس ۽ تعجب ٿيڻ لڳو چوندا آھن ته انسان جي مٿان ڪيڏي به مجبوري ڇونه هجي پر هو ڪنجهي ڪنجهي ان ڏکي پيڙا کي برداشت ڪرڻ جي سگھ رکندو آھي، پر مان چوان ٿو ته مان اهيا سردي ٿورئي برداشت ڪري سگهان هان ڀلي مان مجبوري ۽ لاچاري جي زندگي ڇونه بسر ڪيان هان اهڙي سرديءَ ۾ ڪنجهڻ ۽ ڏڪڻ کان اڳ موت جو شڪار ٿي وڃان هان.
    اتي شام ٿي وئي هئي ۽ سج لهي رهيو هيو سڄي فضا شفق جي رنگ ۾ رنڱجي رهي هئي ۽ سج درياھ جي پيٽ ۾ وسامندڙ ڏيئي وانگر ٻڏي رهيو هيو سردي به پنهنجو زور شور وٺڻ لڳي هئي پر ماڻھو شام جو تفريح لاءِ وڏي تعداد ۾ نڪرن پيا ۽ انهن کي بهترين سئيٽر پهريل هئا انهن جي لاءِ ته سرديءَ جو ڪوبه مسئلو نه هيو پر هي خانابدوش جنهن جي بيوسي ۽ لاچاري سندس چهري مان نظر اچي رهي هئي ۽ ڪمزور بدن ٻيو ته منهن ۾ ڌڪ لڳل هيس وار وڏا ٿي ويا هيس سندس اداس اکيون نرڻ تي وڏن وارن جي پنڃري منجهان ڏسڻ ۾ اچي رهيو هيون رکي رکي وارن کي مٿي پيو ڪري ته هن جي اکين جا ايزاءَ دل کي چيري رهيا هئا ۽ ان بکايل ٻار جي بدنصيبي، بک سندس اداس چهرو ئي ٻڌائي رهيو هيو، مون کيس چيو ته تون ڪير آھين ۽ ڇا ڪندو آھين، ڇا تون هن هيڏي ڀيڙ ۾ نااميد ٿي سڌو موڏي آھيو آھين، توکي ڪنهن به رپيو نه ڏنو آھي، اهڙي دردناڪ پيڙا هن جي اداس دل کي وڌيڪ غمگين ڪري رهي هئي جيڪا آءُ هن جي لاءِ بيان ڪندو ويس ۽ پوءِ مان خاموش ٿي منهن سائيڊ تي ڪري سنگريٽ پيئڻ شروع ڪيو پر اهو معصوم ڇوڪرو مون کي گهوري ڏسي رهيو هيو ٿورڙي خاموشي کان پوءِ ان رولاڪ روح مونکي کلي جواب ڏنو ۽ هئين چوڻ لڳو ته مون تنهنجي اندر ۾ انسانيت جو روح ڏٺو آھي اهو پاڪ ۽ پوتر روح جيڪو بيدار دلين کي ڳنڍيندو آھي ۽ بيوس لاچار ماڻھن جي لاءِ سوچيندو آھي ۽ بد بخت ماڻهن تي خاموشي بجاءِ جواب ڏيندي هيئن چوندو آھي ته توهان ماڻهن ۾ ماڻپي جي ڀونءِ ئي ڪونهين، توهان جي سيني جي اندر لڪيل ضمير مريويل ماڻھن وانگر خاموش ٿي موت جي گهري ننڍ ۾ ستل هوندو آھي، توهان جي دلين جي زمين بنجر ٿي ويل آھي، اهڙي طرح هن جا چيل لفظ منهنجي رڳ رڳ ۾ رت جي وهڪري جيان تيزي سان فهلجندا رهيا ۽ منهنجي اندر ۾ احساسن جي بنجر زمين جو نئون ٻج پوکي رهيا هئا ۽ ايئن پي بايم ته منهنجو مري ويل ضمير اچانڪ زنده ٿيڻ لڳو آھي ۽ هڪ آواز بلند ڪري منهنجي وجود کان اهي لاوارث سوال ڪري رهيو آھي جن کان واقعي ئي مان لاتعلق هيس، ان ڇوڪري اهڙي ڪيفيت ڪيئن مون ۾ ڏٺي ڇا هو نجومي هيو؟ يان مونکي هو چوڻ وجهي رهيو هيو ته هي حقيقتن ان قسم جو ماڻھو آھي، ان ئي طريقي سان مان ان ماڻھو مان پيسا ڪڍي سگهان ٿو، پر منهنجي اهيا سوچ غلط هئي حقيقت ۾ ڇوڪري جون سوچون وشال ساگر وانگي روشن ۽ گهريون هيون هن جي من کي بک زندگي جي انيڪ رمزن جي باري ۾ تجربا ڪرائي ڇڏيا هئا، آخر ڪهڙي رمز هئي ان يتيم ٻار ۾ جو هن منهنجي وجود ۾ ڏٺي هئي جو ايڏي وڏي تعريف ڪري ويو ۽ منهنجي اندر جا سمورا راز ۽ احساس جيڪي صرف ۽ صرف منهنجي دل جي قيد خاني ۾ قيد هيا هن ته منهنجي سوچ جو قيد خانو چڪناچور ڪري ڇڏيو هيو، پر پوءِ جڏھن مون هن زماني جي انسانن جي عجيب ۽ وحشناڪ وارتا کي محسوس ڪيو ته ڇا اهيو سچ نه آھي ته مان به ته انهن بي رحم انسانن جيان ئي ته آھيان جيڪي رات جو بهترين مشروب پيئندا آھن ۽ وري ڏينهن جو ڪنهن حسين ڇوڪري سان دلڪش گفتگو ڪندا آھن،پيسو، دوستي خاندان يعني هر خوشي انهن جي زندگي جو آبشار هوندي آھي، پر منهنجي هڪ لڪيل خاصيت آھي ڇوجو هر انسان ۾ مختلف خاصيتون ٿينديو آھن پر مان ٻين ماڻھن کان گهڻو مختلف هوندو آھيا مثال طور هر پاسي غربت جي اونداهي رات هڪ ڀيانڪ ڀلا وانگر راڄ ڪري رهي آھي ۽ هر هند ڪٿي نه ڪٿي ڪو ويچارو مجبور پنهنجي خالي پيٽ لاءِ ڪجھ پيسا گهرندو آهي ۽ وڏي احساس سان چوندو آھي ته پيغمبر، خدا جي نالي هڪ رپيو ڏيو پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اسين ماڻهو جيڪي پاڻ کي انسان ٿا سمجهون پر اهيا ڪهڙي انسانيت چئبي ڪو ابهم ٻار جنهن جو هن هيڏي جهان ۾ ڪو به وارث نه هجي هو بک جي ڪري رستن تي ماني ماني چوندو رهي ۽ اسين صرف هڪ رپئي جي ڪري ان ابهم ٻار کي ڌڪا به ڏيندا آھيو ۽ ڪوڙ ڳالهائيندي هيئن چوندا آھيون ته هڪ دفعو نه ٻڌئي؟ وڃي نٿو؟ اهڙي ڀيانڪ سلوڪ سان انهن کي تڙي ڇڏيندا آھيون، پر پوءِ وري هو ٻئي هند، ٻئي پاسي ۽ ٻئي در به ويندا آهن بک ۽ پنهنجي خالي پيٽ لاءِ ڪا آس ڪا اميد کڻي ته ضرور ڪو انسان اسان جي مدد ڪندو پر اسين مستين جي مينارن تي هلڻ وارا انهن غريب فقيرن کي هئين چئي پيسن ڏيڻ کان انڪار ڪندا آھيو ته، فقير معاف ڪر، ڄڻ اسين ان فقير جا ازلي قيدي هوندا آھيون يا هنن جا اسين قرضي هوندا آھيون، ۽ اهڙن لفظن جي سهاري اسين بي ضمير ماڻهو خاموش ٿي ويهي رهندا آھيون ھالانڪ اسان جا کيسا نوٽن سان ڀريل هوندا آھن پر پوءِ به اسين ظالم بادشاھ وانگر ڪنهن قوم جي حق تلفي ڪندڙن وانگي خاموش ٿي ويهي رهندا آهيون مگر پيسن ڏيڻ کان سخت انڪار ڪندا آھيون.
    بلڪل اهيا حقيقت آھي ته سماج جي اندر وڌندڙ غربت جي لڪير ڀوائتي نانگ جيان انهن قومن کي ڳڙڪائي ويندي آھي جنهن ملڪ ۾ غربت وڌي وڻ ٿي ويندي آھي ۽ ان کان پوءِ ان وڻ جا ڪرندڙ ڏار انهي ئي سماج ۽ قوم جي ڪنڌ ۾ لڳي اچي ڪرندا آھن جنهن ۾ غريبن جو تعداد هزارن،لکن ۾ ٿيندو آھي. توهان ان مان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته ان معصوم نوجوان ڪهڙي درد مان گذرندي مونکي منٿون ڪندو رهيو ڄڻ منهنجو هو مائٽ ھيو، يا هن جو منهنجي وجود سان ڪو ابدي رشتو هيو، يا هو مون ۾ رشتي ڪرڻ جي هج ڪري رهيو هيو، بهرحال آءُ ڇا به چوان انهن لفظن جي رکائي هر نئون ماڻھو سوال ڪندڙ سان اهڙي ئي نموني سان ڪندو آھي چوجو اهيو زماني جو دستور ۽ فطرت جو قانون به آھي ٺيڪ اهڙي نموني اهو معصوم ۽ بکايل ٻار منهنجي وجود کان امتحان وٺي رهيو هيو ۽ اڪثر اهي ساڳيا ئي سوال ڪري رهيو هيو ، ايئن چوندو ويو ته توهان حساس دل جا مالڪ ٿا لڳو تنهنڪري مان اوهان جي دل ۾ هڪ احساس ڏٺو آھي ۽ هڪ اميد کڻي مان توهان وٽ ئي آيو آهيان باقي هي جيڪي اوهان ماڻھو ڏسو ٿا هي سڀ پنهنجي اولاد وارا آھن مان ڪيڏو به انهن جي اڳيان گڙگڙايان ،خدا جو نالو کڻا، منٿو ڇونه ڪيان، پر هو مونکي ڌڪا ڏئي چوندا ته پري ٿي هتان هليو وڃ اڳتي، هنن کي منهنجي جسم مان بدبو ايندي آھي هو ڪنهن جانور کي پاڻ سان گڏ رکڻ پسند ڪندا پر مونکي چوندا ڪاٻي جاءِ تاڙ، هو اهڙي طرح ڇڙٻو ڏيندا آھن ۽ منهنجو روح پنڻ کان کڄي ويندو آھي پر ڇا ڪيان هن عمر ۾ ڪاڏي وڃان ڪنهن کان پيسا گهران، نڪو مائٽ آھي نه ڪو مٽ آھي ۽ نه ئي ڪو پنهنجو ڪرڻ لاءِ تيار آھي، بک مونکي زندگي ۽ موت جي ٻواٽي تي بيهاري ڇڏيو آھي منهنجا پيءُ ماءُ منهنجي وجود کي اڪيلو ڪري پاڻ هليا ويا آھن جيڪي منهنجي زندگي جي گهري سمنڊ کي بغير ڪناري لاوارث ڪري اڏامندڙ پکي جيان اڏري منهنجي وجود جي سگھ هڪ ڪمزور زخمي پرندي جيان ڪري پاڻ فرار ٿي هميشه جي لاءِ هن دنيا کي الودا ڪري هليا ويا، منهنجي زندگي نامعلوم انسان جهڙي ڪري ڇڏي اٿن مان بيزار ٿي پيو آھيان اهڙي داغ ناڪ زندگي کان بس ان سڄي مسئلي جو حل هڪئي آھي؟
    مون هن کان پڇيو اهو ڪهڙو حل آھي جيڪو تنهنجي زندگي کي زلت ۽ بيزاري کان بچائيندو هن جي اکين مان لڙڪ وهي آيا ۽ اداس لهجي ۾ جواب ڏيندي چيائين خودڪشي؟ منهنجا لڱ ڪانڊارجي ويا منهنجي ذھن جي مٿان وجداني ڪيفيت طاري ٿي وئي ۽ مان ويران مندر جيان اجڙڻ لڳس ۽ هن سماج جي غلامي تي ويچارڻ لڳس منهنجي اکين مان ڳوڙها ڳڙڻ شروع ٿيا ڇوجو ان بکايل ٻار جي درد ڪهاڻي اهڙي ئي هئي جو جيڪڏھن ڪنهن به انسان ۾ ٿورڙي به انسانيت هجي هان ته هو به پنهنجي حسين اکين منجهان موتي ڪونه روڪي سگهي هان.
    آءُ به حساس دل رکندڙ آھيان تنهنڪري پاڻ تي ڪنٽرول نه ڪري سگهندو آھيان خاص ڪري اھڙين حساس واقعن تي، غربت جي ڪري اهو بکايل ٻار آبگهات ڪرڻ جي ڳالھ ڪري رهيو هيو ٻيو ته ان معصوم جو ڪو به وارث ڪونه هيو هن جا پيءُ ماءُ به غربت جي ڪري آبگهات ڪري چڪا هئا مگر هن تي قسمت جي ديوي مهربان هئي جو هن معصوم جي والدين اهيو ضرور سوچيو هوندو ته اسين پنهنجو پاڻ سان گڏ پنهنجي هن جگر جي ٽڪڙي کي به هميشه جي لاءِ هن جهنم منجهان آزادي ڏياريون،
    هنن اهيو خيال ضرور ڪيو هو مگر انهن ايئن نه ڪيو، هو پنهنجي ٻڄي کي مهان سنڌو جي پيٽ ۾ اڇلائڻ جي همت نه ڪري سگهيا، باقي پاڻ زندگي جي ڀوائتي خواب کان ڍجي آپگهات جو رخ ڪري مهان ديوتا يعني سنڌو جي سيني ۾ پنهنجي هيڻي وجود کي سموئي ڇڏيئون ۽ هميشه جي لاءِ هن مادي جهان منجهان پنهنجي روحن کي آزاد ڪري ويا.
    بيوسي ۽ لاچاري جو طوفان جيڪو هر انسان جي سر تي ڪنهن نه ڪنهن ريت ضرور ايندو آھي پر ڪي انسان هيڻائي ۽ ڪمزوري جو مظاهرو ڪندي پنهنجي انمول زندگي جو ڏيئو وسائي ڇڏيندا آھن ٺيڪ اهڙي ئي طرح هن معصوم جي والدين به ڪيو، پر هنن اهيو نه سوچيو هيو ته، ڪير هن بي رحم ۽خودگرز سماج ۾ اسان جي وئي کان پوءِ هن يتيم ٻار کي ٻن ويلن جي ماني کارائيندو؟ ڪير هن کي پاڻ وٽ رات ٽڪائيندو؟ ڪير هن لاوارث وجود کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ تيار ٿيندو؟ ڪير هن جا ڏک درد ساڻس ونڊائيندو؟ ڪير هن کي ٽي وال ڪپڙي جا وٺي ڏيندو؟ ڪير هن جي ڇڳل چمپل لاهي نئين پارائيندو؟هنن جي ڪيل اهڙي فيصلي هڪ معصوم جي زندگي نرڪ بنائي ڇڏي، هن کي پنڻ کائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ۽ پنڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به وسيلو ڪونه هيو جنهن سان هو پنهنجي لاءِ ڪجھ ڪري سگهي هان،ٻيو ته هن ملڪ جي اندر نه ڪو اهڙو خيراتي ادارو آھي، نه ئي ڪا اهڙي سهولت آھي جتي غريب ،يتيم ۽ لاوارث انسان سک چين وٺي سگهن هتي ته انديري نگري چرٻٽ رجا واري ڪهاڻي جو کليل داستان ڀريو پيو آھي پر اسين ان جي ڀيٽ ۾ دنيا جي ٻين سڌريل ملڪن ڏانهن نظر ڪنداسين ته اتان جي ماڻھن جي سهولت ۽ آسائش جي ڳالھ ته پري رهي پر اتان جي بيزبان جانور کي به مڪمل طرح سان خوشحال زندگي جيئڻ جو مڪمل طرح سان رليف ڏنو ويندو آھي ۽ هتي اسان جي ملڪ اندر اهڙين يتيم مسڪينن جي لاءِ زندگي جي ڪابه سهولت ميسر ناهي هوندي جتي هو رهي سگهن، پر اسين سوچي به نٿا سگهون ته هن ملڪ جي اندر ايئن ٿيندو هر گذ نه،
    تنهنڪري هي ويچارو رات جو فٽ پاٽ تي سمهندو آھي ته وري ڏينهن جو ڪنهن ويران عبادگاھ ۾ پناھ وٺڻ لاءِ ڪجھ وقت آرام ڪندو آھي بس اهيا آھي هن ٻار جي زندگي.
    ڇا هن جي بک سئو رپيو پوري ڪري سگهندو؟
    ڌڪن ٿاٻن دربدري ۾ گهاريل پل ۽اُداسي جا جيڪي ڪارا ڪڪر هن جي ذھن جي زمين مٿان ڀوائتو طوفان برپا ڪيون بيٺا هئا انهن سڀني پريشانين جو هل صرف ۽ صرف هڪ سئو رپيو هيو؟
    ڇا هن اجنبي پکي کي پڃري مان آزادي هڪ سئو رپيو ڏيارائي سگهي هان؟
    ڇا اهو اڃايل دردن جو ماريل ڏک جي تتل زمين تي پنهنجا جذبات صرف ۽ صرف هڪ سئو رپئي ۾ پورا ڪري سگهي هان؟ ڪمبخت زندگي مغرور به آھي ته ڪمزور به؟ زندگي بيوث ۽ لاچار به آھي ته اميد ۽ روشني جو جرڪندڙ ستارو به؟ زندگي هڪ حسين خواب به آھي ته وري جاڳ جو هڪ طويل سپنو به؟ زندگي يقين به آھي ته ڌوڪو به؟ زندگي ڀيانڪ حقيقت به آھي ته فريب به؟ زندگي خوشي جو نغمو به آھي ته وري دردن جو درياھ به، بهرحال زندگي جا سوين هزارين رستا آھن جن جي باري ۾ هر انسان پنهنجي ذھن جي مختلف خيالن ذريعي تجربا ڪندو آھي پر پنهنجي سوچ مان ڪڏھن به مطمئن نٿي سگهندو آھي ڇوجو اهيو هڪ فطري عمل آھي، ٺيڪ اهڙي طرح هن معصوم جي ڪهاڻي به زندگي جي ڏکين ۽ پراسرار ڳجهن جهڙي آھي، اڄ مونکي هن اداس لمحي ۾ خليل جبران جا هي لفظ ياد اچي رهيا آھن ته، ويچاري انسان کان نڪي پيدائش محل پڇيو ويندو آھي ته هو امير جي محل ۾ ڄمڻ پسند ڪندو يا غريب جي جهوپڙي ۾،پر مان ٿو چوان ته اهيو ته فطرت جو لافاني قانون آھي جن اڳيان ويچارو انسان بيوث ۽ لاچار هوندو آھي پر هو نه ڪنهن امير جي محل ۾ ڄائو هيو، نه ڪنهن غريب جي جهوپڙي ۾ هو بدنصيب ته بزدلن جي جهوپڙي ۾ ڄائو هيو ۽ انهن جي بزدلي جو بدترين شڪار ٿي ويو.
     
    Dawood Mirbahar هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو