آسمان نيرو ڇو ٿو نظر اچي؟

'سائنس، علم ۽ رسالا' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏22 فيبروري 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    687
    ورتل پسنديدگيون:
    635
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    ”نيرو آسمان مون کي ڏسي مسڪرائي ٿو،اسان اهو نيرو آسمان ڏسون ٿا جيڪو اتي موجود ئي ڪونهي.“ جيڪر اوهان به ”اورنگ برلن“ وانگر سدائين حيران ٿيو ٿا ته اوهين اهو نيرو آسمان ڪيئن ڏسو ٿا جيڪو آهي ئي ڪونه!

    ان پروليء کي سلجھائڻ ۾ انسان کي ڪيتريون ئي صديون لڳيون آهن جنهن ۾ گھڻن ذهين ماڻهن حصو ورتو جن ۾ ارسطو،آئزڪ نيوٽن،ٿامس ينگ،جيمز ڪلرڪ ۽ هرمين وون جا نالا مٿانهان آهن. سج جي روشني جا رنگ،هوائي ذرا،ماحولياتي ماليڪيولن جو مقدار ۽ اها ڪنڊ جنهن سان اسان رنگن جي سڃاڻپ ڪري سگھون ٿا.هلو،رياضي مساواتن کان هٽي ڪري سولي انداز ۾ رنگن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا.فزڪس جي حساب سان سمورا رنگ، نظر ايندڙ روشنيء جون اهي ڊگھيون لهرون آهن جيڪي شين سان ٽڪرائجي واپس ڪنهن حسي عضوي( سينسر) سان ٽڪرائجن جيئن انساني اک حسي عضوي جو ڪم ڪري ٿي.اهو به ٿي سگھي ٿو ته روشنيء جي ڊگھين لهرن جو عڪس يا پکيڙ پاڻهي ڪنهن شيء جي ذريعي سان ٿئي يا ڪنهن ٻاهرئين ذريعي جو حصو هجي.ڪنهن شيء جي رنگ بدلجڻ جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته روشنيء جي ذريعن مان ڪهڙا رنگ حاصل ٿي رهيا آهن.مثال؛ ڳاڙهو رنگ جڏهن نيري رنگ جي هيٺان هوندو ته ڪارو نظر ايندو.نيوٽن هڪ بلوري منشور سان ان تجربي جو عملي مظاهرو ڪيو ته سج جي اڇي روشني ۾ ئي نظر ايندڙ اسپيڪٽرم جا سڀ رنگ موجود هوندا آهن.هڪ صاف شفاف ڏينهن ۾ جڏهن اسان مٿي ڏسندا آهيون ته ته آسمان اسان کي نيرو ڏسڻ ۾ ايندو آهي.شام جي وقت سج آسمان تي ڳاڙهو،گلابي يا سنگتري جهڙو رنگ پکيڙي ٿو پر آسمان نيرو ڇو آهي ۽ لهندڙ سج ڳاڙهو ڇو نظر ايندو آهي،انهن سوالن جا جواب ڳولهڻ لاء اسان کي لازمي طور تي روشني ۽ زمين جي ماحول جو مشاهدو ڪرڻو پوندو.زمين جو گولو ڪيترين ئي گئسن،ماليڪيولن ۽ ٻئي مواد جو مرڪب آهي جيڪو زمين جي چوڌاريء پکڙيل آهي.اسان جي هوائي گولي جو 78 سيڪڙو حصو نائٽروجن ۽ 21 سيڪڙو آڪسيجن تي ٻڌل آهي.باقي حصو آرگن گئس،پاڻي ( بخارن) جي حالت ۾ عام پاتو وڃي ٿو.ان کان سواء ٿوري مقدار ۾ ٻيون گئسون،سمنڊ مان لوڻ جا ذرا،دز،ڪجل رک ۽ جرگ جا ننڍڙا سخت ذرا اڏامندا رهن ٿا.ماحول جي جوڙجڪ جو تعلق محل وقوع،موسم ۽ ڪيترين ئي ٻين شين تي دارومدار رکي ٿو.سامونڊي علائقن ۾ايندڙ طوفان سبب فضا ۾ پاڻيء جِي گھڻي مقدار ۾ موجود هئڻ يا ٻرندڙ جبلن وارن علائقن ۾ ٿي سگھي ٿو ته فضا ۾ رک جو گھڻو مقدار موجود هجي.ان کان سواء ماحولياتي گدلاڻ سبب به مختلف گئسون،ڌوڙ ۽ مٽي فضا جو حصو بنجھنديون رهنديون آهن.هوائي گولو،خلا کان زمين جي وچ واري هنڌ تي ڪمزور ٿيندو آهي ۽ اوهان جيترو بلنديء طرف ويندا اهو وڌيڪ ضخيم کان ضخيم ٿيندو ويندو.خلا ۽ هوائي گولي جي وچ ۾ ڪو وقفو موجود ناهي. روشنيء توانائيء جو هڪ قسم آهي جيڪا لهرن جي صورت ۾ سفر ڪري ٿي.توانائيء جا ٻيا به ڪيترائي قسم لهرن جي صورت ۾ وهن ٿا.مثال جي طور تي آواز به هوا جي لڏندڙ لهر آهي ۽ اهڙيء طرح روشني برقي ۽ مقناطيسي ميدان جون لڏندڙ لهرون آهن.برقي مقناطيسي لهرون مقناطيسي ميدان جي لڏندڙ لهرن مان هڪ ننڍڙي حصي کي مقناطيسي اسپيڪٽرم چئبو آهي.مقناطيسي لهر خلا ۾ 299،792 ڪلوميٽر في سيڪنڊ جي رفتار سان سفر ڪري ٿي جنهن کي روشنيء جي رفتار چئبو آهي.تابڪاريء ۾ موجود توانائي روشنيء جي ڊگھي لهر ۽ تعداد تي دارومدار رکي ٿي.لهرن جي نهايت ئي مٿانهين سطح کان وچ وارو مفاصلو لهر جي ڊيگھ سڏجي ٿو. هر سيڪنڊ ۾ گذرندڙ لهرن جو تعداد ريڊيو فريڪئنسي چورائي ٿو.روشنيء جي ڊگھي لهر جيترو ڊگھي فاصلي تائين ويندي ان ۾ توانائي ۽ تعداد گھٽجي ويندا.اسان جون اکيون جيڪا روشني ڏسن ٿيون اها مقناطيسي اسپيڪٽرم جو حصو آهي.سج کان يا بلب کان ايندڙ روشني شايد اسان کي اڇي ڏسڻ ۾ اچي پر حقيقت ۾ اها روشني ڪيترن ئي رنگن جو ميڙ هوندي آهي.اسان انهن سمورن رنگن کي منشور زريعي الڳ الڳ ڪري ڏسي سگھون ٿا. اسان ان اسپيڪٽرم کي ان وقت به ڏسي سگھون ٿا جڏهن آسمان ۾ انڊلٺ نظر ايندي آهي جنهن م رنگ هڪ ٻئي ۾ گڏيل هوندا آهن. اسپيڪٽرم جي هڪ ڇيڙي تي ڳاڙهو ۽ سنگرو رنگ ٿين ٿا جڏهن ته هيڊو،سائو،نيرو.انڊيگو ۽ واڱڻائي رنگ جا هلڪ پاڇا هوندا آهن.هر رنگ جي لهري ڊيگھه ۽ توانائي هڪ ٻئي کان مختلف هوندي آهي.نظر ايندڙ اسپيڪٽرم ۾ واڱڻاسئي رنگ جي فريڪئنسي سڀ کان گھٽ هوندي آهي جنهنجو مطلب ته ان جي فريڪئنسي ۽ توانائي سڀ کان گھڻي هوندي آهي.ڳاڙهي رنگ جي لهري ڊيگھه سڀ کان ڊگھي ٿئي ٿي جڏهن ته فريڪئنسي سڀ کان گھٽ ٿئي ٿي.خلا ۾ روشني ان وقت تائين هڪ سڌي ليڪ ۾ سفر ڪري ٿي جيستائين ڪا شيء ان ۾ رنڊڪ نه پيدا ڪري روشني پنهنجو رستو نٿي بدلائي.جڏهن روشني ڪنهن فضا يا ماحول ۾ سفر ڪري ٿي ته اها اوستائين سڌو سفر ڪري ٿي جيستائين ڌوڙ ۽ گئسن جي ماليڪيولن سان ٽڪرائي پکڙجي نه وڃي. ان بعد روشنيء سان ڇا ٿئي ٿو اهو ان شيء جي فريڪئنسي ۽ سائيز تي دارومدار رکي ٿو.ڌوڙ،مٽي ۽ پاڻيء جي ڦڙن جا ذرڙا روشنيء جي لهري ڊيگھه کان گھڻو وڏا ٿين ٿا.جڏهن روشني پاڻ کان وڏي ذري سان ٽڪرائجي ٿي ته واپس موٽي ٿي يا مختلف طرفن ۾ پکڙجي وڃي ٿي.روشنيء جا مختلف رنگ به انهن ذرن سان ٽڪرائجي مختلف طرفن ۾ پکڙجي وڃن ٿا.اسان کي موٽيل يا مڙيل روشني به سفيد ئي نظر ايندي ڇو ته ان ۾ به سمورا رنگ موجود هوندا آهن.گئسن جا ماليڪيول نظر ايندڙ روشنيء جي لهري ڊيگھه کان ننڍا ٿين ٿا جيڪڏهن روشني انهن ماليڪيولن جي اندر پهچي وڃي ته اهي مختلف ردعمل ظاهر ڪندا.جڏهن روشني گئس جي ماليڪيول سان ٽڪرائي ٿي ته انهن مان ڪجهه روشنيء کي جذب ڪري وٺن ٿا.ڪجهه لمحن ۾ ماليڪيول تابڪاري پيدا ڪري ٿو ۽ روشني جي هڪ مختلف طرف ۾ پکيڙ شروع ڪري ڇڏي ٿو.جيڪو رنگ ماليڪيول جذب ڪندو رڳو اهو رنگ ئي اڳيان پکڙبو.سمورا رنگ جذب ٿي سگھن ٿا پر نيرو رنگ جيڪو گھڻي فريڪئنسي رکي ٿو اهو گھڻو جذب ٿئي ٿو نسبتن ڳاڙهيڀ جي ڀيٽ ۾ جيڪو گھٽ فريڪئنسيء وارو رنگ آهي. انهيء کي ”ري لي پکيڙ وارو عمل“ چئبو آهي جيڪو انگريز طبيعاتدان ”لارڊ جان ري لي“1870ع ۾ دريافت ڪيو هو.هاڻي سوال اهو ته آسمان نير ڇو ٿو نظر اچي؟ اسمان جو نيرو رنگ اصل ۾ ري لي پکيڙ واري عمل جو نتيجو آهي.جڏهن روشني ڪنهن فضا ۾ داخل ٿئي ٿي ته ان مان گھڻي ڊگھي لهر گذريڀ وڃي ٿي.ڳاڙهو،سنگترو ۽ هيڊو هوا تي اثر انداز ٿين ٿا.سج جي روشني جڏهن هوائي گولي سان ٽڪرائجي ٿي ته روشنيء جي ڊگھي ڳاڙهي لهر ان مان گذري وڃي ٿي پر نيري روشني گئس جي ماليڪيولن سان ٽڪرائجي پکڙجي وڃي ٿي اهڙِي طرح آسمان نيرو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.لهندڙ سج جي روشنيء کي گھڻي هوائي گولي مان گذرڻو پوي ٿو ان ڪري روشنيء جون ننڍيون لهرون گئسن سان ٽڪرائجي پکڙجي وڃن ٿيون ۽ رڳو ڳاڙهي روشني جي لهر گذري ٿي ان ڪري سج ڳاڙهو نظر ايندو آهي.1977ع ۾ ”وائڪنگ“ نالي مريخ خلائي اسٽيشن کان ۽ 1997ع ۾ ”پاٿ فائينڊر“ نالي خلائي جهاز کان تصويرون وصول ٿيون جن ۾ مريخ جو ماحولياتي جائزو ورتو ويو ۽ اهو دريافت ڪيو ويو ته مريخ جو آسمان ڳاڙهيڀ رنگ جو آهي.مريخ جو آسمان ڳاڙهي رنگ جو ان ڪري آهي جو مريخ جي فضا ۾ ڳاڙهي آئرن جا ذرا وقفي وقفي سان ايندڙ طوفانن جي ڌوڙ سان گڏ اڏامندا رهن ٿا.مريخ جو آسمان موسم جي تبديلين سان گڏ پنهنجو رنگ بدلائي ٿو.مريخ جو آسمان هلڪو نيرو به ٿيندو آهي جڏهن اتي ڪو طوفان نه آيو هجي پر ڏينهن ۾ اسان جي زمين جي ڀيٽ ۾ مريخ جو آسمان هلڪو ڪارو هوندو آهي ڇو ته مريخ جو هوائي گولو اسان جي هوائي گولي کان سنهو آهي.هاڻي جيڪر اسان زمين کان مٿان نظر ايندڙ هوائي گولي ۾ روشنيء جي لهرن کي اسان آسمان سمجھون ٿا ته اهو رڳو روشنيء جي رنگن جو عڪس آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو