شيرين بروهي جي دانهن آخر ڪار ڪير ٻڌندو..؟؟

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏23 فيبروري 2019۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98

    شرف الدين مرکنڊ
    سنڌ جي سرزمين جنهن کي صوفين، بزرگن ۽ درويشن جي ڌرتي جي نالي سان ڪوٺيو ويندو آهي پر اها سنڌ جي سرزمين اڄ قتل گاهه بڻجي وئي آهي، سنڌ جنهن امن جو پيغام ڏنو هو اها اڄ انسانن جي قتل ٿيڻ جي جڳهه بڻجي وئي آهي، سنڌ جنهن جي نالي کي دنيا جي اندر ياد ڪيو وڃي ٿو، پر اها اڄ سنڌ معصوم نياڻين جي قتل گاهه بڻجي وئي آهي. جڏهن ته سنڌ جي اندر ڪيترن ئي نوجوانن مردن ۽ عورتن کي وحشي نموني سان کين قتل ڪيو وڃي ٿو. جنهن جو مثال اسان ۽ اوهان جي سامهون آهن ته نئين ديري ۾ ٽن شخصن کي قتل ڪيو ويو، جيڪي پنهنجي حق حلال جي روزي جي لاءِ وڃي رهيا هئا ته هٿيارن جا منهن کولي ڪري انهن جي مٿان گولين جي برسات وسائي ڇڏي. جڏهن ته ان کان پهريان ڪراچي جي شهر ۾ ارشاد رانجھاڻي کي بيدردي سان کين قتل ڪيو ويو، وري ان کان ڪجهه ڏينهن پهريان ضلع خيرپور جي ڪنب جي شهر سان تعلق رکندڙ هڪ معصوم نياڻي کي ماءُ جيجل جي سامهون کين قتل ڪيو، اڃان جي ان کان اڳتي نظر وجھون ٿا ته معلوم ٿئي ٿو ته 5 فيبروري ته وارهه جي هڪ معزز پرائمري استاد کي نصيرآباد جي شهر ۾ گولين جو خاڄ بڻايو ويو هو. اڃان سنڌ جي غريب معصوم عوام جي دلين تان اهي ئي زخم پراڻا ئي ناهن ٿيا ته وري تازو ڪوٽڙي فاٽڪ جي ويجھو ڳوٺ سانوڻ خاصخلي ۾ هڪ ناري نوجوان معصوم بي زبان گونگي نياڻي شيرين بروهي کي مبيا طور تشدد ڪري کين قتل ڪيو ويو آهي. افسوس جي ڳالهه آهي ته اسان جي معاشري ۾ انسانن جي شڪل ۾ ويٺل بگهڙن کان هتي جون معذور ۽ ڳالهائڻ جي به سگهه نه رکندڙ نياڻيون به محفوظ نه رهيو آهن. جڏهن ته اسان جي معاشري ۾ عورت جي اڄ ڪا به اهميت نه رهئي آهي. جڏهن ته سنڌ ۾ هر هفتي جي اندر ڪنهن نه ڪنهن ڳوٺ جي اندر يا شهر جي اندر اهڙا ضرور واقعا ٿين ٿا جن جو اسان کي موجوده دور جي جديد ٽيڪنالاجي (يعني سوشل ميڊيا) جي ذريعي معلوم ٿئي ٿو ته اڄ فلاڻي شهر ۾ بي ڏوهه معصوم ٻارن، عورتن ۽ مردن کي گولين جو خاڄ بڻايو ويو آهي، پر افسوس جو اهڙن قاتلن، رهزنن، بي عقلي سوچ رکندڙ، جاهلن ۽ وحشي درندن کيعبرتناڪ سزا به نٿي ملي جو انهن جي ڳالهه ڪري سگھجي ته فلاڻي ماڻهو کي سزا اهڙي واقعي جي ڪري ملي هجي سنڌ جي اندر. جڏهن ته انهن کي گرفتار ڪري ڪجهه ڏينهن جي لاءِ جيل ۾ رکي ڪري آزاد ڪيو وڃي ٿو. جن جي ڪري انهن جي ذهن هي ڳالهه ويهي وئي آهي ته اسان ڪجهه ڏينهن جي لاءِ جيل جي اندر رهي ڪري وري آزاد ٿي وينداسين، پر انهن جي گندي سوچ جي ڪري ڪيترائي ٻار يتيم بڻجي ڪري معصوميت واري زندگي گذاريڻ ته مجبور بڻيل آهن، ۽ ڪيترائي گهر ويران ٿي وڃن ٿا ۽ انهن جي گھرن ۾ خوشي جي بدران اونداهي سمايل هوندي آهي. بهرحال هي ڳالهه ذڪر ڪجي ته سوشل ميڊيا جي ذريعي معلوم ٿيو ته آهي معصوم مقتول شيرين بروهي کي پنهنجي گهر جي اندر گهري ڪري کين وحشي نموني سان ان جي لڄالت ڪري ان کي قتل ڪري ڇڏيو هو، پر افسوس اهڙا واقعا ڪيترائي ٿيندا رهيا آهن اسان جي ملڪ جي اندر جيڪي صرف اخبارن جي زينت ۽ سرخيون ٿيندو رهيو آهن ۽ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿينديون رهيو آهن، پر انهن سان انصاف جون ڳالهيون ئي ٿينديو رهنديون آهن، جيڪي ڪجهه وقت کان پوءِ هلي ڪري نالي جو ئي رهجي وينديون آهن. معصوم نياڻي شيرين بروهي جي جيجل امان جي قول مطابق ته مان پنهنجي ڌيءُ کي گهر ۾ ويهاري ڪري دوا وٺڻ وئي هيم، ۽ جيئن ئي گھر موٽي آيم ته منهنجي نياڻي جو لاش گھر ۾ پيو هو. ان امان جي دل تي ڇا گذريو هوندو، جنهن پنهنجي ڻياڻي کي اهڙي حالت ۾ ڏٺو هوندو، افسوس جي ڳالهه آهي ته اڄ جي سماج ۾ نياڻي جي عزت محفوظ ناهي رهئي، جنهن سماج ۾ عورتن جو قدر نه هجي اهو ڪهڙو سماج آهي اهو ڪهڙو معاشرو آهي اهو ڪهڙو دؤر آهي جنهن کي تاريخ جي ورقن ۾ بيان ڪيو ويندو؟ ٻيو ته اسان جي ملڪ جي حڪمرانن جي ڪنن تائين ڳالهه تڏهن پهچندي جڏهن عوام روڊن تي ايندو آهي باقي انهن کي تيسيتائين ڪا ڳالهه سمجھه ۾ نه ايندي آهي ته ڇا ڪجي اهڙن واقعن جي لاءِ، جنهن جو تازو مثال آهي ته جڏهن شهيد ارشاد رانجھاڻي جي قتل کي ڪافي ڏينهن گذري ويا، پر ڪو به ڳالهه تسليم ڪرڻ جي لاءِ تيار نه هو جڏهن عوام کي مجبورن روڊن تي احتجاج ڪرڻ پيو ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه تائين ڳالهه پهتي جنهن کان پوءِ ان اسيمبلي ۾ بيهي ڪري تقرير ڪئي، جنهن ۾ ان شهيد ارشاد رانجھاڻي جي وائرل ٿيل مووي جو تصور بيان ڪيو، جنهن اسيمبلي ۾ چيو ته اسان جي معاشري جي پوليس جو ڪردار صفا ڪريل آهي، پر افسوس جي ڳالهه آهي ته اي سيد صاحب! ڇا توهان ان پوليس جا اڳواڻ نه آهيو، ڇا پوليس اوهان جي نگراني ۾ نه آهي، ڇا پوليس اوهان جي چوڻ ۾ نه آهي. مان هتي ان هستي جو قول لکڻ ضروري سمجھان ٿو جنهن پوليس جو نظام کي قيام ۾ آندو. حضرت عمر فاروق رضه جو دور حڪومت هر حڪمرانن لاءِ مشعل راهه آهي، سندن جو ئي اهو مشهور قول و معروف آهي ته جيڪڏهن نيل ندي جي ڀر ۾ جيڪڏهن ڪو ڪتو به مري وڃي ۽ اهو حضرت عمر فاروق رضي الله عنه جو دور هجي ته اهو مون کان ضرور پڇا ٿيندي، اها ئي اصل انسانيت، اها ئي خدمت، اها ئي حڪمراني، باقي پنهنجا پيٽ ڀري، پنهنجا کيسا ڀري، اقتدار جا نشا ماڻيندڙ حڪمرانن کي ان مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي. پر افسوس جو هتي هر روز ڪيترائي نوجوان شهيد ڪيا وڃن ٿا پر حڪمرانن کي انهن جي لاءِ ڪا سوچ ئي نه آهي. اسان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، وزيراعلى سنڌ، آءِ جي سنڌ کان پرزور لفظن ۾ مطالبو ٿا ڪريون ته ڪوٽڙي جي پوليس کي پابند بڻائي قتل ٿي ويل معصوم ڻياڻي مقتوله جي مک قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪري ڦاسي ڏياري وڃي ته جيئن مقتوله جي وارثن سان انصاف ٿي سگهي.

    (نوٽ هي مضمون روزاني جيجل اخبار، روزاني هلال پاڪستان اخبار، روزاني ارادو خبار، روزاني ڪلياڻ اخبار، روزاني سڪار اخبار ۾ شايع ٿيل آهي)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو