موجوده دؤر جي ميڊيا جا اثرات...!!

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏24 فيبروري 2019۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    سنڌيڪار: شرف الدين مرکنڊ
    ڪيمرا جي اک جيڪو ڪجهه ڏيکاريندي آهي ان جا اثر ڏسڻ وارن تي جيڪي پوندا آهن ان جو ڪوئي اندازو ئي نه ٿو بيان ڪري سگھجي. جهڙي طرح هڪ گلاس پيپسي جو پيئڻ سان ان جا ڪيمڪلز ڪڍڻ جي لاءِ ٻه ڏينهن پاڻي پيڻو پوندو آهي اهڙي طرح هڪ ڪلاڪ ٽي وي ڏسڻ سان ان جو اثر 24 ڪلاڪن تائين رهندو آهي. زهر جيڪڏهن جسم ۾ هليو وڃي ته ان جو علاج ٿي سگھي ٿو، پر منفي سوچ جو زهر جيڪڏهن دماغ ۾ هليو وڃي ته ان جو علاج مشڪل سان ٿي سگھي ٿو. ميڊيا جي بنيادي ذميداري هي آهي ته ماڻهن کي اطلاع ۾ رکيو وڃي، هي اطلاع سٺا ۽ خراب ٻئي ٿي سگھن ٿا، پر اطلاع سٺا هجڻ گھرجن، ۽ سٺن اطلاعن جو مقصد (امکانات) جي دنيا ۾ رهي، ذهن (مثبت خيالات) جو مرڪز بڻجي وڃي، ذهن سٺو گمان ڪري. پاڪستان ۾ جٿي گھڻا ئي مسائل موجود آهن وري اتي هڪ وڏو مسئلو بامقصد ميڊيا جو هجڻ به آهي. جڏهن کان ميڊيا آزاد ٿيو آهي ان ئي وقت کان سچائي ۾ گھٽ ٿيو آهي. جڏهن ته ميڊيا منفي رپوٽنگ ڪندي رهي ٿي ان جي لاءِ معاشري مان لاشعوري طور تي منفيت جو شڪار ٿيندو رهيو آهي. ڇا سٺي خبر ۽ صرف خراب خبر پهچائڻ ميڊيا جو ڪم آهي اهو اهڙو ناهي، شيون پهريان ٺهنديون آهن جڏهن ته ان کان بعد انهن جا اصول ۽ ضوابط ٺهندا آهن. هي اصول ضوابط آهن ته سعودي عرب جھڙي ملڪ ۾ ٽريفڪ جا زياده ترين حادثا ٿيڻ جي باوجود به ميڊيا جي خبر ناهي ٿيندي، ان جي وجھه جي ڪري اتان جي عوام جو سڪون خراب ئي نه ٿو ٿئي، ۽ اتان جي ماڻهن تي منفي اثرات به مرتب نه ٿا ٿين. پاڪستان جي ميڊيا سان اهو ئي وڏو مسئلو آهي ته جيڪو هر طاقت واري شيءِ سان گڏ هوندو آهي ته اها ڪنهن جي ڪنٽورل ۾ نه هوندي آهي. ان ۾ ڪوئي شڪ ئي ناهي ته معاشري ۾ وڏن ۾ وڏا سارا کوڙ مسئلا آهن ۽ ان مسئلن کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت به آهي پر ڇا جهڙي طرح مک 86 اکين جي هجڻ جي باوجود به گند ڪچري ته ويهندي آهي اهڙي طرح ايترو ئي ڪجھ مثبت هجڻ جي باوجود به اسان جو ميڊيا منفي رپورٽنگ ڇو ڪندو آهي؟ رپورٽنگ ۽ سنسني جي وجھ جي ڪري ماڻهن ۾ نااميدي پيدا ٿيندي رهندي آهي. جيڪڏهن ماڻهن ۾ اميد ختم ٿي وڃي ته معاشري مان امن و سڪون، پيار محبت، ۽ پنهنجائپ ختم ٿي ويندي آهي. منفي رپورٽنگ جي وجھ جي ڪري بي سڪوني پيدا ٿيندي آهي ۽ هي بي سڪوني دل جي سختي جا باعث بڻجندي آهي. ميڊيا اسان جي ملڪ جو پنجن حصن مان هڪ حصو آهي پر ان جي لاءِ هن وقت تائين صحيح اصول ۽ قائدا نه ٺاهيا ويا آهن ۽ عوام به ڪڏهن ان جي حوالي سان ٽيون ٽولو ٿي ڪري ان جي لاءِ ڪجهه نه سوچيو آهي. ان جي وڏي وجھ هي آهي ته بحيثيت قوم جي ته نه ڪوئي اسان جو مقصد آهي ۽ نه وري ڪوئي اسان جي معاشري ۾ هي شعور آهي ته ميديا جي وجھ جي ڪري ڪهڙا نقصان ٿي رهيا آهن ۽ ڪهڙا فائدا آهن. ميڊيا ته سٺا قابل دانشور حضرات منفي سوچ ڦهلائي رهيا آهن جيڪڏهن اهي مثبت ٿي وڃن ته معاشري ۾ مثبت سوچ پيدا ٿي سگھي ٿي. مثبت ماڻهن جي اچڻ جي وجھ سان به ميڊيا جي مٿان به مثبت ٿئي سگھي ٿو. ميڊيا تي اچڻ کان پهريان پنهنجو مطلب واضح هجڻ گھرجي، ميڊيا تي اچڻ کان پهريان پاس واضح مشن هجڻ گھرجي، ميڊيا تي اچڻ کان پهريان پنهنجو فلسفو واضح هجڻ گھرجي، پيغام ڏيڻ وڏي ڳالهه نه هوندي آهي پر “سادگي ۾ وڏي ڳالهه ڪرڻ ئي وڏي ڳالهه هوندي آهي،” ميڊيا تي ان وقت اچڻ گھرجي ته جڏهن ان جي قابل هجي ۽ جيڪا اهو ڳالهه ڪري ته ان جو اثر به هجي، هي تڏهن ٿيندو جڏهن پنهنجي پاڻ تي يقين هجي ته مان جيڪو ڪجهه چئي رهيو آهيان اهو صحيح آهي يا نه؟ جيڪڏهن ڪنهن طرف نظر ڪري ۽ پوءِ ڳالهه ان جي ڪندو ته ان ۾ تاثير ٿيندو آهي. الله تعالى سچ ۽ مشاهدي جي وجھ سان زبان ۾ تاثير پيدا ڪندو آهي تاثير نيت جي وجھ سان به پيدا ٿيندو آهي جيڪڏهن نيت صاف آهي ته! يقينن الله تعالى به زبان ۾ تاثير پيدا ڪري ڇڏيندو آهي جنهن جي وجھ سان ماڻهون ڪافي تعداد ۾ ان سان محبت ڪرڻ وارا بڻجي ويندا آهن ۽ ان جا عاشق بڻجي ويندا آهن. ها جيڪڏهن جي نيت صاف نه آهي ته هڪ شخص به ڳالهه ٻڌڻ وارو ناهي. حضرت واصف علي واصف رحمت الله عليه فرمائين ٿا ته طوطو ڳالهه کي رٽي رٽي ٿڪجي پوندو آهي پر اهو ساڳيو ئي طوطو رهندو آهي. ان جي لاءِ اهڙو نه هجڻ گھرجي ته ميڊيا تي اچڻ کان بعد طوطي وانگر چئي، اهو پوءِ ساڳيو ئي طوطي وانگر رهئي. مذڪوره بزرگ صاحب فرمائين ٿا ته! پنهنجي نيت ۽ خيال جي اصلاح ڪرڻ گھرجي. جيڪڏهن ان جي اصلاح ٿي وئي ته پوءَ ڳالهائيندو ته ان ۾ طاقت هوندي. سچن انسان ۾ مشهور ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي. جيڪڏهن ڪجهه سٺا انسان ملي وڃن ته اها وڏي ۽ بهترين خوش نصيبي آهي. ميڊيا تي اچڻ کان پهريان ٽاريگيٽ جي خبر هجڻ گھرجي ته ڪهڙن ماڻهن تي ڪم ڪرڻو آهي. ان وقت اسان کي هر شعبي ۾ اصلاح جي ضرورت آهي. ڪوشش هي هجڻ گھرجي ته 15 سالن کان 35 سالن تائين جي نوجوان کي ٽارگيٽ ڪيو وڃي ان جي اصلاح جو موضوع ٺاهيو وڃي. موجوده وقت ۾ دين وارن کي سڀ کان وڏيڪ ميڊيا تي اچڻ جي ضرورت آهي جنهن جو عقيدو درست آهي ان کي ميڊيا تي اچڻ ضروري آهي. ڇو ته خراب عقيدي وارن جو گھڻو تعداد معاشري جي عقيدي کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش هوندي آهي جڏهن ته ان کي ٻڌائڻ گھرجي ته سٺو ڇا آهي ۽ اهو به ٻڌائڻ گھرجي خراب ڇا ته جيئن اميد به ملي. ان جي لاءِ سٺو ڇا آهي. ايمان رکڻ بدلجڻ جو اجر ناهي بلڪه ڪوشش ڪرڻ جو اجر آهي. (ليکڪ قاسم علي شاهه صاحب جي وال تان)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو