تبديلي سرڪار جو تبديل ٿيندڙ پروفائيل!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏25 فيبروري 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    700
    ورتل پسنديدگيون:
    637
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    پاڪستاني حڪمرانن خلاف مڃيل راء اها ئي آهي ته اهي خدمت خلق بدران رڳو طاقت حاصل ڪرڻ ۽ ان کي وڏي پيماني تي پنهنجا ذاتي ۽ گروهي مقصد ۽ مفاد حاصل ڪرڻ لاء استعمال ڪرڻ لاء اقتدار جي ايوانن ۾ پهچڻ جي ڪوشس ڪن ٿا.ٻئي طرف اها به طيء ٿيل حقيقت آهي ته حڪومت يا اقتدار جو بنيادي مقصد خلق جي خدمت عوام جي فلاح ۽ بهبود هوندو آهي جنهن مقصد کان اسان جا حڪمران عام طور تي منهن موڙڻ جا مرتڪب بڻجن ٿا ۽ رڳو پنهنجن مفادن جي حفاظت ڪندي نظر اچن ٿا.هتي اها ڳالهه ذڪر جي قابل آهي ته عام طور تي هر پارٽي اڳواڻ اها دعويٰ ڪندي نظر ايندو آهي ته هن جو مقصد رڳو عوامي ڀلائي ۽ ملڪ جي خوشحالي آهي پر سچائيون ڪنهن ٻئي طرف اشارو ڪنديون آهن.ان ۾ شڪ ناهي ته عمران خان ذاتي طور تي نهايت ايماندارآهي ۽ سندس دل ۾ عوام جي لاء درد ۽ احساس به موجود هوندوپر هن نظام ۾ رهندي کيس جهڙيء طرح يوٽرن وٺڻا پيا آهن اهي سندس سمورين دعوائن تي پاڻي ڦيري ڇڏين ٿا.ڪو اڳواڻ ڪيترو به ايماندار ۽ درد دل رکندڙ ڇونه هجي کيس هن نظام م رهندي لاڳيتو سمجھوتا ڪرڻا پون ٿا.ڳالهه ٿي ڪئيسين هن نظام ۽ ان نظام جي پاليل سياستدانن جي،جن جون نظرون هر وقت طاقت۽اقتدار جي مرڪز تي ئي ڄميل رهن ٿيون.انهن جي ويجھو اهو بي معنيٰ آهي ته طاقت ۽ اقتدار جي مرڪز ۽ محور جو حقيقي ڪردار ڇا آهي؟انهن جا فرض ڪهڙا آهن؟انهن کي پنهنجي حيثيت ۾ ڇا ڪرڻو آهي؟ڪهڙين ڳالهين کان انهن کي بچڻو آهي؟انهن جون حدون ۽ پابنديون ڪيستائين آهن؟ان جي بدران انهن حدن ۽ پابندين کي ٽوڙڻ ۽ پنهنجي حق ۾ استعمال ڪرڻ ئي حقيقت م پاڪستان جا عوامي نمائندا پنهنجو قانوني حق سمجھن ٿا.توڙي اهي اختيار کين قومي يا صوبائي اسيمبلين مان حاصل ٿين،وزارت يا مشاورت مان ملن يا بلدياتي ادارن ذريعي حاصل ٿين.سندن نظرون انهن اختيارن سان گڏ ئي بدلجي وڃن ٿيون.جنرل مشرف جي دور ۾ جڏهن بلدياتي نظام ۾ اختيار گڏ ٿي ويا ته اڄ جا گھڻا جڳاڙي پارليامينٽ کان پنهن جو منهن ڦيري بلدياتي نظام کي پيارا ٿي ويا جو ان وقت هڪڙي ناظم وٽ ايترا ته گھڻا اختيار هئا جو ان جي آڏو قومي اسيمبليء جي رڪنيت يا وزارت به معمولي بڻجي ويئي.ڪهڙا ڪهڙا قومي سطح جا سياسي نالا قومي اسيمبليء جي رڪنيت کي ٿڏي ان وقت بلدياتي نظام جو حصو بڻجي ويا جن ۾ هاڻوڪو وزير خارجه شاهه محمود قريشي به هو جيڪو ان وقت ناظم جي حيثيت سان وڌيڪ خوش نظر ايندو هو.حالتن ڦيرو کاڌو،جنرل مشرف ماضيء جو قصو بڻيو،پارلياماني نظام ٻيهر متحرڪ ٿيندي ئي بلڪه اختيارن جو مرڪز بڻجندي ئي انهن سياستدانن کي پارليامينٽ جي بالادستي وري ياد اچي ويئي ۽ ٻيهر ان جو حصو بڻجي ويا.تبديليء جي بنياد تي اقتدار ۾ ايندڙ جماعت في الحال عوامي خدمت ۽ خوشحالي کان ڪوهين پري،پاڪستان تي واجب الادا قرضن جي ادائيگيء لاء ڊوڙ ڊڪ ڪندي نظر اچي ٿي.عوامي فلاح ۽ بهبود ۽ آسانيون گھر جي دروازي تي پهچائڻ ۾ انهيء کي جيڪي ڏکيائيون سامهون آهن ۽ اڃا اينديون انهن مان هوء ڪهڙيء طرح نڪري سگھندي سو ته ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو پر اها حقيقت آهي ته هاڻوڪي نظام ۽ انگن اکرن جي روشنيء ۾ هيء حڪومت ڪا انقلابي تبديلي آڻڻ جي پوزيشن ۾بلڪل نٿي ڏسجي.هتي ٻي ڳالهه اختيارن جي هيٺين سطح تي منتقلي آهي جيڪا يقيني طور تي بلدياتي نظام ذريعي ئي ممڪن بڻجي سگھي ٿي.اهو ممڪن ئي ڪونهي ته ننڍن شهرن يا ٻهراڙين جي عوام جي روزمرهه زندگيء جا سمورا مسئلا صوبائي يا وفاقي حڪومت جي ليول تي حل ٿي سگھن.اها حقيقت ۾ هڪ بنيادي ضرورت آهي جو جنهن ۾ ڪنهن جي انا متاثر ڪرڻ سواء اختيارن کي هيٺين سطح تي منتقل ڪري سگھجي ٿو.اختيارن کي هيٺين سطح تي منتقل ڪرڻ جي صورت ۾ ساڳيء طرح مشرف واري دور وانگر هاڻوڪي قومي توڙي صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن جو موقف ترت بدلجي ويندو ۽ انهن ميمبرن جي اڪثريت پنهنجون سيٽون ڇڏي طاقت ۽ پئسي واري پوزيشن طرف ڊڪندي نظر ايندي. ان صورت ۾ گھٽ ۾ گھٽ هڪڙو فائدو ضرور ٿيندو جو پارليامينٽ ۾ اهڙن ماڻهن جي اچڻ جي اميد پيدا ٿيندي جيڪي واقعي پارليامينٽ جي تقدس کي سمجھندا هوندا،قانون جي عملداريء تي يقين رکندا هوندا،قانون جي بالادستي انهن جي پيش نظر هوندي ڇوته جمهوريت ۽ پارلياماني نظام جون اهي ئي مڃيل روايتون آهن.ان کان سواء رياستي مشينري توڙي جو انهن بلدياتي ادارن جي هٿ هيٺ هئڻ گھرجي پر مقررين ۽ بدلين جو اختيار انهن وٽ بلڪل نه هئڻ گھرجي يا مقررين ۽ بدلين جو اختيار انهن ادارن جي ڪارڪردگيءسان سلهاڙيل هئڻ گھرجي.ظاهر ۾ اهو هڪ ڏکيو ڪم نظر اچي ٿو پر انهيء بندوبست سان ئي عوام جا بنيادي مسئلا حل ٿيندا.ٻئي پاسي رياستي مشينريء کي به رياست خاطر پنهنجن فرضن ۽ حلف نامي جو ڀرم رکڻو پوندو،اهي سموريون تبديليون تبديلي سرڪار جي منشور جو حصو آهن پر انهن کي عمل ۾ آڻڻ ۾ جيڪي ڏکيائيون آهن انهن کي ڪنهن به طرح نظر انداز ڪري نٿو سگھجي جوتبديلي سرڪار جنهن تيزيء سان مصلحتن ۽ مونجھارن جو شڪار ٿي رهي آهي انهيء کان اهو پري ناهي جو اها پنهنجي بنيادي منشور کان ئي ڦري وڃي.سمجھوتن ۽ سياسي بليڪ ميلنگ ۾ ڦاٿل تبديلي سرڪار،هميشه کان اقتدار جي پوڄارين ۾ وڪوڙيل ۽ اهي ئي پراڻا ٻوٿ ۽ نئين قيادت جي ليبل هيٺ پنهنجي راند کيڏڻ کان باز نه پيا اچن.تبديليء جو نعرو سندن ذاتي مفادن جي دز ۾ دفن ٿيندو ٿو وڃي جو خوشامدي ٽولو پوري طاقت سان پنهنجي من پسند ڪم ۾ لڳل آهي ۽ قيادت کي حقيقتن کان بي خبر رکندو پيو اچي.پهرين سو ڏينهن جي ڪارڪردگي به رڳو هڪ ڊرامو ثابت ٿي جو ڪنهن به وزير خلاف نه ته ڪاڪاروائي ٿي ۽ نه ئي ڪنهنجو قلمدان تبديل ڪيو ويو.اهڙن گھگھه سياستدانن جي موجودگيء ۾ سڌارن جو عمل مشڪل ئي نه پر ناممڪن نظر اچي رهيو آهي ۽ ممڪن آهي ته واضح اڪثريت حاصل ڪرڻ لاء وقت کان پهرين نين چونڊن جو ڪو دهل وڄي وڃي،نظام تبديل ٿي وڃي يا وري هاڻوڪو نظام ئي ويڙهيو وڃي!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو