شبانه عالماڻي جي شعري مجموعي ”منھنجو درد امام“ جو جائزو

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 فيبروري 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    شبانه عالماڻي جي شعري مجموعي ”منھنجو درد امام“ جو جائزو

    فقير محمد سنڌي

    ڪـانـگـلـڙا ڪـانـگلـڙ ا، وڃ تـون واٽ وهي،
    ڪارونجهر تي ڪھي، ڪارونجهر تي ڪھي. (علي گل سانگي)

    گيت لفظ سنسڪرت جي لفظ ”گيهه، گي يا گيا“ مان ورتل آهي جنھن جي معنى آهي ”ڳائڻ“ اصطلاحي معنى موجب، اهو شعر جو ڳائڻ ۾ اچي يا ڳائي سگهجي. جديد گيت جي شروعات سنڌي شاعريءَ ۾ ڪشنچند بيوس ڪئي. ايئن ئي سنڌي گيت اچي شبانه عالماڻي ذهن ۾ اتساهه ڀريو آهي جنھن جي اُڻ تڻ ”منھنجو درد امام!“ جي صورت ۾ سنڌي ادب جي کيتر ۾ ڇانيل آهي.
    ڪشنچند بيوس کان وٺي اڄ تائين جيڪي شاعري گيت، لوڪ گيت ۽ نظم جي سري هيٺ لکن ٿا انهن سڀني اسمن سنڌي ادب کي برجستي جلا بخشي آهي. سنڌي ادب ۾ گيت ۽ لوڪ گيت ۾ پنھنجي علائقي جي احساسن جي منظرنگاري آهي. شبانه عالماڻي جي هن گيت کي پڙهجي ٿو ته، تاريخ، درد ۽ سوجهري جو احساس ويتر وڌي ٿو.

    اڃا سوجهرو ڏور آ، اڃان ڏات ڏيئا ٻَرن!
    اڃا سنڌ جو سور آ، اڃان ڏات ڏيئا ٻرن!
    اڃان رات سان جنگ آ، اڃان حوصلو ٿو هَلي،
    اڃان سنڌ سڏڪي پئي، ستم سلسلو ٿو هلي.
    نه انڌيرو منظور آ، اڃان ڏات ڏيئا ٻَرن!
    اڃا سوجهرو ڏوُر آ.

    اڃان تار ڇيڙي ڇڏيو، نه سڏ ساز ماٺو ڪيو،
    اڃان گونج گهر جي پئي، نه آواز ماٺو ڪيو،
    اڃان پنڌ ۽ پُور آ، اڃان ڏات ڏيئاٻرن.
    اڃا سوجهرو ڏوُر آ.

    سنڌ جي مھان ڪوي شيخ اياز به گيت ۽ لوڪ گيت ايترا آسان ڪري لکيا جو عام لوڪ آساني سان سمجهي سگهي پر ان کي وري ڳائي به سگهجي، مھان ڪوي شيخ اياز جي ”لولي“ جو ٿلهه آهي ته:

    ”لوليون،
    او ابا!
    لوليون، لوليون!
    شال دولھه ٿِئين، شال دودو ٿِئين!
    شال سورهيه ٿئين، سنڌ تي سِرُ ڏِئين!“

    شبانه عالماڻي جي گيتن ۾ وقت جي رڙ آهي، دانھن آهي. هر گيت جو هر بند پنھنجو اتساهه بخشي ٿو. سندس گيت جو هيءُ بند ڏسو.

    سِڪ ساهُه صبح سڏڪي ۽ ٽاڪ منجهند روئي،
    ٿي رات ڏيئي مونکي سنسار جا ڏک سو ئي،
    پڄرن ٿا پَھرَ ٽيئي، هئه وقت رُنو آهي.
    دل سُور سٺا ڪيئي!

    گيت، لوڪ گيت کان گهڻو پوءِ جي پيداوار آهي، پوءِ به شاعريءَ ۾ سنڌي شاعرن پنھنجي فطري محبت کي گيت جو ويس ڏئي پنھنجي جذبا پنھنجي مارُن جي ذهنن تائين رسائڻ ۾ ڪابه ڪمي ڪونه ڇڏي آهي. شبانه عالماڻي پنھنجي گيتن ۾ سرهاڻ جو واس پکيڙيندڙ شاعره آهي.

    هِن همت هيج حياتيءَ کي، ڪو ايرو غيرو ڇا ڄاڻي!؟
    او مَنَ جو ميرو ڇا ڄاڻي!؟
    جو جيءُ دغائن کي پالي،
    جو جيءُ بَلائُن کي پالي،
    سو ماڻهو! من جو ميرو آ، پت پيار جو پيرو ڇا ڄاڻي!
    او مَنَ جو ميرو ڇا ڄاڻي!؟

    هنديءَ جي بلڪل آڳاٽين صنفن ۾ دوهو ۽ گيت ئي ملن ٿا. اصل ۾ هندي گيتن جي شروعات مذهبي جذبي سان ٿي. پر شبانه عالماڻي، ”منھنجو درد امام“ ۾ پنھنجي ڌرتيءَ جي مارن جا خيال، احساس ۽ درد سھيڙي گيت جي روپ ۾ اندر جي آواز کي نروار ڪيو آهي، جيڪا بلڪل حقيقت به آهي.

    آهيان سُور ستي الا، ڇو هي پو ايذاءُ!؟
    ڪاري ناهيان ڀاءُ!
    ناهيان ٿي ميري اَلا، شاهد آهي الله،
    مَندو ناهي جيئڙو، سوڳي آهي ساهه،
    اُجري آهيان آءٌ وو، شاهد ڌرتي ماء،
    ڪاري ناهيان ڀاءُ!

    ڊاڪٽر ظفر عباسي جي ترتيب ڏنل ڪتاب ”سنڌيءَ ۾ شاعريءَ جون صنفون ۽ صنعتون“ ۾ گيت متعلق جامع معلومات ڏني آهي، پڙهندڙ جي حضور ۾ ڪجهه سِٽون مناسب سمجهان ٿو.
    ”ننڍي کنڊ ۾ وري سنڌي شاعريءَ کي موتئي جي سڳنڌ آهي، ٻورانيءَ جو سواد هن ڌرتيءَ جو دين آهي، ان کي پنھنجي انفراديت آهي جا ٻئي هنڌ ڪٿي به نه آهي. مشرق ۾ خاص ڪري ننڍي کنڊ ۾، عورت کي ”ماتا“ ۽ ”ديوي“ جي روپ م پيش ڪيو ويو ۽ هتان جي زرعي سماج ۾ به عورتن جو مرتبو مٿاهون رهيو آهي. ان ڪري هتان جي سرجيل گيتن ۾، عورت جي جذبن جو وڌيڪ دخل رهيو. ان ڪري ئي عورت جي فطري لطافت ۽ ترنم، انهن رسيلن گيتن مان چِٽيءَ طرح ظاهر هوندا آهن. سنڌي زبان پڻ ميٺاج ۽ رَس واري زبان آهي. ان ڪري ان ۾ گيت واري مڌرتا جو هئڻ سڀاويڪ آهي.
    ايئن ئي سنڌي گيت جي ميدان ۾ ڪافي نالي وارن شاعرن پن پاڻ موکيو آهي، جن ۾ ڪشنچند بيوس، شيخ اياز، استاد بخاري، سرمد چانڊيو، مير محمد پيرزادو ۽ انهيءَ سرهي سفر ۾ شبانا عالماڻي وکون کڻي پنڌ ڪري رهي آهي. استاد بخاري گيت هن ريت پيش ڪيو، گيت جو سرو آهي ته:

    ”او ترڇو هو ڏار ڏکڻ ۾،
    ٽم ٽم ٽم ٽم پير اڱڻ ۾،
    هرڪو ڳاڙهيون ڳاگون ميڙي، پن پن تڙپڻ ڪير ڏسي؟“

    سنڌي گيتڪارن ۾ مير محمد پيرزادي جو نالو اهميت جوڳو آهي، جنھن جي گيت جو سرو به لاجواب آهي؛

    ”سونا سونا سنگ،
    ٻنين ۾
    سونا سونا سنگ
    ڪنھن جي پوتي ڪنھن جو چولو
    ڪنھن جي پيٽ ڀرڻ جو لولو
    ڪنھن جي عزت شان ۽ شوڪت
    ڪنھن جا آهن ننگ
    ٻنين ۾
    سونا سونا سنگ.“

    گيتڪارن جي سموري تسلسل ۾ شبانه عالماڻي به پاڻ مسلسل موکيو آهي، شبانه عالماڻيءَ جو هي گيت خوبصورت لڳي پيو:

    ”مان خاڪي هان مان نوري هان،
    مان پوري هان اڻپوري هان،
    مان انبر جيڏي دُوري هان.

    مان بخت بلالي گهاڻي ۾، مان ٽچڪان پَڄران ٽاڻي ۾،
    مان سورهه، سرمد جي لوري، مان مومل راڻي ماڻي ۾،
    مان پٿرن جو پڙلاءُ به هان، مان مستيءَ ۾ منصوري هان!
    مان انبر جيڏي دُوري هان.“

    ڪتاب جو بئڪ ٽائيٽل سنڌ جي ناليواري شاعره شاهده کوکر لکيو آهي، جنھن شبانه عالماڻيءَ جي گيتن کي خوب ساراهيو آهي جنھن سان سنڌي گيت لکندڙ جي کيت ۾ اڃان به وڌيڪ واڌاري جي اميد آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو