فرزانه شاهين جي ڪھاڻي مجموعي ”مٽي ماٿي لايان“ جو جائزو

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 فيبروري 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    فرزانه شاهين جي ڪھاڻي مجموعي ”مِٽي ماٿي لايان“ جو جائزو

    ڪھاڻي زندگيءَ جو تسلسل آهي!


    فقير محمد سنڌي

    ڪھاڻي زندگيءَ جو تسلسل آهي جيڪا هر روز پنھنجي نئين ڊائيلاگن سان جنم وٺندي رهندي آهي. دل جا نيڻ سدائين چَپَ آلا ڪري معاشري جي هر ڪم تي ڇڪتاڻ ڪندي به احتجاج نه ڪري سگهندا آهن. ڪتاب ”مِٽي ماٿي لايان“ ۾ فرزانه شاهين جا نيڻ، دل ۽ دماغ هر ڇڪتاڻ ۽ احتجاج کي ٽوڙي ڪھاڻيءَ جي سفر کي جاري رکي هر ڪھاڻيءَ کي صحيح رخ ڏئي دؤرِ حاضر کي آئينو ڏيکاريو آهي. فرزانه شاهين جي ڪھاڻيءَ تي ڪيترا ئي سوال ڪيا آهن، ”پنھنجي پاران“ ۾ هر پل ڪھاڻيءَ طور اسان جي آڏو پيش ٿيندو رهي ٿو.
    ڪتاب ”مِٽي ماٿي لايان“ جو مھاڳ سنڌ جي برجستي ليکڪ رسول ميمڻ لکيو آهي، رسول ميمڻ تاريخ ۽ ڪھاڻيءَ تي پنھنجي راءِ دل کولي ڏني آهي، جنھن ۾ لکي ٿو ته،”اسين دنيا جي تاريخ جا سرواڻ آهيون. اسان جو ذڪر تاريخ جي پھرين صفحن تي هيو ۽ اهي صفحا تاريخ مان ڦاڙيا ويا آهن. اسان کان پوءِ جي تاريخ جيئري آهي ۽ تاريخ ۾ اسين مري چڪا آهيون.
    حقيقت نگاريءَ سان گڏ، جادوئي حقيقت نگاري، سوشلزم، تجريد ۽ علامت پڻ ڪھاڻي ۽ ناول جا جديد جزا آهن. اهي قلمڪار کي تڏهن حاصل ٿين ٿا جڏهن ”ان جھڙو“ پاڻ کان ٻاهر ٿي ٻڌائي ٿو ۽ ”پاڻ“ لکي ٿو، تصور طاقتور آهي پر تصور حقيقت جو حصو نه آهي. سماجي اصلاح جو جيئرو عڪس آهي، ممتاز علي جويي فرزانه شاهين جي ڪھاڻين کي جيئرو محسوس ڪري ٿو. تڏهن ته ڪھاڻيءَ تي ايتري برجستي راءِ قائم ڪئي اٿس.
    ڪھاڻي لکڻ برابر هڪ وڏو فن آهي پر اهو فن تيسين اثرائتو ناهي جيسين ان ۾ منظر، احساس، ڪردار، ڳالهه ٻولهه ۽ سماج ۾ پيدا ٿيندڙ مسئلن معاملن جي عڪاسي انهن جي حل لاءِ پيغام ڪردار جي اوڻاين، سچائين، حادثن، ٽڪرائن، پيار محبت ۽ هڪ ڪردار جي ذات کان وٺي ڪائنات جيتري ڪينواس تي تخليقڪار چٽا پٽا رنگ نه ٿو چِٽي ۽ پنھنجي ڪھاڻيءَ کي هڪ صاف شفاف آئيني جيان نه ٿو بڻائي تيسين اها ڪھاڻي ٻُسي جو ٻُسي رهجي وڃي ٿي.
    ڪتاب ”مِٽي ماٿي لايان“ جي ارپنا به خد هڪ ڪھاڻي آهي جيڪا نثري نظم جي به سڪ لاهي ٿي.

    ”مان تنھنجي
    ڳاڙهسُري مِٽي ماٿي لايان،
    تون جيڪا وک وک تي،
    ويرين وڍي آهين،
    تنھنجي اڃ لال رت ڏئي
    اُجهائي نه سگهيا،
    تنھنجي گهاون کي
    گلاب من چمڪندا رهندا،
    تنھنجي مھڪ،
    ساري دنيا کي واسيندڙ آهي،
    تو پنھنجي پيٽ مان پڪل،
    لولو جيڪو
    پنھنجن لالن لاءِ رکيو هو،
    اهو ڌارين جي پيٽ ۾
    سور وجهي ناهي سگهيو،
    اي اُمالمصائب ڌرتي!
    منھنجون ڪُلئي ڪھاڻيون،
    ڪيفيتون تنھنجي نانءِ !“


    ڪتاب ”مِٽي ماٿي لايان“ جي پھرين ڪھاڻي ”مَتِ“ آهي، جيڪو هن سماج ۾ شھرت جي گهوڙي تي سوار آهي، اهو عام ماڻهن جي سورن ۽ اهنجن کي نٿو محسوس ڪري، ان جي مَتِ منجهيل ماڻهن تي حاوي ٿي وڃي ٿي. چـَوڻيون ۽ پھاڪا ايئن جنم ناهن وٺندا، انهن ۾ به سماج لاءِ روشن آئيندو ۽ تجربو سمايل هوندو آهي، جيئن سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته، ”رَبُ رُسي مَتِ کسي، هڻي ڪونه هٿيار“.
    فرزانه شاهين جي ڪھاڻي ”مَتِ“ جو ٿورو حصو ته،”شڪيلا! تون سچ ٿي چوين پر تنھنجي منھنجي ڳالهه ڪير مڃيندو!؟ سڀ بيمار ذهن آهن، وڏو مسئلو ته معيشت جو آهي جنھن هن سماج کي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي.“ فرزانه ٿڌو ساهه ڀريندي شڪيلا ڏي نھارڻ لڳي ٿي.“
    ڪتاب ۾ شامل ٻئين ڪھاڻي ”حلال جي ڪمائي“ آهي، سماج ۾ مسيحا پيشي سان گڏ غربت به پئي سورَ ڏيندي آهي، ڪھاڻيءَ ۾ هئ جملا ڄڻ سماج جي منھن تي چماٽ به آهن پر اندر جو آواز پڻ.
    ”امڙ بس ڇا ڪجي، ڊاڪٽر به بس واڍا لڳا ويٺا آهن ويڄن وارو اهو سچو دور ئي وهي ويو.“ سڪينه پنھنجي مڙس جي لاچاريءَ ۽ بيوسيءَ تي گونگا ڳوڙها ڳاڙڻ لڳي !!! غربت صدين جي هنر کي ڄاڻي وٺندي آهي.“
    ”حلال جي ڪمائي“ جي هيءَ سِٽَ به ڪمال جي آهي، ”ڇا ميڙياسين ٽڪا! هٿن پيرن ڪمايو، پيٽ کائيندو رهيو.“
    ”ٻه لڙڪ آلا تڏهن به هوندا“ ڪھاڻيءَ جا شروع وارا جملا ڄن سڄي ڪھاڻيءَ کي پنھنجي اندر ۾ اوتي بيٺا آهن، ”رستا ۽ موڙ اڪثر بدلجي ويندا آهن، منزل ته صرف اميد جو هڪ ڪرڻو هوندي آهي.“
    ”ول ڊورنٽ“ هي جملا ڄڻ فرزانه شاهين جي ڪھاڻيءَ لاءِ لکيا ويا آهن، ”عشق انساني زندگيءَ جي سمورن تجربن مان نھايت دلچسپ تجربو آهي.“
    سنڌ ۾ لکجندڙ هر ڪھاڻي ڄڻ ڀوتارڪي سماج جو جرڳو آهي. ”جذباتي فيصلو“، ”پنھون پاڻ ٿياس“ ۽ ”نظرياتي ماڻهو“ ڪھاڻيءَ ۾ سنڌ جي ماڻهن جو چِٽو عڪس ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سڌريل سماج ۾ ڪڏهن به ڪو شخص ”مانيءَ چور“ نٿو ٿي سگهي. سنڌي سماج گذريل اڌ صديءَ کان تمام گهڻين بيمارين جي ور چڙهيل آهي، جنھن کي ساڃاهه وندن پئي محسوس به ڪيو آهي ۽ ان جي نشاندهي به ڪئي آهي.فرزانه شاهين جي سڀني ڪھاڻين ۾ زندگيءَ جي اهم مسئلن تي ويجهڙائيءَ کان ليئو پاتل نظر اچي ٿو.
    ڪتاب ”مِٽي ماٿي لايان“ جي ٻاويھين ڪھاڻي، ”عشق نه پڇي ذات“ آهي، جنھن ۾ سماجي اڻ برابري آهي، ٻن پئسن وارو، عام انسان کي پنھنجي غير روايتي جملن ۾ اهڙو ته لت پت ڪري ٿو جيئن جيئن دنيا ترقي ڪندي پئي وڃي، تيئن شين جي قيمت وڌندي پيئي وڃي پر انسان جي قيمت گهٽبي پيئي وڃي. قرآن پاڪ ۾ آهي ته، تحقيق! انسان ڏاڍو اُٻھرو آهي. سنڌ جي ساڃاهه وند شوڪت حسين شوري ڪتاب ”مٽي ماٿي لايان“ جو بيڪ ٽائيٽل لکيو آهي.
    لکي ٿو ته: شيخ اياز چيو هو ته ”هن ديس سڄي کي سائي آ“ فرزانه شاهين سائي ۾ ورتل ان دردوندي ديس جي حساس ڪھاڻيڪاره آهي، هن سنڌ ڌرتيءَ جي مِٽي ماٿي لائي ان جي سمورن دُکن کي ميڙي سيڙي ڪھاڻين جو روپ ڏنو آهي.
     
    طاھر پٺاڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو