سنڌ سلامت هاڻي ايڇ ٽي ٽي پي ايس سان وڌيڪ محفوظ

'فورم جا قانون، قاعدا ۽ ضروري اعلان' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏27 فيبروري 2019۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    انٽرنيٽ تي ڪلائينٽ (برائوزر) ۽ ويب سرور وچ ۾ رابطي لاءِ عام طور هائپر ٽيڪسٽ ٽرانسفر پروٽوڪول (ايڇ ٽي ٽي پي) جو استعمال ڪيو ويندو آهي. انٽرنيٽ تي ڪوبه صفحو ڊائونلوڊ ڪرڻو هجي، ڪنهن ويب سائيٽ ۾ ڪو پيغام موڪلڻو هجي يا فائلز سميت ٻيو ملٽي ميڊيا مواد اپلوڊ يا ڊائونلوڊ ڪرڻو هجي انهن سڀني ڪمن لاءِ هي هڪ مقبول پروٽوڪول آهي. ها البته هن پروٽوڪول ۾ مواد کي هڪ سري کان ٻئي سري تائين ساده شڪل ۾ منتقلي دوران جيڪڏهن ڪو ماڻهون يا ادارو ڪنهن نيٽورڪ جي ٽريفڪ ۾ جهاتي پائي ته ڪافي سارو حساس مواد به معلوم ڪري سگهي ٿو.. عام صفحن جي مقابلي ۾ بظاهر هي ڪو ايڏو وڏو مسئلو ناهي پر جيڪڏهن اهڙي مواد ۾ سائيٽ جا پاسورڊ يا ڪريڊٽ ڪارڊز وغيره جي تفصيل به موجود ملي ته اها حساس معلومات ڪنهن ٻئي جي هٿ به اچي سگهي ٿي ۽ ان جو غلط استعمال به ٿي سگهي ٿو...
    انٽرنيٽ تي محفوظ رابطي لاءِ ايڇ ٽي ٽي پي جي ذريعي پيغام موڪلڻ دوران هڪ مرحلي ۾ ڊيٽا انڪرپشن پڻ عمل ۾ آندو ويندو آهي ته جيئن اهو يقيني بڻائي سگهجي ته ڪلائينٽ ۽ سرور جي وچ ۾ ٿيڻ واري رابطي کي ڇيڙخاني يا چوري کان محفوظ رکي سگهجي ان کي ٽرانسپورٽ ليئر سڪيورٽي (ٽي ايل ايس) يا سڪيور سوڪيٽ ليئر (ايس ايس ايل) چوندا آهن. ايڇ ٽي ٽي پي سان گڏ ٽي ايل ايس جي سهولت شامل ڪئي وڃي ته ان کي ايڇ ٽي ٽي پي ايس جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي..
    گذريل ڪجهه عرصي کان انٽرنيٽ جون وڏيون ڪمپنيون ۽ مشهور ويب برائوزر ويب تي ايڇ ٽي ٽي پي ايس جي واڌاري لاءِ رڌل آهن.. سرچ انجڻ ۽ ويب برائوزر ايڇ ٽي ٽي پي ايس سائيٽس کي گهڻيون سهولتون مهيا ڪندا آهن جهڙوڪ ڳولڻ جي نتيجن ۾ انهن کي سڀ کان مٿي رکڻ يا برائوزر جي جديد سهولتن کي رڳو ايڇ ٽي ٽي پي ايس تائين محدود رکڻ وغيره
    بحرحال اڄ سنڌ سلامت ڊومين کي ٽي ايل ايس سرٽيفڪيٽ جي مدد سان ايڇ ٽي ٽي پي ايس تي منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سنڌ سلامت ڊومين سان ڳنڍيل باقي سب ڊومينز کي به ترت ايڇ ٽي ٽي پي ايس تي منتقل ڪيو ويندو. جيتوڻيڪ پوري پوري ڪوشش ڪندي سموريون تبديليون آنديون ويون آهن پر هن وڏي تبديلي جي نتيجي ۾ ٿي سگهي ٿو ڪجهه مسئلا سامهون اچن. جيڪڏهن اهڙو ڪو نقص جهڙوڪ ان سيڪيور مڪسڊ ڪنٽينٽ ايرر جو ڪو اشارو ملي ته مهرباني فرمائي اطلاع ڪندا...
    لک لائق
     
    رحيم بخش هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    واعدي مطابق سنڌ سلامت سان ڳنڍيل باقي سب ڊومينز کي به ايڇ ٽي ٽي پي ايس سان وڌيڪ محفوظ بڻايو ويو آهي..
    https://books.sindhsalamat.com
    https://font.sindhsalamat.com
    https://lafzikar.sindhsalamat.com
    https://quran.sindhsalamat.com
     
    رحيم بخش هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اهو ڀلو ڪم ٿيو ... اوهان کي جس هجي.

    هڪ ٻيو عرض ته سنڌ سلامت جو تصوير اپلوڊر ڪم ڪونه پيو ڪري ان کي ڏسجو
     
    رحيم بخش هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو