علي دوست عاجز: جديد سنڌي شاعريءَ جو نامور حوالو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 مارچ 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    علي دوست عاجز: جديد سنڌي شاعريءَ جو نامور حوالو

    عزيز ڪنگراڻي

    ناليواري شاعر علي دوست عاجز، جو پورو نالو علي دوست محمد خان گانئچو آهي. سندس جنم 2 سيپٽمبر 1964ع تي فريدآباد، تعلقي ميهڙ ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو. پرائمريءَ کان مڊل تائين فريدآباد ۾ تعليم حاصل ڪيائين. مئٽرڪ پيارو ڳوٺ هاءِ اسڪول مان 1980ع ۾، انٽر 1983ع ۾ ۽ گريجوئيشن گورنمينٽ ڊگري ڪاليج (هاڻ استاد بخاري ڊگري ڪاليج) دادوءَ مان 1985ع ۾ ۽ ماسٽرس 1992ع رياضيءَ ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين.
    علي دوست عاجز جديد سنڌي شاعريءَ جو نامور حوالو ۽ سنڌ جي ڳوٺاڻِي زندگي ۽ ٻوليءَ کي پنهنجي تخليق وسيلي زنده رکندڙ نمائنده شاعر آهي- هُو جديد سنڌي شاعريءَ جي اهم مڪتب استاد بخاريءَ جي روايت جو سڀ کان اهم شاعر آهي- جنهن ڪچي ۽ ڪاڇي جي ٻوليءَ کي ملائي وچولي جي منفرد شاعرانه روايت قائم ڪئي- علي دوست عاجز، گيت، بيت، وائي جهڙين ڪلاسيڪل صنفن، ترائيل، نظم ۽ ٽي سِٽي، ڏيڍ سِٽي جي مختلف گهاڙيٽن سميت ”اوپيرا“ به لکيا آهن، جنهن ۾ هن سنڌ جي هڪ غير روايتي رومانوي ڪهاڻي ”سوني باگو“ کي نئون جنم عطا ڪيو آهي.
    ساڳي ريت هن سنڌ درياهه جي حوالي سان ”سائر جو سوداءُ“ جهڙو جديد ڪلاسِڪ رقم ڪيو. جنهن ۾ درياهه جو عروج ۽ زوال هڪ درد انگيز شڪل ۾ سامهون اچن ٿا.
    علي دوست عاجز جا هن وقت تائين 10 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن ۾ شاعريءَ جا نَوَ مجموعا ”خوشبو خوشبو خواب“ (2000ع)، اَچن ڀَنؤر ڀَنڀولئا (2003ع)، ”رنگ رتو آڪاس“ (2009ع)، ”سائر جو سوداءُ“ (2013ع)، ”رتا روهيڙا“ (2017ع)، ”سوني باگو“ (اوپيرا (2004ع)، ”ڪونجان“ (اوپيرا (2018ع) ۽ ٻارڙن لاءِ ”جهڙا تارا جرڪڻا“ (2002ع)، ”ٽانڊاڻا ٽانڊاڻا رات“ (2018ع) ۽ نثر ۾ استاد بخاريءَ جي ذات ۽ ڏات بابت پنهنجي نوعيت ۽ معيار جو منفرد ڪتاب ”آديسي استاد“ (2005ع) شامل آهي، جنهن تي سنڌي ادبي سنگت (مرڪز) پاران کيس مڃتا طور ايوراڊ پڻ ڏنو ويو.
    علي دوست عاجز، 1985ع کان 1996ع تائين سيڪنڊري استاد رهيو. 1996ع کان سيلز ٽيڪس کاتي ۾ سينير آڊيٽر مقرر ٿيو.هن وقت اِنلئنڊ روينيو ڊپارٽمينٽ حيدرآباد ۾ ڊپٽي ڪمشنر طور، خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو