سنڌ جي ھڪ وستي ڪاڇو

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ عاشق علي چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏5 مارچ 2019۔

  1. عاشق علي چانڊيو

    عاشق علي چانڊيو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2019
    تحريرون:
    27
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ماڳ:
    وارھ
    "سنڌ جي ھڪ وستي ڪاڇو"

    "عاشق چانڊيو"(وارھ)

    سنڌ جي تاريخ تـ ھزار سال پراڻي آھي پر ان جي ھڪ وستي جنھن کي ڪاڇو چيو وڃي ٿو اھا پڻ ڪجھ لحاظ کان پنھنجي پراڻي تاريخ رکي ٿي.سنڌ جي ھي وستي 500 سال پراڻي آھي.ڪاڇو ھونئن تـ لاڙڪاڻي ضلعي جو حصو ھو پر 2004ع ۾ جڏھن قمبر شھداد ڪوٽ ضلعي جو بنياد پيو تڏھن کان ڪاڇو قمبر شھداد جو حصو بڻجي ويو.ڪاڇو قمبر شھداد ڪوٽ ضلعي جي اولھ طرف واقع آھي جتي ڪيتريون ٻيون بـ قومون رھن ٿيون پر خاص ڪري چانڊيا قبيلو اتان جو رھواسي آھي.ڪاڇو ھڪ ريگستاني علائقو آھي پر تنھن ھوندي بـ ڪجھ ماروئڙا اتي پنھنجا ڪکڙا اڏي ويٺل آھن.ڪاڇو قمبر شھداد ڪوٽ کان تقريباً 50 ڪلوميٽر پري واقع آھي.سياري جي موسم ۾ جڏھن حمل ڍنڍ جو پاڻي وھي ايندو آھي تـ ماروئڙا ڪس کڻائي مشينن تي پاڻي لفٽ ڪري ٻنيون آباد ڪندا آھن ۽ ڪڻڪ جي فصل جي پوک ڪندا آھن پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي تـ حمل ڍنڍ جو پاڻي بـ روڪيو ويو آھي ان ڪري ماروئڙا تمام گھڻين مشڪلاتن جو شڪار آھن.ان کان علاوه اونھاري جي موسم ۾ برسات پوڻ سبب نيون وھي اچن ٿيون جنھن سان پڻ ڪاڇي جي ٻنين جي آبادي ٿئي ٿي.ڪاڇي جون مشھور نيون دلان نئين,ڳيريلو نئين,تني نئين ۽ مزاراڻي نئين آھن.اونھاري جي موسم ۾ جوئر,گوار,مڱ,ميھا,ھنڌاڻا ۽ گدرا پوکيا وڃن ٿا پر ڪجھ سالن تائين برسات نـ پوڻ جي ڪري ھتان جا ماڻھو صرف حمل ڍنڍ جي پاڻي ذريعي ٿيندڙ ڪڻڪ جي آسري تي ويٺل آھن جيڪا ھن سال پڻ نـ وھي اچڻ جي ڪري اتان جي ماروئڙن جو جوڳو سھارو ناھي بڻي سگھي.پر پوء بـ ھتان جا ماروئڙا الله مان آسرو نـ لاھيندا آھن ۽ ۽ لطيف جي ھن چوڻي تي عمل ڪندا آھن ۽ چوندا آھن تـ

    "آگميو آھي,لڳھ پس!لطيف چئي;

    وٺو مينھن وڏ ڦڙو,ڪڍو ڌڻ ڪاھي;

    ڇن ڇڏي پٽ پئو,سمر سنڀائي;

    وھو م لاھي,آسرو الله مان." (شاھ)

    مينھن نـ وسڻ جي صورت ۾ بـ ماروئڙن کي اھا آس ھوندي آھي تـ ھاڻي آگميو آھي ڄاڻ وڏ ڦڙو وٺو ۽ ڌڻ ڪاھي ڪڍنداسين ۽ الله مان آسرو نـ لاھينداسين.سياري جي منڌ ۾ جڏھن ڪاڇو آباد ٿيندو آھي تـ سنڌڙي جي سونھن ۽ ورونھن لڳندو آھي,ايئن لڳندو آھي ڄڻ تـ ڪا جنت جي ٽڪري ھجي يا ايئن لڳندو آھي ڄڻ تـ ڪا ڪشمير جي وادي ھجي ھر طرف ساوڪ ئي ساوڪ ھوندي آھي.جبل پنھنجو پاڻ کي ساوڪ سان ڍڪي ڇڏيندا آھن ۽ سندس واري سان ڍڪيل زمين ٿڌي ۽ تر ٿي ويندي آھي, ھر دل خوشي سان ڀرپور ھوندي آھي.ماروئڙن جي چھرن تي مرڪون سمايل ھونديون آھن.

    پاڻي جا وھڪرا ايئن لڳندا آھن ڄڻ تـ ڪو چشمن جا وھڪرا ھجن,ھاري ٽيوبيل مشين تي پاڻي لفٽ ڪري آبادي ڪندا آھن. تـ صبح جو منظر ھوندو آھي, سياري جي ٿڌڙي ھوا, پکين جي چڻگار,ڳاڙھا ڳاڙھا ٻير,ماڪيل ڪڻڪ جا ساوا ٻوٽا ۽ انھن مٿان وري جھرڪين جا ٽولا خوشي جو اظھار ڪندي پنھنجي مٺڙي ٻولي ٻلينديون آھن ڄڻ تـ اللہ تعالی جو شڪرانو ادا ڪنديون ھجن ۽ جڏھن ھاري پنھنجي زمينن ڏانھن روانا ٿي ڪري انھن جھرڪين کي ھڪلين, ڊرم وڄائين ۽ ڦٽاڪا ڇوڙين تـ ايڏو تـ دل کي اتساھ ۽ چين اچي ويندو آھي جو صديون اتي رھڻ جي دل چوندي آھي پر بدقسمتي سان آء اتي رھي نـ سگھندو آھيان.جڏھن وري رات جي اونداھي ڏينھن جي روشني کي ڍڪي ڇڏيندي آھي تـ ماروءڙا گڏجي ڪري پنھنجي ڪکائن اوطاقن ۾ مچ ڪچھري لڳائيندا آھن ۽ اھڙي تـ محبت ڀري واکاڻ ڪندا آھن جو ايئن لڳندو آھي ڄڻ محبت پنھنجو جنم ھتان وٺندي ھجي ۽ محبت جي ميلن جي ابتدا ھتان ٿيندي ھجي.ڪاڇي جا ماڻھون تمام گھڻا محبتي ۽ سٻاجھا آھن.ھو ڪڏھن بـ ڪنھن سان دوکو نـ ڪندا آھن.انھن ماروئڙن لاء شاھ لطيف فرمايو آھي تـ

    اي نـ مارن ريت,سيڻ مٽائن سون تي,

    اچي عمر ڪوٽ ۾ ڪنديس ڪان ڪريت,

    پکن جي پريت ماڙين سين نـ مٽيان. (شاھ)

    اھي سون تي پنھنجا سيڻ ناھن مٽائيندا,اھي پنھنجي ديس جو مان رکندا آھن ۽ پکن جي پريت کي بنگلن يا محلن سان نـ مٽائيندا آھن.اھا ئي ماروئڙن جي خوبي آھي جنھن خوبين کي ايامن کان پئي شاعرن ڳايو آھي ۽ واقعي ڳائڻ جوڳيون ئي تـ خوبيون آھن نـ وطن سان محبت انھن جو خاص محور ھوندو آھي. توڙي جي اونھاري جي موسم ۾ برسات نـ پوڻ ڪري تڪليفون ڪاٽي بـ ھو پنھنجي وطن کي نـ ڇڏيندا آھن.ڪاڇو منھنجي بـ جنم ڀومي آھي,ھي منھنجو بـ ديس آھي,مونکي ھن سان ايتري محبت آھي جيتري اتان جا رھواسي ان سان ڪن ٿا پر مونکي اڃا ان سان وڌيڪ پيار آھي,مونکي پنھنجو ديس ماروي جيترو پيارو آھي,ان جي باري ۾ لکڻ ۾ اڄ سسئي جيترو محو آھيان جيئن سسئي جا پنھون جي تلاش ۾ پھڻن پير پٿون ڪيا ھئا تيئن ئي اڄ جڏھن ڪاڇي جي سوڪھڙي بابت لکان ٿو تـ اندر اڌما کائي ويھي ٿو ڇو تـ ھن سان منھنجو عشق آھي,آءٔ ھن جو عاشق آھيان ۽ ھو منھنجو محبوب آھي ۽ ھڪ محبوب پنھنجي عاشق کي ڪيترو پيارو ھوندو آھي.ڪاڇي سان مونکي ايترو پيار آھي جيڏو پيار سھڻي کي ميھار سان ھو ۽ ان جي اڪير ۾ روزاني درياھ پار پوندي ھئي جڏھن تـ ھن جي اڪير ۾ ئي درياھ ۾ لڙھي وئي ھئي,مونکي پنھنجي ديس سان ايترو عشق آھي جيڏو عشق مومل کي راڻي سان ھو جو راڻي جي رسڻ ڪري پاڻ جلائي ڇڏيو ھئائين ۽ مونکي پنھنجي وطن لاء ايترو احترام آھي جيترو احترام ھڪ مريد کي پنھنجي مرشد سان ھوندو آھي. منھنجو محبوب منھنجو ديس آھي.محبت صرف عورت سان نـ ٿيندي آھي بلڪ محبت تـ ڪنھن شئ سان بـ ٿي سگھي ٿي.ڪي خوبصورت نظارن سان محبت رکن ٿا تـ ڪي سونھن جا عاشق آھن تـ ڪن کي وري خوشبو سان محبت ھوندي آھي ۽ ڪي وري مون وانگر وطن جا عاشق ھوندا آھن.مونکي پنھنجي ديس سان تمام گھڻو عشق آھي تڏھن ئي بار بار آءٔ پنھنجي ڳوٺ بابت لکان ٿو جيئن مارئي کي پنھوارن جي پچار ڇڏڻ اوکي لڳندي ھئي ۽ مونکي بـ ڪاڇي تي نـ لکڻ جڳائي ئي نـ ٿو.

    "آءٔ ڪيئن ڇڏيان,سومرا!تن پنھوارن پچار?

    جڙ جنين جي جان ۾,لڳي رء لھار,

    ميخون محبت سنديون,ھنئڙي منجھ ھزار,

    پکا ۽ پنھوار ڏٺي مون ڏينھن ٿيا.. (شاھ)

    منھنجي ھنئڙي منجھ پنھنجي ديس جو ھزار ميخون لڳل آھن تڏھن تـ پنھوارن جي پچار ڇڏڻ مون لاء اوکي آھي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو