ڪتاب تي تبصرو: قديم دور جون عظيم فلسفي عورتون

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏6 مارچ 2019۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    121
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    قديم دور جون عظيم فلسفي عورتون

    حنيف سوڍر

    تازو سڀيتا پبليڪيشن طرفان شايع ٿيل ترجمي جو ڪتاب ”قديم دور جون عظيم فلسفي عورتون“ جنهن جو ليکڪ ملڪ اشفاق آهي ۽ مترجم احمد شاڪر. واسطيدار ترجما نويس هڪ سٺي شاعر ۽ نثر نويس هجڻ سان گڏ سنجيده شخصيت جو مالڪ پڻ آهي. سنڌي ادب جي ترجمي واري حصي ۾ احمد شاڪر جا ترجما بهترين واڌارو آهي. فيس بڪ جي پليٽ فارم هيٺ سندس تخليقون ۽ ترجما بارها نظر مان گذرندا آهن. ساڻس ٻه ڀيرا روبرو رهاڻيون به ٿيون آهن، پهرين ملاقات ۾ زير بحث ڪتاب ۽ ٻيءَ ۾ ارسطو جي جڳ مشهور ڪتاب ”Poetics“ جنهن کي مترجم ”ڪوتا جي ڪلا“ جي عنوان هيٺ ترجمو ڪيو، ٻئي مجموعا پيار منجهان تحفي طور ارپيا. سندس ننڍڙي ڄمار ۾ ادب لاءِ ٿيل جاکوڙ قابل تعريف ۽ داد آهي. احمد شاڪر جون تخليقون ۽ ترجما ادب سان اٿاهه عشق هجڻ جي شاهدي ڏين ٿا. هن ڪتاب ۾ 3100 قبل مسيح کان 914ع تائين نه صرف عظيم فلسفي عورتن جي سيرت ۽ سوانح عمري تحرير ٿيل آهي، پر مختلف دورن جي هڪ قسم جي ڄڻ ته تاريخ رقم ٿيل آهي. ان کان علاوه سر فهرست آيل عورتن جي فن، فڪر، فلسفي ۽ نظرين بابت مختصر پر جامع انداز ۾ لکيو ويو آهي. ڪتاب ۾ يوناني، عراقي، مصري، هندستاني، اٽلي، جرمني، فلسطيني، شامي، عربي، برطانوي ۽ جاپاني عظيم فلسفي عورتن جي فلسفي، فن، فڪر ۽ نظرين جو ذڪر آهي. احمد شاڪر طرفان ترجمي لاءِ هن ڪتاب جي چونڊ ادب جي جهول ۾ گلاب ارپڻ آهي.
    ان ڳالهه کان انڪار ڪرڻ ڀانيان ڪم عقلي هجڻ جو دليل هوندو ته هن دنيا کي وڌيڪ خوبصورتي بخشڻ ۾ عورت جي هٿن جي مشقت ۽ شفقت شامل ناهي. اهو تاريخي سچ آهي ته شروعاتي دورن ۾ زراعت جي موجد عورت رهي آهي. سبزيون پوکڻ، ٻوٽا پوکڻ، پوکي راهي ڪرڻ، مطلب ته زمين کي زرعي مقصدن لاءِ ڪتب آڻڻ جي شروعات ڪندڙ پهرين عورت هئي. ساڳيءَ ريت دنيا ۾ عظيم ذهن پيدا ڪرڻ ۾ به عورت جو به اهم ڪردار رهيو آهي. سماج اندر عورت مختلف روپ رکي ٿي هوءَ ماءُ به آهي ته ڌيءُ به آهي، زال به آهي ته محبوبه به آهي. اڃا به جيڪڏهن تاريخي دستاويزن جي ورق گرداني ڪجي ٿي ته معلوم ٿئي ٿو ته قديم تاريخ ۾ عورتاڻي سماج جا به دور رهيا آهن پر جڏهن مرد ۾ عورت تي حاڪميت ڪرڻ جون خيال قوتون آيون، منجهس عورت کي غلام ڪرڻ جو تصور آيو ته هن عورت تي غالب ٿي مرداڻي سماج جي روايت جو بنياد وڌو. انساني تاريخ جا ڪيڏا نه المياتي واقعا آهن. تاريخ جي وشال سيني ۾ اهڙا امڪان به پڙهڻ لاءِ ملن ٿا ته جڏهن مرداڻو سماج جواني کي رسي رهيو هو تن اوائلي دورن ۾ جنهن به عورت کي علم هوندو هو يا هوءَ عقل، فهم، فڪر، فلسفي ۽ اڳواڻيءَ ۾ مردن کان مٿيري هوندي هئي ته جادوگرياڻي، ڪفر وغيره طرحين ناحقي الزام مٿس عائد ڪري، فتوائون ڏئي کين ڇرڪائيندڙ ۽ عبرتناڪ سزائون ڏنيون ويون يا کين مونجهارن جو شڪار بڻايو ويو. هي ڪتاب ان ڳالهه جي به ثابتي ڏي ٿو ته اهڙي پيچيده صورت حال هئڻ باوجود عورتن پنهنجي عقل، ادراڪ، جرئت، همت ۽ حوصلي سان علم ۽ بيباڪي جي پرچم کي زمين تي نوائڻ نه ڏنو هميشه اوچو رکيو. ڪهڙين مشڪلاتن سان مهاڏو اٽڪائيندي عورت پنهنجي فلسفي، پنهنجي فن، فڪر ۽ نظريي سان پيار ڪيو آهي جيئن ڪتاب ۾ قلم ٿيل اٽلي واسي ”ڊيمو“ جيڪا اٿينس جي سخت قانون سان مهاڏو اٽڪائي رهي هئي ٿوڙي جو هن اٿينس جي ماڻهن کي هڪ سياسي ڊانچو به ٺاهي ڏنو هو، هوءَ اتي ايتريقدر مفلسي ۽ غربت جو شڪار رهي جو کيس اهڙين حالتن ۾ مقامي ماڻهن پاران پنهنجي والد جون تحريرون سونَ جي عيوض کپائڻ جي باري ۾ چيو ويو هو، مگر هن صاف انڪار ڪيو. ساڳي ريت تاريخ ۾ اها به حقيقت سمايل آهي ته عورتن کي نسل پرستيءَ لاءِ به استعمال ڪيو ويو آهي. زير بحث ڪتاب ۾ مختلف دورن جون سماجي حالتون تحرير ٿيل آهن جيئن اٿينس جي رياست جو ڊانچو ۽ ان جو قانون ۽ فڪر اڄ به هڪ مثال بڻيل آهي، اتان جا شهري غير ملڪي عورتن سان شادي ان ڪري نه ڪندا هئا ڇو ته هو ان ڳالهه کان باخبر هئا ته ايئن ڪرڻ سان سندن خالص نسل نه رهندو. تنهن باوجود ڪجهه پرديسي عورتون علم ۽ فلسفي جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ شهرين جي هتياري ٿي رهڻ پسند ڪنديون هيون. ايئن هنن پنهنجي مقصد ۽ نظرين کي عزيز سمجهي اهڙين ڪٺن حالتن سان مقابلو ڪيو. اهي عظيم عورتون مشڪلاتن سان مهاڏو اٽڪائي ثابت قدم رهي منزلن طرف پيش قدم رهيون. سندن حوصلا ۽ همتون پنهنجي فن، فڪر، فلسفي ۽ نظريي سان پيار ڪرڻ جو حسين مثال آهن. اهڙي ريت مختلف دورن جا مختصر تاريخي واقعا به هن ڪتاب ۾ پڙهڻ لاءِ ملن ٿا.
    احمد شاڪر هي ڪتاب اردو ٻوليءَ تان سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي جيڪو سنڌي ادب کي عظيم تحفو آهي گڏوگڏ فلسفي سان چاهه رکندڙ شاگردن لاءِ به ڪارائتو ثابت ٿيندو. هن ڪتاب جي شروع ۾ جڏهن مترجم جا هي الفاظ ”هن ڪتاب ۾ ڪابه سنڌي عورت شامل نه هئي ۽ مون پنهنجي محدود مطالعي جي آڌار تي ڏاڍو سوچيو پر، مون کي ڪابه سنڌي فلسفي عورت پري پري تائين نظر نه آئي“ پڙهڻ شرط يقينن ذهن سنڌ جي تاريخ تي ويچارڻ لڳندو ته سنڌ جي قديم سڀيتا، تاريخ ۽ عظيم ورثو هجي!! ۽ ان ۾ سنڌ جي ڪا فلسفي عورت جو ذڪر نه هجي! سو اهو ڪيئن ٿو ممڪن ٿي سگهي!؟ يقينن اها ڳالهه تحقيق ۽ جواب طلب آهي.
    سنڌو سڀيتا جي قديم آثارن تي تحقيق ڪندي وسڪونسن ميڊيسن يونيورسٽي (University of Wisconsin – Madison) جي پروفيسر جوناٿن مارڪ ڪينوئر چيو آهي ته قديم آثارن مان ثابت ٿيو آهي ته ”ان سماج ۾ عورت کي مرڪزي مقام حاصل هو عورت انتهائي طاقتور تصور ڪئي ويندي هئي. هڙاپا مان اهڙا ثبوت مليا آهن ته عورت جي مرڻ بعد سندس مڙس کي به ساڻس گڏ دفن ڪيو ويندو هو“ جڏهن ته هندوستان جي ڪجهه قبيلن ۾ وري صورت حال ان جي برعڪس هئي، جنهن جا مثال ويجهي ماضيءَ ۾ ملن ٿا جن ۾ مردن جي فوت ٿيڻ بعد سندن زالن کي ساڻن گڏ دفن ڪيو ويندو هو. ڪيس ويسٽرن ريزرو يونيورسٽي (Case Western Reserve University) جي ماهر پروفيسر جيمس شيفر (James Shaffer) چيو آهي ته ”قديم دور جي ٻين سڀيتائن جي ڀيٽ ۾ سنڌو ماٿري جي سماج ۾ عورت کي مٿڀرو مقام مليل هو ۽ عورت کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. فيصلن ۾ عورت جو مرڪزي ڪردار هوندو هو. ان وقت دنيا جي ٻين تهذيبن ۾ عورت مرد جي ماتحت يعني غلام تصور ڪئي ويندي هئي“ تاريخ جا سينا جهاڳڻ سان اهڙيون سيڪڙو ثابتيون ملنديون جيڪي سنڌ جي خوش اخلاقي، ثقافت، تهذيب ۽ تمدن کي عظيم تر پيش ڪنديون. سنڌ جي اڻ ڳڻين صدين جي تاريخ ۾ ڪنهن فلسفي عورت جو ذڪر نه ملڻ يقينن حيران ڪن ڳالهه آهي تنهن ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته تحقيق جا اڃا ڪيترا ئي پاسا اڻ ڇهيل آهن.
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو