• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪريمن جا قرب

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ jamot
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

jamot

سينيئر رڪن
منظوم ڪلام

خواجه محبوب سڄڻ سائين مدظله العالي


هي شاعري حضرت خواجه محبوب سڄڻ سائين مدظله العالي جي سيرت جي ڪتاب مان ورتل آهي۔


ڪريمن جا قرب



تنهنجو پيار پيارا، اچي ياد جڏ ٿو،
ڀُلائي ڇڏيان ٿو، ٻين ڳالهڙين کي.
امڙ کان به زياده، آهي پيار تنهنجو،
وساري ويهان ڪيئن، تنهنجن پيارڙن کي.

برابر دنيا ۾ ڏين پيار ٿا پر،
توجان پيار ڪنهن کي ڏيڻ ڪونه ايندو،
سهڻا تو سڀن کي ڏٺو هڪ نظر سان،
ملايئي ڳلي ڪيئن ڪوجھن ڪارڙن کي.

وڃي غار ۾ تو خدا کي ٻاڏايو،
لهي عرش تان پوءِ جبرائيل آيو،
ڪيائين عرض سهڻا کڻو سجدي مان سر،
بخشي ڇڏيو رب تنهنجن ٻانهڙن کي.

ڏسي يا محمد! تنهنجون هي وفائون،
ڪيون ٿا اميدون مٺا آخرت جون،
خدا جي حضور ۾ وٺيون نال هلجو،
اسان عيبدارن گنهگارڙن کي.

ڪرم ڪم آ تنهنجو، ڪرم ٿو ڪرين تون،
رحم ڪم آ تنهنجو رحم ٿو ڪرين تون،
تنهنجي يا حبيبا! آهي خاص خصلت،
کِلائڻ يتيمن ڇورن ٻارڙن کي.

ڪندو تنهنجي مدحت طاهر عباسي،
بڻيو خود خدا آ مداح تنهنجو،
لکي ڪين سگھبي تنهنجي ثنائي،
نه آهي ڪا طاقت اسان پارڙن کي.



هي شاعري هيٺ ڏنل لنڪ مان کنيل آهي۔
 
Back
Top