عبدالقادر جوڻيجي صاحب جو اختر حفيظ جي ڪهاڻين جي ڪتاب ”برسات کانپوءِ“ تي لکيل تبصرو

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏11 مارچ 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,265
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    (عبدالقادر جوڻيجي صاحب جو اختر حفيظ جي ڪهاڻين جي ڪتاب ”برسات کانپوءِ“ تي لکيل تبصرو)

    برسات کانپوءِ

    عبدالقادر جوڻيجو

    · هن تي ڇا ڪهاڻي لکان، هوءَ ته پاڻ هڪ هلندڙ ڦرندڙ ۽ کلندڙ مرڪندڙ ڪهاڻي هئي.
    · هو ڳوٺ جو نالي وارو مَساڻي (شمشاڻي) هو، انهيءَ کان پهرين هن جو پيءُ چتائون ساڙيندو هو. پتا جي ديهانت کانپوءِ اهو ڪم کيس ورثي ۾ اڇوت هجڻ جي ڪري مليو. هيستائين سندس هٿ ڪيتريون ئي ارٿيون انهن مالڪن جي حوالي ڪري چڪا هئا، پر کيس لڳندو هو ته هو پاڻ هڪ هلندڙ ڦرندڙ چِتا هو.
    · جنهن وڇوڙي جي باهه ڏٺي آهي، انهيءَ لاءِ نرڳ جي باهه ڪجهه به ناهي.
    · جڏهن ڪهاڻيڪار پاڻ ڪهاڻي بڻجي وڃي ته انهيءَ کان ڪهاڻي ناهي لکبي. بس ائين سمجهو ته اڄڪلهه ڪهاڻي مون کي لکي رهي آهي.
    · هاڻي ته آئون پنهنجا پير پيريءَ ۾ پائي چڪو آهيان، پر منهنجو انتظار اڃا به جوان آهي.
    · هو ڪافي عرصي کان بارڊر تي ڊيوٽي ڏيئي رهيو هو، جتي کيس ورهين کان ستل بارڊر تي اکيون کولي رکڻيون پونديون هيون.
    · ڪڏهن ڪڏهن هن کي لڳندو هو ته سرحد جو هي ليڪو، جنهن تي هو بيٺل هو، اهو ڌرتي جي سيني تي نه، پر ماڻهن جي دلين ۽ دماغن تي ڇانيل آهي.
    · ڪئين ٻار مائرن جي ڀيٽ ۾ زخمي ٿيا ۽ سندن مائرن جا پيٽ ئي انهن لاءِ قبرون بڻجي ويا.
    · اهي سڀ خط ميز تي سندس خوابن وانگر وکريل هئا.
    · هر ڪنهن وٽ لڪيرن جي پنهنجي معنيٰ هوندي آهي، ڪي ماڻهو هٿن جي لڪيرن ۾ پنهنجي قسمت ڳوليندا آهن، ڪي وري قسمت جي لڪيرن کي پاڻ جنم ڏيندا آهن ۽ ڪي ماڻهو وري ڌرتيءَ جي سيني تي لڪيرون ڪڍي، انهن کي سرحد جو نالو ڏيئي ڇڏيندا آهن، جڏهن اهي ئي لڪيرون عورت جي چهري تي ظاهر ٿيڻ لڳنديون آهن ته جواني پنهنجا پيرا ڊاهڻ لڳندي آهي.
    · جيڪو ماڻهو دل جي رشتي جو احترام ناهي ڪندو، انهيءَ سان دل لڳائڻ پاڻ کي وڌيڪ اذيت ڏيڻ برابر هوندو آهي.
    · موت ته انسان جي پيدا ٿيڻ وقت ئي جنم وٺندو آهي.
    · زندگيءَ ۾ کوڙ سارا سوال هوندا آهن، جن جو جواب ناهي هوندو.
    · هن جي اکين لڙڪن سان وضو ڪيو.
    · هيءُ منهنجو ۽ هن جو ڪمرو آهي، پر هاڻي اسين هتي ٽي ڄڻا رهندا آهيون، هڪ آئون، ٻئي هن جي ياد ۽ ٽئين منهنجي اڪيلائي.
    · مون ته پنهنجا خواب حالتن هٿان قتل ٿيندي ڏٺا آهن.
    · هنن ٻنهي جون ڳالهيون ته ڪونه کٽيون، پر پنڌ کٽي پيو.
    · اخبار ۾ خبرن ذريعي ماڻهن کي ڪيئن ذليل ڪيو ويندو هو، انهي کان جميل چڱيءَ ريت واقف هو. نيوز ايڊيٽر کان وٺي پروف ريڊر تائين سڀ ڪرپشن جي گٽر ۾ ٻڏل هئا. پر هرڪو هڪ ٻئي تي الزام هڻندي ڪونه ٿڪبو هو.
    · اسان وٽ ٻارن جي هٿن ۾ گل هئڻ گهرجن، پر انهن وٽ هٿيار آهن، پر اخباري مالڪن ۽ ايڊيٽرن لاءِ فقط اها خبر آهي.
    هن کان اڳ ۾ پاڻ جيڪي به ڳالهيون ڄاڻايون آهن، اهي سڀ جون سڀ اختر حفيظ جي ڪهاڻين جي مجموعي "برسات کانپوءِ" تان کنيون آهن، پر سڀ ڪجهه ڄاڻڻ لا اختر حفيظ جي انهن ڪهاڻين کي غور سان پڙهڻو پوندو، تڏهن وڃي ڪجهه پلئه پوندو.
    سڀني ڪهاڻيڪارن ۽ ڪهاڻين لاءِ ته اهو نٿو چئي سگهجي. پر ويجهڙ ۾ اڪثر اهڙيون ڪهاڻيون لکيون ويون آهن، جن مان اڪثر اهڙيون ڪهاڻيون آهن، جيڪي يا ته نعري بازيءَ جون شڪار ٿيل ڪهاڻيون آهن، يا وري ڪليشي (Cliche) جي ور چڙهيل آهن. ڄڻ هڪڙي ڪهاڻي ذر ذر پڙهڻ لا ملي ٿي. يا وري ڪافي ڪهاڻيون ٻاراڻي جذباتيت ۾ ڦاٿل آهن. پر اختر حفيظ جي هنن لکيل ڪهاڻين ۾ هڪ قسم جي ميچوئرٽي پاتي وڃي ٿي ۽ حقيقت پسندي نظر اچي ٿي. ائين کڻي چئجي ته ليکڪ پنهنجو الڳ رستو ڳولي لڌو آهي. هنن ڪهاڻين جي ٻئي خوبي اها آهي ته اهي ڪهاڻيون اهڙي حساب سان لکيون ويون آهن، جو انهن ۾ ايترا ور وڪڙ پاتا وڃن ٿا جو پڙهندڙ جو ذهن توڙ تائين ڦاٿل نظر اچي ٿو، جنهن کي ڊرامي جي زبان ۾ سسپينس به چئي سگهجي ٿو، پر اهي ڊرامي جي طرز ۾ نه لکيون ويون آهن. ڇاڪاڻ ته ڪهاڻيءَ ۽ ڊرامي ۾ وڏو فرق آهي. ٻيو ته هن ڪهاڻين ۾ ڪوبه حل يا فيصلو ڏنل ناهي جو حل ڳولي لهڻ پڙهندڙ جو حق آهي، جي اوهان Writers at work جا سڀ جلد پڙهندئو ته انهيءَ
    ۾ ڪهاڻي يا ناول جي هر هنڌ هڪڙي ڊيفينيشن اها ٿي بيهي ته ڪهاڻي ائين لکجي جو اها هڪڙي پاسي پڙهندڙ جي حس جمال (Aesthetic Sense) کي ڇهي ۽ ٻيو ته پڙهندڙ جي ذهن ۾ ڪجهه سوال ڇڏي وڃي. هي ڪهاڻيون به ائين ئي لکيون ويون آهن.
    اسان وٽ اڪثر ڪري ڪهاڻين ۾ هڪڙي کوٽ پاتي وڃي ٿي، اها آهي ثقافتي ٽڪراءُ. هن دور ۾ اسان ٻن ٻيڙين ۾ سوار آهيون. هڪڙو پير هڪڙي ٻيڙي ۾ ته ٻيو پير ٻئي ٻيڙي ۾. انهي موضوع کي اسان چڱي طرح ڇيڙي نه سگهيا آهيون، ڪجهه پراڻي زماني جون تقاضائون آهن ته ڪجهه نئين زماجي جون گهرجون آهن. اهو هڪ نئون موضوع آهي، جنهن جي اختر حفيظ پنهنجين دلچسپ ڪهاڻين ۾ اڻت ڪئي آهي. هنن ڪهاڻين ۾ گهڻو تڻو وڇوڙو پاتو وڃي ٿو. جو ڏينهون ڏينهن رشتا ناتا ڪمزور ٿيندا وڃن ٿا. لوڙهو لوڙهي کي کائڻ لڳو آهي، ڪو اڳ ۾ نه ڪو پو.
    هنن ڪهاڻين ۾ مختلف عمرين جا ڪردار ائين چٽيا ويا آهن، ڄڻ اسان جي سامهون هجن. ڪوبه هوائي توائي يا خيالي ڪردار نٿو لڳي. عمومن جديد ڪهاڻين ۾ گهڻو ڪري آئون آئون ڪري لفظن جي ڀرمار ڪئي ويندي آهي، جو ڪافي ڪهاڻيڪارن کي اها خبر ناهي ته جديديت ڇا ٿيندي آهي. پر اصل جديديت هنن ڪهاڻين ۾ پاتي وڃي ٿي. يا ايئن کڻي چئون ته هن دور جي ماڻهوءَ جي تنهائي ۽ پنهنجا ڏک سور باقاعدي ڪهاڻي جي پلاٽ ۾ نظر اچن ٿا ۽ وڌندي وڌندي وڌيڪ چٽا ٿيندا وڃن ٿا. هنن ڪهاڻين ۾ جيڪا مايوسي پاتي وڃي ٿي يا اڪيلائي محسوس ٿئي ٿي، اها سڄي ڪهاڻي پڙهڻ کانپو ئي پڌري ٿئي ٿي. ناڪاميون به هنن ڪهاڻين جو حصو آهن يا ائين کڻي چئون ته اهي ناڪاميابيون ۽ تنهائيون دلچسپ ڪهاڻين جي صورت ۾ اسان جي اڳيان آهستي آهستي پڌريون ٿينديون وڃن ٿيون.
    جيڪڏهن هنن ڪهاڻين جي مجموعي تاثر تي وڃبو ته پڙهندي ائين لڳي ٿو ڪا ريل گاڏي اهڙي سرنگ مان لنگهي رهي آهي، جنهن جي آڏو رکي رکي ور وڪڙ سامهون اچن ٿا. هڪڙي واقعي سان ٻيو واقعو ۽ ٻئي واقعي مان ٽيون واقعو جنم وٺي ٿو. ائين هنن ڪهاڻين ۾ پڙهندڙ جي ذهن ۾ هڪ اهڙي دلچسپي پاتي وڃي ٿي، جو پڙهندڙ ڪهاڻيءَ کي توڙ تائين پڙهي دنگ ڪري ٿو. هونئن به چيو وڃي ٿو ته سٺي تخليق اها ئي هوندي آهي، جنهن ۾ لکندڙ ۽ پڙهندڙ ذهني طور تي ڀاڱي ڀائيوار هوندا آهن. هنن ڪهاڻين ۾ اها ڀائيواري پاتي وڃي ٿي، مطلب ته هي ڪهاڻيون ڏي وٺ جو هڪ شاهڪار آهن. وڌيڪ لکندڙ ڄاڻي ته پڙهندڙ ڄاڻي.

    سنڌ ايڪسپريس جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو