1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    25000

پنهن جا سور يا عوام جو درد؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏13 مارچ 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    552
    ورتل پسنديدگيون:
    615
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    هن وقت ملڪ جون ٻه وڏيون سياسي جماعتون ظاهر ۾ مظلوم بڻيل يا پنهنجو پاڻ کي مظلوم ثابت ڪرڻ جي ڪوششن ۾ نظر اچن ٿيون.هڪ طرف ملڪ جي معاشي ۽ سلامتيء واري صورتحال نهايت ئي گنڀير آهي. توڙي جو في الحال پاڪ ڀارت جنگي صورتحال ۾ ڪجهه ماٺار اچي ويئي آهي پر حالتون ايتريون پرسڪون ناهن ۽ اڃا تائين ڪنهن اڻ وڻندڙ صورتحال يا واقعي جو خطرو ٽريو ناهي،ٻئي طرف اسان جا سياستدان عجيب قسم جي سياسي مسخرين ۾ مشغول آهن.هڪڙو صاحب چوي ٿو ته آئون سخت بيمار آهيان پر اسپتال هرگز نه ويندس.سندس صاحبزاديء جو چوڻ آهي ته سندس والد کي ڪجهه ٿيو ته ان جي ذميدار حڪومت هوندي يعني هن وقت ملڪ جو وڏي ۾ وڏو مسئلو ڄڻ ته هڪڙو ئي آهي جو ميان صاحب کي جيل مان آزاد ڪري پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي.انهيء ۾ ڪو شڪ ناهي ته ميان صاحب واقعي بيمار آهي ۽ اڳ به سندس دل جو آپريشن ٿي چڪو آهي پر سوال اهو آهي ته اهڙا ڪيترا هزارين قيدي آهن جيڪي مختلف سيريس قسم جي بيمارين ۾ ورتل آهن پر بيوسيء وچان علاج جي ڪنهن مناسب سهوليت سواء جيلن ۾ واڙيل آهن،ڇا انهن کي سندن مرضيء موجب علاج جي سهوليت ميسر آهي؟اصل مسئلو علاج جو ناهي پر حقيقت ۾ ميان صاحب جي بيماريء مان پورو پورو سياسي فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پيئي وڃي جيڪو نهايت ئي اڻ وڻندڙ عمل آهي.اسيمبلين کي ڏسو ته هر طرف هڪڙو تماشو متل آهي،ڪهڙن مطالبن تي واڪ آئوٽ ۽ احتجاج ڪيا پيا وڃن سڀني جي سامهون آهي.عوامي معاملا،ملڪي سلامتيء وارا سوال، معاشي بحران جا چيلينج ۽ مهانگائيء وارا مامرا سڀ جا سڀ پوئتي رهجي ويا آهن.ڪٿي نيب پاران گرفتارين تي احتجاج ڪيا پيا وڃن ته ڪٿي “آئون اسپتال نه ويندس“ جي نعري هيٺ سياست ٿي رهي آهي.حڪومتي ڌر جي حالت اها آهي جو مخالفن تي تنقيد ۽ ماضيء جي حڪومتن جي غلط ڪارڪردگين وارن چٺن تي روڄ راڙو ڪرڻ سواء وٽن ٻيو ڪوبه لاحئه عمل موجود نظر نٿو اچي.سمجهه ۾ نٿو اچي ته پوري پاڪستان جو مطلب رڳو اهي چند سياستدان ئي آهن جن جا ڏک ۽ درد اسيمبلي فلور تي ٻڌايا پيا وڃن.ٻاويهه ڪروڙ عوام ڪهڙي ڪسمپرسيء جي زندگي گذاري رهيو آهي انهيء طرف ته ڪنهن جو به ڌيان نٿو وڃي.تيل،گئس ۽ بجليء جا اگھه لاڳيتو وڌندا ٿا وڃن،غريب ماڻهن کي ته ساهه کڻڻ نٿو ڏنو وڃي.پر اسان جي سياستدانن لاء وڏي ۾ وڏو مسئلو سندن ڪيس،گرفتاريون ۽ سندن گڏ ڪيل خزانا آهن.سنڌ اسيمبليء جي اسپيڪر کي شڪايت آهي ته سندس ڪرسيء جو مان نه رکيو ويو آهي،ڪرسي ۽ عهدن کي مان ڏيڻ جا مطالبا ڪندڙن کان ڪو اهو به پڇي ته ايڏن وڏن الزامن سان اهي انهن باوقار ڪرسين تي ايڏن وڏن الزامن سان ڪيئن چنبڙي ويهي رهن ٿا ۽ اسيمبلين جا اجلاس رڳو ان ڪري ٿين ٿا ته جيئن انهن ۾ انهن چند ماڻهن جا ذاتي درد ۽ سور بحث هيٺ اچن ٿا. ايئن ڪهڙي جمهوري ملڪ ۾ ٿئي ٿو.الزام سچا هجن يا ڪوڙا پر اخلاقي گھرج اها هوندي آهي ته لاڳاپيل شخص تيستائين ان ڪرسيء تي نه ويهن جيستائين انهن الزامن جو فيصلو نٿو ٿئي پر هتي جمهوري قدرن ۽ اخلاقي اصولن جا درس رڳو ٻين لاء هوندا آهن،سياست شايد نالو ئي آهي اصول ٽوڙڻ جو.بي روزگاري ۽ بد امنيء ماڻهن جو حشر نشر ڪري ڇڏيو آهي،ڪرپشن ملڪي ادارن توڙي عوام جي ستيا ناس ڪري رکي آهي پر اهي سڀ جا سڀ چون ٿا ته اهي بي گناهه آهن ته پوء پڪ سان اهو قومي خزانو سڀ جو سڀ عوام ئي لٽيو آهي،بينامي اڪائونٽن مان ڇا پيو نڪري،بينڪن جي لاڪرز مان ڪهڙا خزانا ڇلڪي ٻاهر اچي رهيا آهن،ٺيڪن مان ڪميشنون ڪنهن جي ڪنهن جي کاتي ۾ وييون آهن شايد اهو سڀ ڪجهه افسانو آهي.اهي ملڪ جي ڪنهن به اسپتال مان علاج ڪرائڻ لاء تيار ناهن جو ملڪ ۾ ڪا اهڙي اسپتال انهن جوڙي ئي ناهي جيڪا سندن علاج ڪرڻ جي اهل هجي.ته پوء اهي ٽيهن ٽيهن سالن تائين حڪمرانيء دوران آخر ڇا ڪندا رهيا آهن؟ڪڏهن پنهنجن ئي ادارن کي ڌمڪيون ته ڪڏهن گھٽيء گھٽيء ۾ جنگ جا دهمان،ڇا هاڻي اها ئي سياست بچي آهي؟ملڪ جا ٻيا سڀ مسئلا حل ٿي چڪا آهن؟ جڏهن سوين ڳورهاريون بدنصيب عورتون علاج جون سهولتون نه ملڻ سبب اسپتالن تائين پهچڻ کان پهرين کڙيون رڳڙي موت جي منهن ۾ هليون وڃن ٿيون ،سوين معصوم ٻارڙا غذائي کوٽ سبب موت جو شڪار ٿيندا رهن ٿا ۽ لکين مريض سرڪاري اسپتالن ۾ بيڊ نه ملڻ سبب تڙپي تڙپي مري وڃن ٿا تڏهن ته ڪنهن کي به نه ته جمهوريت ياد اچي ٿي ۽ نه ئي عوامي بالادستي ۽ نه ئي آئين کي مان ڏيڻ جي گردان پڙهجي ٿي.ڇا هي ملڪ رڳو چند خاندانن ۽ ڪجهه طاقتور مافيائن جي جاگير آهي جو انهن مان ڪنهن کي ننهن ۾ به سور پوي ته پوري حڪومت ۽ رياست پريشان ٿيو پوي.انهن جي جائز توڙي ناجائز فرمائش آڏو گوڏا کوڙيا وڃن ٿا.اهو ظلم ۽ ناانصافيء جو نظام آخر ڪيستائين هلندو؟نيٺ ته ختم ٿيندو ڇو ته ڪفر جو نظام ته هلي سگھي ٿو پر ظلم جو نظام گھڻي وقت تائين هلي نٿو سگھي.حڪمرانن کي به اها ڳالهه ڪن ۽ ذهن کولي سمجھي ڇڏڻ گھرجي ته دنيا بدلجي رهي آهي.رڳو مڪر،چالاڪين ۽ ڏاڍ سان ڪنهن وڏي اڪثريت کي گھڻي وقت لاء غلام بنائي رکي نٿو سگھجي،اهي هاڻي نموني بازي ڇڏي ماڻهن کي انصاف مهيا ڪرڻ جو بندوبست ڪن،ماڻهو ڳالهيون،نصيحتون،ڀاشڻ ۽ تقريرون ٻڌي ٻڌي بيزار ٿي پيا آهن،انهن کي ڪرسين تي ان ڪري نه ويهاريو ويو آهي ته اهي ويهي اسان کي مسئلن جا چٺا پڙهي ٻڌائين ۽ ماضيء جي حڪومتن جا قصا ڪهاڻيون بيان ڪندا رهن،اهي پنهنجو ڪم ڪن اهو ڪم جيڪو آئين موجب انهن کي ڪرڻو آهي.احتساب جو مطلب رڳو سياسي مخالفن جو حساب ڪتاب نه هوندو آهي پر انهن جو به جيڪي هن وقت اقتدار ۾ ويٺل آهن،انهن هيستائين عوام جا آزار گھٽائڻ ۽ ماڻهن کي رليف مهيا ڪرڻ لاء ڇا ڪيو آهي،اهو عوام کي ٻڌائين،جيڪي عوام سان تبديلي جا وعدا ڪري ڪرسين تائين پهتا آهن اهي به رڳو عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.سواء سکڻن وعدن ۽ وڏين وڏين تقريرن جي ٻيو ڪجهه به عوام کي اڃا نصيب ناهي ٿيو!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو