عورت جي آزادي کي ڇڙواڳيءَ ۾ تبديل نڪريو.

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏14 مارچ 2019۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    70
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    48
    ڪامريڊ منان چانڊيو
    8 مارچ تي عورتن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ کان هڪ ٻه ڏينهن اڳ ۽ ٽي چار ڏينهن پوءِ سنڌ جي ڪجهه شھرن ۾ اڻوڻندڙ ۽ ڏکوئيندڙ واقعا سامهون آيا آھن جن جو تعلق پڻ عورتن سان آھي، مثال طورتي ڪٿي هڪ عورت پنهنجي چاهيندڙ سان گڏجي پنهنجي ئي شريڪ حيات کي قتل ڪري خود ئي بيواه بڻجي وئي، ڪٿي هڪ جنوني مرد پنهنجي زال ۽ ڌيءُ کي قتل ڪري پنهنجي ئي گهر کي برباد ڪري قاتل جو خطرناڪ لقب حاصل ڪيو، ڪٿي زال پنهنجي مڙس جو مٿو فاڙي جهيڙاڪ هئڻ جو ثبوت ڏنو، اهي سموريون وارڌاتون يا منفي عمل سنڌي سماج لاءِ ڪو بهتر پيغام ڪونه ٿا ڏين، خير اڄ پاڻ 8 مارچ تي عورتن جي ملهايل بين الاقوامي ڏينهن جي مناسبت سان جيڪي مختلف ڌرين پنهنجي پنهنجي حساب سان ميڙاڪا، مزاڪرا ۽ سيمينار منعقد ڪيا ويا جن ۾ سمورين مقررين عورتن جي اهميت ۽ کين درپيش ايندڙ دشوارين تي کلي نموني اظھار ڪيو، پر سڀ کان وڏو ميڙاڪو حيدرآباد ۾ عورت آزادي مارچ جي نالي سان ڪيو ويو، جنهن ۾ عورتن جي ڪيترين ئي تنظيمن جي اڳواڻن، ڪارڪنن کان سواءِ عام عورتن کان ويندي مختلف سياسي پارٽين جي عورت ورڪرن سول سوسائٽي سان واسطو رکندڙ ڌرين، فردن توڙي وڪيلن، اديبن، شاعرن، ليکڪن وڏي تعداد ۾ شامل ٿي عورتن جي خيرخواهي جو ثبوت ڏنو، ان آزادي مارچ جي خاص ڳالهه اها به ٻڌائي پئي وڃي ته ڪيترين ئي نوجوان ڇوڪرين موٽر سائيڪل تي سوار ٿي آزادي مارچ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، عورتن جي اهڙي شاندار ۽ منظم پروگرام جيڪو سنڌ جي تاريخ ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون پروگرام هيو، ان ۾ جتي عورتن ۾ خوداعتمادي ۽ شعور جو جذبو پيدا ٿيو اتي وري ميڊيا تي اهو بحث به شروع ٿي ويو آھي ته عورت جي آزادي ۽ ڇڙواڳيءَ ۾ فرق ٿيڻ کپي، ظاهر آھي ته اهڙي بحث ۾ حصو وٺندڙن يا راءِ ڏيندڙن جي پنهنجي پنهنجي نقطي نگاهه آھي، جن جو هنن کي پورو پورو حق پڻ آھي پر جيئن اهي چون اهو درست ۽ جيڪي ٻيا چون اهو غلط آھي اهو ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نٿو ٿي سگهي، يا ايئن کڻي چئجي ته هر هڪ فرد کي پنهنجي راءِ رکڻ جو حق آھي پر ٻين تي مڙھڻ جو نه، بحرهال آزادي هر هڪ انسان جو بنيادي حق آھي جنهن کي ڪوبه قانون، مذھب ۽ مهذب معاشرو ختم نٿو ڪري سگهي، اهڙي طرح ڇڙواڳي جي به ڪنهن قانون يا سڌريل معاشري ۾ اجازت ڪونهي، جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته آزادي جهڙي قدرتي نعمت کي ڇڙواڳي ۾ تبديل ڪرڻ جو ڪنهن کي به اخلاقي اختيار ڪونهي، نه وري ايئن ڪرڻ سان معاشري تي ڪي بهتر اثر پوندا، اسان جنهن آزاديءَ جي ڳالهه ڪيون ٿا اها آزادي ڪهڙي قسم جي هجي ۽ ڪنهن کان حاصل ڪجي ۽ عورت جي ڪهڙي غلامي جي ڳالهه ڪجي؟ اسان جا ساڃاحوند حضرات عورت جي آزاديءَ جي جيڪا ڳالهه ڪن ٿا يا کين غلام تصور ڪن ٿا ڇا اها انفرادي قسم جي آھي يا اجتمائي يا اها فطري؟ ڇا هن وقت عورت ڪوٽن ۽ حويلين ۾ قيد بند آھي؟ پهرين ڳالهه ته آزاديءَ جا ڪيترائي قسم يا نمونا ٿين ٿا، مثال طورتي ذھني، روحاني، سياسي ۽ معاشي ساڳي ريت غلاميءَ جا به اهي ئي قسم آھن، ته پوءِ اسان کي اهو مڃڻو پوندو ته سنڌي قوم جي گهڻائي نه صرف عورت پر مرد به نيم غلامانا زندگي بسر ڪري رهي آھي، يعني ڪٿي ڪنهن قبيلائي سردار، تمندار، رئيس ۽ وڏيري جي گرفت ۾ سوگهي آھي، ڪٿي ڪنهن زميندار وٽ هاري بيدخل ٿيڻ جي خوف کان قابو آھي، ڪٿي وري ڪنهن روحاني رهبر جي ٽوڻن ۽ فيڻن ۾ جڪڙيل آھي، چوڻ جو مطلب ته اسان طبقاتي متڀيد جو بدترين شڪار ٻڻيل آھيون، جن جا اثر عورتن کان وڌيڪ مردن تي پون ٿا، ڇاڪاڻ ته ڀوتارن، زميندارن ۽ پيرن جا دڙڪا دهمان ۽ زلت آميز حرڪتون مرد ئي ڀوڳي ٿو، طاقتور ڌرين ۽ فردن جي ڏاڍاين ۽ بيواجبين سهڻ کان سواءِ مرد سخت جسماني ڪم ڪار جهڙوڪ، ڪارخانن ۽ مارڪيٽن ۾ اڍائي مڻيون ڳوڻيون پٺن ۽ ڪنڌ تي کڻڻ، تتل ڪاڙھي ۾ تپندڙ روڍن تي پٿر ٽڪڻ ۽ ڏامر وڇائڻ، سرد راتين ۽ گرم ڏينهن ۾ لنڊيو لتاڙي زمين جي سار سنڀار لهڻ، وغيره اهڙا ڪٺن ڪشالا ڪٽڻ کان علاوه قبيلائي دهشتگردي ۽ ذاتين جي فڏن فسادن جي ور به گهڻي ڀاڱي مرد چڙھيو وڃي، اسان جي چوڻ جو اهو هرگز مطلب ڪونهي ته صرف مرد مصيبتن ۾ مبتلا آھن ۽ انهن جون عورتون بهشت جي جهولن ۾ هار سينگار ڪري جهولن پيون، پر اصل صورتحال کان منهن موڙڻ يا صرف پنهنجي طريقي سان ڏسڻ ۽ پرکڻ هڪ طرفي ڳالهه ٿيندي، انڪري مامري جي ٻين رکن کي به ڏسڻ گهرجي، اڄ آءُ جڏهن هي سٽون قاضي غفار پبلڪ لائبريري تي ويهي لکي رهيو هيس ته ٺيڪ ان وقت چار ٽيڪٽر ٽراليون اوڀر طرف کان اولهه طرف وڃي رهيون هيون جن تي سوار مردن کان وڌيڪ عورتون وڃي رهيون هيون جيڪي شاهه گودڙي تي باسيل سکائون کڻي وڃي رهيون هيون، هتي اهو به ٻڌائيندا هلون ته ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجو قلندر ۽ ڀٽائي جي درگاهن تي وڃڻ ٿيو جتي به مردن کان وڌيڪ عورتون نظر آيون، اهڙن منظرن کان علاوه پاڻ کي هر شھر جي بازارن خصوصن ڪپڙي، هار سينگار ۽ سونارڪن دڪانن تي به عورتن جي وڏي رش نظر ايندي جيڪي گهر جي لاءِ خريداري ڪندي نظر اينديون.
    جيستائين سوال آھي هاري پورهيت ماڻهن ۽ انهن جي عورتن جو ته اهي به پنهنجي مردن سان گڏجي گهر جي چلهه سائي ڪرڻ يا حق هلال جي روزي حاصل ڪرڻ واسطي رونبو، لاڀ ۽ مال جي گاهه ڪرڻ کان ويندي سرن جي بٺن تي مزدوري ڪندي خوشي محسوس ڪن ٿيون اهڙي جسماني پورهي کان علاوه سنڌ جون نياڻيون سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن ۽ آفيسن ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏئي پنهنجي گهر جون مالي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آھن، اها به حقيقت آھي ته اسان جي عورت جسماني توڙي ذھني ڪم ڪار رضاڪارانا طورتي ڪن ٿيون نه وري جبري، موجوده سنڌي سماج ۾ اسان جي عورت ان حد تائين آزاد ۽ خودمختيار بنجي چڪي آھي جو پنهنجي پٽن، ڌيئرن ۽ ڀائرن جا رشتا به پنهنجي صوابديدي تي ڪن ٿيون، حاصل مقصد ته هر اهو ڪم جنهن جي اسلام ۽ سنڌي سماج ۾ اجازت مليل آھي ۽ جنهنکي قدر جي نگاهه سان ڏٺو پيو وڃي، ان ۾ عورت بااختيار ۽ ان جي رضامندي شامل هوندي آھي، ته پوءِ آخرڪار عورت جا اهي ڪهڙا حق رهجن ٿا جن جي حاصلات لاءِ اسان جون ڪجهه ميڊم صاحبائون ۽ ساڃاحوند دهل ڳچي ۾ وجهيو پڙها ڏيندا وتن، ڇا انهن جي نظر ۾ عورت جي آزادي جو پئمانو پيار جو پرڻو آھي؟ ڇا ان کي پيار چئجي ته معزرت سان چوڻو پوي ٿو ته ڪا عورت پنهنجي ور جي گهر مان نڪري وڃي ٻئي ڪنهن مرد سان پرڻو ڪري؟ ڇا انکي پيار چئجي ته اها ڇوڪري جنهن کي سندن والدين لاڏ ڪوڏ سان نپائي خودتڪليفون برداشت ڪري هنن کي پنهنجي مالي حساب کان سک فراهم ڪن اهي ڇوڪريون هڪ رانگ نمبر يا ڪنهن ڇڇوندر ڇوڪرن جي ڪوڙين ڏٽن ۽ طوطا مينا واري قصن ڪهاڻين کان هرکجي گهر کان نڪري پنهنجي والدين جي عزت ڌوڙ ۾ ملائي ڇڏين، جيڪڏھن اهو پيار آھي ۽ عورت جي ذاتي زندگي جو کيل تماشو آھي ته پوءِ سنڌي سماج لاءِ اهو هڪڙو ڪارو داغ چئبو، جيڪو سالن صدين تائين ميٽجي نٿو سگهي، ٻئي ڳالهه ته اڄڪلھ ميڊيا تي ڪاروڪاري واري مامري کي وڌائي چڙھائي پيش ڪيو پيو وڃي، ڇا اهڙي ڪڌي عمل ۾ صرف عورتون قتل ٿين ٿيون ۽ مردن کي ڇڏيو وڃي ٿو؟ اسين جڏھن ميڊيا تي سراسري نظر وجهون ٿا ته ڪيتريون ئي عجيب و غريب قسم جون خبرون پڙھڻ لاءِ ملن ٿيون، مثال طور تي هيئن لکيل هوندو آھي ته پريمي جوڙي لاءِ سندن مائٽن ڌرتي تنگ ڪري ڇڏي يا هو مرڻ جي خوف کان دربدر ٿيو وڃن، پهرين ڳالهه ته اهڙو ڪم ڇو ڪجي جنهن ۾ پنهنجي والدين جي رسوائي کان سواءِ زندگيءَ جي وڃڻ جو به خطرو هجي، ٻئي ڳالهه ته خدا نه ڪري جنهن پيءُ جي ڌيءُ يا ڪنهن ڀاءُ جي ڀيڻ گهر کان نڪري وڃي ٻئي ڪنهن سان پيار جو پرڻو ڪري ٿي ته پوءِ انهن کي گلن جا هار پارائبا؟هڪ ٻيو اهم سوال اسين انهن سفيد پوش خواتين حضرات کان ڪرڻ جو حق محفوظ رکون ٿا ته اوهان ڏينهن رات عورت جي آزاديءَ جي وڪالت ڪندي ٿڪجيو ئي ڪونه ٿا پر اوهان جو خود پنهنجي گهر جي عورتن ڏانهن رويو ڪهڙو هوندو آھي اهيو ٿورو پنهنجي اندر جي ضمير کان سوال ڪريو يا پنهنجي جڳن منجهه جهاتيون پائي ڏسو، ته اوهين پاڻ ڪٿي بيٺل آھيو؟ اسين آخر ۾ ان راءِ جا آھيون ته جيڪي عورتن جي فطري آزادي جي جيڪا ڳالهه ڪئي پئي وڃي اهي سب مامرا مٿي بيان ڪيل آھن باقي جيڪي اسان جا مورخ يورپين ترز تي عورتن جي آزادي جي ڳالهه ڪن ٿا اها هتي ممڪن ئي ڪونهي ڇاڪاڻ ته اها عورتن جي آزادي نه پر جنسي غلامي ٿيندي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو