1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    25000

دنيا جو عظيم دماغ ڪارل مارڪس

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏14 مارچ 2019۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    70
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    48
    عرفان منان
    دنيا جي گولي تي اهڙا آدرشي انسان به ٿي گذريا آهن جن پنهنجي حياتيءَ جو پل پل پورهيت، مذدور، محڪوم ۽ حقن کان وانجهيل مسڪين ماڻهن جي زندگي سنوارڻ له قربان ڪري ڇڏيو. يقينن اهڙن انسانن جي سوچ محدود نه پر وسيع آهي، انهن جا مفاد فقط انفرادي نه پر اجتمائي رهيا آهن. اهڙا ئي ڪردار تاريخ جي ويڪري ڇاتيءَ مٿان اهڙا خوشبودار گل آهن جن جي سرهاڻ سڀني کي واسي ڇڏيندي آهي. اهڙن ديومالائي امر ڪردارن منجهان ڪارل مارڪس نمايان آهي مارڪس 1818۾ جرمني جي هڪ شهر ٽرائر ۾ هڪ يهودي جي گهر ۾ پنهنجي زندگي جو پهريون ساهه کنيو.ڪارل مارڪس جي پيءُ جو اصل نالو هرسشل هيو، عيسائي ٿيڻ کان پوءِ سندس پيءُ اينرخ جي نالي سان سڏجڻ لڳو، مارڪس جي ماءُ جو نالو انيرٽيا پريسبرگ هيو هوءِ اصل هالينڊ جي هئي. ڪارل مارڪس 1830 ۾ ٽرائير جي هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽ 1835 ۾ اتان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. تنهن کان پوءِ هن 1836 ۾ برلن يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي جتي فلسفي سان گڏ ٻين عملن جو پڻ مطالعو ڪرڻ لڳو. ۽ ان دور جي شاگرد تحريڪن ۾ به حصو ورتو. ڪارل مارڪس اڃان ننڍي وهي ۾ هيو ته کيس لکڻ جي سگهه عطا ٿئي، ڪارل مارڪس شروعات ۾ شاعري به ڪئي، هن جون شروعاتي لکڻيون مذهبي نوعيت جون هيون جن ۾ مذهب سان عقيدت ۽ انسانيت سان پيار جا اولڙا ملن ٿا. ڪارل مارڪس جو پيءُ انيرخ مارڪس پنهنجي دور جو تمام وڏو وڪيل هيو سندس خواهش هئي ته مارڪس قانون جو علم حاصل ڪري ۽ هڪ سٺو وڪيل ٿي پنهنجو گذر سفر ڪري، پر مارڪس قانون جي بجاءِ فلسفي، سائنس، تاريخ، ادب،۽ دنيا جي ٻين علمن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. ان دور يا ان کان اڳ جا جيڪي به ڏاها، فلسفيدان، سائنسدان، دانشور،۽ نظرئيدان هيا انهن سڀني جي لکڻين، نظرئن ۽ تجربن جو مارڪس ڏاڍي گهرائي سان ويهي مطالعو ڪيو.کيس لکڻ ۽ پڙهڻ سان ايڏو ته عشق هوندو هيو جو ڪڏهن ڪڏهن ته سڄي رات ۽ ڏينهن پيو لکندو پڙهندو هيو، ۽ ويٺي ويٺي ننڊ جون پنڪيون اچڻ سبب هيٺ به ڪري پوندو هيو، پر پوءِ به ان ڪرت سان لڳو پيو هوندو هيو. ڪارل مارڪس 1843۾ جرمني کان پئرس هليو ويو ۽ تنهن کان پوءِ هو اتان لنڊن روانو ٿيو اتي هو نيويارڪ ثائم اخبار جو نمائيندو مقرر ٿيو ۽ ان لئه پنهنجا فڪري، سياسي، سماجي، ادبي، معاشي فلسفي ڪالم لکندو رهيو، ڪارل مارڪس فلسفي ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي، اهو ڪارل مارڪس جي عظيم ذهن جو ئي ڪمال آ جنهن تمام ڏکئي، ڊگهي، ۽ پيچده فلسفي کي تمام آسان، ننڍو ۽ عام سمجهه پٽاندڙ ڪري پيش ڪيو، هن فلسفي جو اهڙو ته سولو ۽ سادو خلاصو ۽ تت ڪڍيو جو هر ڪو ان کي بنا هٻڪ جي پڙهي ۽ پُرجهي پئي سگهيو. ڪارل مارڪس جي تيز ۽ شوخ لکڻين ان وقت جي سرمائيدارن جون ننڊون ئي حرام ڪري ڇڏيون، ڪارل مارڪس پنهنجي نظرئي جي روشني ۾ چيو ته دنيا ۾ پورهيت به حڪومت ڪري سگهن ٿا، پورهيت راڄ قائم ٿيڻ کان پوءِ سماجن مان غربت سدائين لئه ختم ٿي ويندي، اهڙي قسم جي ڳالهه ۽ نظريو مارڪس کان اڳ ۾ ڪنهن به پيش نه ڪيو هو. ڇاڪاڻ ته اڳ دنيا ۾ ائين ڪڏهن به نه ٿيو هو ته ڪٿي ڪو پورهيت راڄ قائم ٿيو هجي، حڪومتون ۽ انهن جا وهنوار هلائڻ ته بادشاهن، راجائن، ۽ مها راجائن جا ڪم هوندا آهن، هنن هٿين خالي انگ اگهاڙن پورهيتن، هارين ۽ مذدورن جو ڇا وڃي حڪومتن ۽ انتظامن هلائڻ سان. اها هڪ نت نئين ۽ ڳالهه هئي جيڪا سڀ کان اول مارڪس ئي ڪئي، سندس اهڙين تحريرن نظرئي ۽ اڳڪٿين کيس دنيا اندر وڏي مڃتا ڏياري. ڪارل مارڪس 1843۾ جيني وان وئفلين سان شادي ڪئي، جيني وڏ گهراڻي سان واسطو رکندڙ هئي، سندس پيءُ فرانسيسي سوشلسٽ هيو. جيني وان وئفلين تمام گهڻي سهڻي هيئي ۽ روشن خيال ذهن جي مالڪ هئي. جيني ۽ مارڪس اڳ ۾ ئي هڪ ٻئي سان پيار ڪري ويٺا هيا،هو هڪ ٻئي کي پريت جا پريم پتر به لکندا هيا، هنن پيار جي راهن تي گڏجي قرب جا قدم کنيا هيا، انهن جو اهو پيار چند ڏينهن جو چاهه نه هيو پر هو ٻئي هڪٻئي سان عمر ڀر لئه واعدا ڪري ويٺا هيا،هنن مڱڻي کان ست سال پوءِ شادي ڪئي مارڪس ۽ جيني جي محبت جي آڏو جيني جا مائٽ رڪ جي ديوار بنجي بيٺا پر پيار جهڙو جذبو پهاڙن کي به پرزا ڪري ڇڏيندو آ. ائين ئي هنن جي پيار به زماني جي هر رڪاوٽ کي ٽوڙي ڇڏيو.زندگي جي هر قدم تي جيني ڪارل مارڪس سان خوب نڀايو، ڏکين حالتن، غربت جي زمانن ۾ هن پنهنجي ڏاهي ور سان گڏجي تڪليفن جو ڄمي مقابلو ڪيو.دنيا جي عظيم دماغ ڪارل مارڪس پنهنجي زندگي ۾ تمام گهڻا ڏک ڏٺا، پورهيت جي حقن لئه آواز اٿارڻ ۽ انهن تي لکڻ ڪري هن عظيم انسان پنهنجي حياتي جو ڳچ عرصو جلاوطني ۽ دربدري ۾ گذاريو. غربت سبب هن ڪڏهن به پاڻ ۽ گهر وارن سميت پيٽ ڀري نه کاڌو. مفلسي جي ڪري سندس ٻه پٽ ۽ ٻه ڌيئون فوت ٿي ويون، ۽ 1881۾ هن جي شريڪ حيات هر ڏکئي گهڙي ۾ ساڻس گڏ رهندڙ هن جي محبوبا جيني به هن کان موڪلائي وئي، ڏکين حالتن جو مقابلو ڪرڻ ڪير ڪارل مارڪس کان سکي، ايڏن وڏن حادثن کان پوءِ به هن لکائي ۽ پڙهائي وارو سلسلو جاري ساري رکيو، سچ ته ڪارل مارڪس ڀٽ ڌڻي جي هيٺين بيت تي پورو لهي ٿو (ڏيکاريس ڏکن، گوندر گس پرين جو ) ڪارل مارڪس جي ڏکين حالتن ۽ مفلسي جي پلن ۾ جنهن شخص سندس ساٿ ڏنو ان جو نالو اينگلس آهي، اينگلس مارڪس جي تمام گهڻي مالي مدد ڪئي، وک وک تي سندس ساٿ ڏنو، هنن جي ساٿ جا ريشمي سڳا ڪڏهن به نه ٽٽا. ۽ هنن جي دوستي ۽ سٿ به نرالو ۽ غير رواجي هيو، هنن جا مقصد ۽ منزل به ساڳئ هئي، هنن جي دوستي ٻن پاڻي جي چشمن وانگي هئي جيڪي وهندا ته جدا جدا آهن پر اڳي پوءِ اچي هڪ ئي نهر ۽ نديءَ ۾ پوندا آهن. ڪارل مارڪس کي يقين هيو ته هو جيڪو ذهني پورهيو ڪري رهيو آ، جنهن لئه هن پنهنجي گهر ۽ اولاد جو ٻليدان ڏنو آ، جنهن ڪم لئه هن حياتي جي هر لذت ۽ آسائش کي ٺوڪرون هڻي ڇڏيون آهن ، اهو هڪ ڏينهن لازمي ڪامياب ٿيندو، هو جيڪو فڪري ٻج ڇٽي رهيو آ اهو ڪڏهن نه ڪڏهن سلا ڪڍندو ۽ اڳتي هلي فصل ڏيندو جنهن جي ڪري بکايلن جا فاقا ختم ٿي ويندا، ۽ پوءِ پورهيت عوام پنهنجي هٿن مان صدين کان پيل زنگيل غلاميءَ جا زنجير ۽ پيرن مان مفلسيءَ جا نيل لاهي ڇڏيندو. هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو جڏهن هن دنيا تي ڏاٽي ۽ هٿوڙي وارن جو راڄ قائم ٿيندو. ڪارل مارڪس جنهن جي حياتي جو هر لمحو پورهيت نظرئي جي پچار ڪندي گذريو، ۽ آخر ان سڀاڳي صبوحُ جو سُرُخُ سج اڀريو، دنيا جون قومون غلامي جي گار ٻڌڻ کان نفرت ڪرڻ لڳيون ۽ آذادي لئه سندر تاڻي ميدان ۾ لهي پيون. اهڙي طرح مارڪس جون عظيم لکڻيون ماڻهن، قومن ۽ ملڪ لئه مشعل راهه بنيون، جن جي آڌار دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن آذاديءَ جي مقدس ڳٽن تي مٺيون ڏئي کيس ماڻي ورتي، اهڙي نموني مارڪسي نظرئي دنيا اندر پنهنجا اڻ مٽ اهڃاڻ ڇڏڻ شروع ڪيا ۽ دنيا ڏٺو ته مارڪس جيڪي به ڳالهيون ۽ اڳڪٿيون ڪيون هيون اهي سچ ثابت ٿيون دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پورهيتن، هارين، ۽ مذدورن گڏجي ظالم نظام جو خاتمو آڻي پورهيت راڄ قائم ڪري ڏيکاريو.20هين صديءَ ۾ جيڪي به عوامي اڀار، انقلاب آيا ۽ تحريڪون هليون اهي سڀئي مارڪسي نظرئي جو نتيجو هيا. پورهيتن جي پگهر آخر سرمائيدارن کي ٻوڙي ۽ لوڙهي ڇڏيو، پورهيتن ۽ مذدورن جي گڏيل ويڙهه ظالم زهزن، سفاڪ ۽ غريبن جو صدين کان رت پيئدڙ دستورن، ۽ ڪارن قانونن کي لوڏي ڇڏيو، صدين جي ڊگهي بربريت، ناحق، ڏاڍ ۽ استحصال جو آخر خاتمو آيو، ۽ آخرڪار مارڪسي نظرئي جي سوڀ ٿئي. ڪارل مارڪس جو هڪ جڳ مشهور قول آهي ته دنيا جا پورهتو هڪ ٿي وڃو، اوهان وٽ وڃائڻ لئه فقط زنجير آهن ۽ حاصل ڪرڻ لئه سڄي دنيا آهي. پهاڙن جيڏا جذبا ۽ حوصلا رکندڙ روءِ زمين جي تمام وڏي مفڪر، سماجي سائنسدان، اقتصاديات جي ڄاڻو، ۽ ڏاهپ جي آويءَ مان پچي نڪتل ڪارل مارڪس سردي سبب ڦڦڙن ۾ زخم ٿيڻ ڪري 14مارچ 1883 تي لنڊن ۾ زندگي جو آخري ساهه کنيو،اهڙي طرح دنيا جي وڏي دماغ سوچڻ بند ڪري ڇڏيو.انسان ته مري سگهي ٿو پر ان جو ڪردار ۽ ان جا ڪيل مثبت ڪم، ڳالهيون، سوچون ۽ آدرش ڪڏهن به مري نٿا سگهن. اهي زندهه رهڻا آهن، مارڪس جو نظرئو سدا حيات آهي اهو ڪڏهن به فنا نٿو ٿئي سگهي، جسيتائين هن ڌرتي تي پورهيت ۽ مذدور طبقو آهي تيسيتائين مارڪسي نظرئي جي پرچار ٿيندي رهندي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اڄ جو نوجوان ڪارل مارڪس جهڙن ڪردارن کان واقف ٿئي، اهڙن عظيم انسانن جي ڏسيل پورهيت دوست دڳ تي پنهنجا پير رکي هلي.
    اهڙا ماڻهو مرڻا ناهن، ويس مٽائي ورڻا آهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو