زبان پنهنجي اهائي ساڳي، متان تون سمجهين ٺري وئي آ، اڃا ته دل آ اها ئي چنچل ، متان تون ليکين مري وئي آ، ڀلي تون ڀيلي گلاب تازا، سڀئي جنازن مٿي رکي ڇڏ، ڀلي اسان کان لڪائي تارا، ستم اسان تي سٿي رکي ڇڏ، نه فرق ايندو،نه فرق پوندو، اهو تون دل تي لکي رکي ڇڏ، نه عشق پنهنجو ڪڏھن جهڪيو آ، نه عشق پنهنجو ڪڏھن جهڪندو، ڀلي زبانون وڍائي ڇڏ تون، تڏھن به پنهنجو نگاهون چونديون، جهڪڻ اسان جو اصول ناهي، هي بيحسي ۽ ذلالتن جو، نظام تنهنجو قبول ناهي، اسان ته سچ جا پڪا پوڄاري، اسان جو سچ کي سلام آھي، سچ ئي اسان جو امام آھي. ايوب کوسو