حاجي عنايت الله زنگيجو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ مومن ڏاهري طرفان آندل موضوعَ ‏19 مارچ 2019۔

  1. مومن ڏاهري

    مومن ڏاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    نوابشاھ،سنڌ
    حاجي عنايت الله زنگيجو
    قدرت انسان کي زندگي هڪ دفعو بخشيندي آهي، پوءِ انسان جي مرضي ۾ اها ڳالهه شامل آهي ته هو زندگي کي ڪهڙي رُخ تي ٿو وٺي. انهيءَ رخ تي جتي محبتون ۽ عزتون بخت ۾ ملن يا ذلتن ۽ خوارين جون کاريون کڻڻيون پون، پر جنهن سان الله راضي ٿئي ٿو ۽ مالڪ جو ساٿ شامل ٿئي ٿو ته پوءِ انسان آڪاش جي بلندين کي ڇهڻ لڳي ٿو، ان ۾ به مالڪ جي رضا شامل آهي. اهڙو ئي هڪ ٻهراڙيءَ جو ٻار جنهن کي الله تعاليٰ بيشمار خوبين سان نوازيو هو، جنهن علم جي لاٽ کي ٻارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اها علم جي شمع پنهنجي جوت جلائڻ لڳي. اهو علم سان منور ٿيل ٻارڙو اڄ ننڍو سڀاڻي وڏو اهو علم جي جوت جڳائڻ وارو حاجي عنايت الله زنگيجو آهي.


    پتنگ چائِين پاڻَ کي، ته اَچي آڳِ اُجھاءِ!
    پَچَڻَ گھڻا پَچائِيا، تون پَچَڻَ کي پَچاءِ!
    واقُف ٿِي وِساءِ، آڳِ نه ڏِجي عامَ کي.
    حاجي عنايت الله زنگيجو ٽنڊي باگي جي ننڍڙي ڳوٺ کاڏو ۾ ۱۹۳۷ع ۾ لهڻي خان زنگيجي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪري اڳتي پڙهڻ لاءِ مسلم اسڪول ٽالهي ۾ داخلا ڪرايو ويو. جتان ۱۹۵۱ع ۾ سنڌي فائينل جو امتحان پاس ڪيائين ۽ شوق ۾ استاد مقرر ٿيو، جتي سندس هڪ ئي تمنا هئي ته ٻهراڙيءَ جا ٻار سهڻي نموني تعليم حاصل ڪن ۽ پڙهي ڪو مقام حاصل ڪن ۽ پاڻ به پنهنجي تعليمي ذوق کي ذهن ۾ رکندي اديب عالم فاضل جا امتحان پاس ڪيائين، ايم اي سنڌي جو امتحان امتيازي نمبرن سان پاس ڪيائين ۽ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ۾ ڪاميابي ماڻي ليڪچرار مقرر ٿيو پر پوءِ ستت ئي پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ سنڌي جو استاد ٿي تعليم ۽ ادب جي خدمت ڪندو رهيو.
    پبلڪ اسڪول حيدرآباد سنڌي جو اهو تعليمي ادارو آهي، جنهن جي پڙهائي جي ساک ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مشهور آهي، جنهن جي تعليمي معيار جي ڪري پري پري جا شاگرد هتي تعليم پرائڻ اچن ٿا، اتي استاد مقرر ٿيڻ تي سائين زنگيجي صاحب وڏي سرهائي محسوس ڪئي ۽ ائين لڳو هو جهڙو صحيح مقام تي رسيو هجي. حاجي عنايت الله زنگيجو جي پبلڪ اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيڻ سان پبلڪ اسڪول کي جهڙو چار چنڊ لڳي ويا، سنڌي مباحثي، تقرير ۽ قرئت لاءِ اهڙا شاگرد تيار ڪيائين جن پوري ملڪ ۾ پبلڪ اسڪول جي نمايان حيثيت مڃرائي ورتي.
    حيدرآباد شهر ۾ جن معروف مشهور ۽ ذهين استادن جو تذڪرو ٿيندو هو اتي حاجي عنايت الله زنگيجو جو نانءُ سرفهرست هوندو هو. حاجي عنايت الله زنگيجو جي محنت اهو به رنگ لاتو جو جتي جنهن به ڪاليج ۾ سنڌي مباحثي جو مقابلو ٿئي پوءِ پبلڪ اسڪول حيدرآباد پهرين پوزيشن نه ماڻي اهو ٿي نٿي سگهيو ۽ انهيءَ مباحثي ۾ سنڌ جا سمورا پبلڪ اسڪول، ڪيڊٽ ڪاليج ۽ ٻيا ناميارا ادارا شامل هوندا هئا. ان ڪاميابي جو سمورو ڪريڊٽ حاجي صاحب ڏانهن ٿي ويو، سنڌ مباحثي ۽ تقريري مقابلي ۾ تقريبن سڀ تعليمي ادارا پر خاص طور تي ڪيڊٽ ڪاليج، پبلڪ اسڪول کان لهرائيندو ۽ ڪترائيندو هو، جڏهن به ڪو مقابلو ٿيندو هو ته ڪيڊٽ پيٽارو ڪاليج وارا سڀ کان پهرين اهو معلوم ڪندا هئا ته پبلڪ اسڪول وارن حصو ورتو آهي؟ جي ها ٻڌندا هئا ته اهڙا ته دهلجي ويندا هئا ڄڻ ڪڪڙ مٿان مينهن پئجي ويو هجي.
    حاجي صاحب جي سنڌي ٻولي جي دسترس جو اهو ڪمال هو جو جتي ڪو به ننڍو وڏو پروگرام ۽ شاهه صاحب جي عرس تي رٿيل ادبي ڪانفرنس ۾ پڙهيل شاهه صاحب جي سُرن تي به ڪمال جي دسترس هوندي هئي ڇا ته سنڌي ٻولي ۽ لفظي جوڙجڪ هئي، جنهن کيس ادبي ڪلاس ۾ هڪ خاص حيثيت ڏياريس. پاڻ ڪيترائي مضمون مختلف موضوعن تي لکيائين ۽ ادبي مڃتا ماڻڻ لاءِ صاحب ڪتاب به ٿيو، جنهن ۾ مولود شريف جو ڪتاب لاڙين جو لاتون ۽ مرد مومن جهڙا ڪتاب لکي سنڌي ادب ۾ باقاعده اديب جي حيثيت سان پاڻ مڃرايائين. مرحوم ساري ڄمار قوم جي علمي ۽ ادبي خدمت ۾ قلم سان اصلاح ڪندي گذاري، هن کي پنهنجي علم ۽ قلم سان جهڙو عشق هو، هن ادبي علمي پورهيو نهايت سچائي سان ڪيو آهي. تڏهن ته مولانا رومي جي چوڻي مون کي ياد اچي ٿي ته ”مان عشق جي ذريعي زندگي گذارڻ تي عقيدو رکان ٿو. جيڪڏهن توهان عشق نه ڪيو آهي ته پاڻ کي زندهه نه سمجهو.“ حاجي صاحب کي شاهه صاحب تي به بهترين دسترس حاصل هئي هو جنهن انداز سان شاهه جو بيت ۽ ان جي معنيٰ ۽ مفهوم پيش ڪندو هو جهڙو سچ به ته من کي موهي وجهندو هو. شاهه سائين جي سرڪاري ۽ خانگي ادبي بيٺڪن ۾ نه رڳي حصو وٺندو هو پر شاهه سائين جي سُرن تي اهڙي ته روشني وجهندو جو ٻڌندڙ دنگ رهجي ويندا هئا. ايئن لڳندو هو ته جهڙو شاهه سائين جو ديوانو هجي. جيڪڏهن حاجي صاحب جهڙا کاهوڙي ماڻهو جن کي وطن ۽ انهن جي ماڻهن جو درد اندر ۾ سمايل آهي، اهڙا بي لوث سچا ماڻهو جڏهن به نڪري نروار ٿين ته اهي ڏينهن پري ناهن جڏهن هن ڌرتي ۽ ڌرتي وارن جا ڏينهن سڻاوان نه ٿين. شاهه صاحب جي بيتن جي ادائيگي تلفظ ۽ معنيٰ اهڙو ته رومانوي رمزن سان سمجهائيندو هيو جو سندس ذهانت تي جهڙو رشڪ ايندو هجي. سُر ڪلياڻ کان وٺي ويندي سُر ڏهر ۽ سُر بلاول تائين شاهه جي سڀني سُرن سان عقيدت ۽ محبت هوندي پر پاڻ سُر سسئي، معزوري، ڪوهياري کي معنيٰ ۽ مفهوم واري انداز ۾ سهڻي ۽ سٺي نموني پيش ڪندو هو ڇوته هن ۾ محنت جدوجهد وارو عنصر شامل آهي ۽ پاڻ به سڄي ڄمار جدوجهد ۽ محنت ڪندي گذاريائين ۽ علم ادب تعليم ۽ مذهب ۾ سٺي مڃتا ماڻيائين، سندس زندگي ۾ ڪيل جدوجهد محنت ۽ مشقت مون کي سسئي جي انهيءَ بيت مان جهلڪندي نظر ايندي هئي ته:
    مَرُ ته موچاري ٿئين، ويهي جيُ مَ جوءِ،
    منڌ! مرڻا پوءِ، پهچندينءَ پنهون کي،
    حاجي صاحب پندرهن ورهين جي ڄمار ۾ پيدل سفر ڪري حج جي سعادت ماڻيائين جنهن ۾ کيس حج اڪبري نصيب ٿيو. ادب سان گڏوگڏ ريڊيو ۽ ٽي وي تان به ديني مذهبي پروگرام ڪيائين، جتي اسلامي پروگرام فتح خان جي ڪچهري ۾ قرت سندس مقبول ترين پروگرام رهيا. انهيءَ حوالي سان سنڌ ليول تي جيڪي به ننڍا وڏا ادبي ۽ سماجي پروگرام ٿيندا رهيا انهن ۾ پاڻ قرت ڪري آيل مهمانن کي موهي وجهندو هو قدرت سندس ڳلي سان اهڙي ته عنايت ڪئي هئي ۽ روحانيت جا راز سمايا هئا جو ٻڌندڙن تي جهڙو وجد طاري ٿي ويندو هو. هن قرت جي حيثيت ۾ ڪيترائي سرٽيفڪيٽ، ميڊل ۽ انعام حاصل ڪيا. جيڪي سندس زندگي جو وڏي ۾ وڏو سرمايو آهن. محنتي هوشيار ۽ ذهين ماڻهو جو قدر آهي جو قدرت کيس اهڙن تمغن ۽ عزت ڀريل لفظن سان نوازي ٿي ۽ سچ به ته هو پاڻ انهيءَ مڃتا جي لائق به هو. کيس پڙهڻ ۽ پڙهائڻ کانسواءِ راندين جو شوق رهيو پاڻ والي بال ۾ بهترين کيڏاري هو،۱۲ڊسمبر ۲۰۱۷ع تي حاجي عنايت الله زنگيجو رات جو تقريبن ڏيڍ وڳي داعي اجل کي لبيڪ چوندي دار البقا ڏانهن راهي ٿي ويو ۽ سنڌ هڪ بهترين تعليمدان ديني ادبي سماجي علم دوست کان محروم ٿي وئي. سندس وڇوڙي تي يقين ڄاڻو ته هر طرف جهڙي ماٺار لڳي پئي آهي ائين ناهي ته ماڻهو وڇڙن نٿا پر هن جي شخصيت جي خوشبو ۽ نکار الڳ حيثيت رکي ٿو آهي، سندس وڇوڙي تي مونکي ٽيگور جا اهي لفظ سامهون اچن ٿا ته ”اي انسان! آءٌ توکي ڏاهو تڏهن مڃيندس جڏهن تون ٻڌائي سگهين ته شام جي رنگن ۾ اداسي ڇو هوندي آهي.“
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو