حضرت خواجه محمد طاهر مدظله عالي دنيا جو عظيم انسان.!

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏20 مارچ 2019۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    حضرت خواجه محمد طاهر مدظله عالي دنيا جو عظيم انسان.!
    شرف الدين مرکنڊ طاهري

    سنڌ جي سونهاري سرزمين هر دؤر ۾ عظيم هستين کي جنم سان نوازيو آهي، جنهن جي ڪري سرزمين سنڌ کي صوفين، بزرگن، عالمن ۽ اديبن جي ڌرتي جي لقب سان ڪوٺيو وڃي ٿو، جڏهن ته سهڻي سنڌ ڌرتيءَ کي “باب الاسلام”جو شرف به حاصل آهي. جنهن سهڻي سنڌ درتيءَ جي اندر ڪيترن ئي عظيم بزرگن جنم ورتو آهي، حضرت خواجه “محمد طاهر عباسي” نقشبندي مجددي بخشي جن جي اسم گرامي کي به شمار ڪيو وڃي ٿو، جنهن کي اڄ دنيا “ حق محبوب سڄڻ سائين” جي پياري لقب سان ڄاڻي سڃاڻي ٿي. 21 مارچ 1963ع ۾ درگاهه رحمت پور شريف ضلع لاڙڪاڻي ۾ حضرت خواجه الله بخش المعروف سهڻا سائين عباسي رحه جي گھر ۾ جنم ورتو. 1967ع ۾ راڌڻ اسٽيشن جي ڀرسان درگاهه فقيرپور شريف جي مدرسي ۾ پرائمري ۽ فارسيجي تعليم حاصل ڪري علم تجويد جي لاءِ ستن سالن جي عمر ۾ سيد عبدالخالق شاهه صاحب جي معارفت سان استاد القرآءُ حضرت مولانا الحاج قاري محمد طفيل صاحب نقشبندي رحه وٽ مدرسه رڪن اسلام حيدرآباد ۾ پڙهيا. سندن جي والد گرامي حضرت سهڻا سائين رحه جن کي هر وقت پنهنجي فرزند ارجمند جي تعليم سان گڏوگڏ تربيت جو به خاص فڪر رهندو هو سندن جي تمنا هوندي هئي ته منهنجو صاحبزادو ننڍي عمر ۾ ئيِ گھر کي ڇڏي ڪري علم حصول لاءِ سفر جي تڪليفن کي برداش ڪري، محنت ۽ مجاهدن جي عادي ٿي وڃي. جڏهن مدرسه رڪن اسلام جي سربراهه ۽ سلسله عاليه نقشبنديه جي مشهور بزرگ مولانا مفتي محمود الورى جن هڪ دفعي سندن جي طرف اشارو ڪندي فرمايو ته الله رب العزت جا لک شڪر آهن جنهن اسان کي هن دجالي دور ۾ پنهنجي فضل وڪرم سان اهڙا شاگرد عنايت فرمايا آهن جيڪي ذاڪر، شاڪر ۽ تهجد گذار آهن. 1978ع ۾ حضرت سڄڻ سائين مدظله عالي جن اعلى تعليم ۽ علم حديث جي لاءِ استاد محترم مولانا محمد رفيق شاهه صاحب جي معارفت سان المرڪز القادريه ڪراچي ۾ داخل ٿيا، اتي پاڻ شيخ الحديث حضرت مولانا منتخب الحق قادري رحه جن کان تعليم حاصل ڪيائون، جتي پنهنجي محنت ۽ جدوجهد سان اهڙي مدرسي مان فرسٽ پوزيشن حاصل ڪئي، حالانڪه ان مدرسي ۾ پاڪستان کان علاوهه ٻين ملڪن جا طلباءِ زير تعليم هيا. حضرت سڄڻ سائين جن پنهنجي استاد محترم مولانا منتخب الحق القادري صاحب کان علم حديث جي سند (يعني سرٽيفڪيٽ) حاصل ڪئي. جڏهن پاڻ مدرسه المرڪز القادريه مان الوداع ڪرڻ لڳا ته ان وقت مدرسي جو مهتمم ڊاڪٽر علوي صاحب جن چوڻ لڳو ته افسوس! جو اسان جي مدرسي مان بهترين طالب العلم روانو ٿي رهيو آهي ان موقعي تي شيخ الحديث مولانا منتخب الحق قادري رحه جن فرمايو ته اوهان جي هيءَ خوش قسمتي آهي جو مدرسي جي ابتداءِ هن ذهين ۽ باصلاحيت نوجوان شاگرد کان ٿي آهي حضرت قبله سڄڻ سائين جن کان ايتري قدر متاثر ٿيا جو فرمايائون ته! “ مون وٽ سوين جي تعداد ۾ طالبن تعليم حاصل ڪئي آهي پر آءُ پنهنجي پنجاهه سالن جي تجربي ۽ مشاهدي جي بنا ته هي چوندي فخر ۽ خوشي محسوس ڪيان ٿو ته ايتري وقت کان بعد هڪ طالب علم اهڙو به پڙهيو آهي جو صحيح معنى ۾ صاحب تقوى بزرگ صفت عالمِ دين آهي”. پاڻ ايم. اي اسلامڪ اسٽڊيز ۾ سنڌ يونيورسٽي مان پاڻ فرسٽ پوزيشن حاصل ڪيائون. درسي نظامي جي وڌيڪ ڪتابن کي پڙهڻ جي لاءِ المرڪز القادريه ڪراچي ۾ زير تعليم رهيا، ان دوران پاڻ شيخ الحديث حضرت علامه منتخب الحق القادري رحه ۽ جڳ مشهور استاد علامه يحيى صديقي، شيخ الادب مولانا سعيد الرحمن صاحب ۽ ٻين استادن وٽ تفسير واصول تفسير، حديث و اصول حديث، فقه و اصول فقه، فلسفه، منطق، علم الڪلام، ادب عربي، تاريخ ۽ صرف و نحو جي تعليم حاصل ڪيائون. ان کان علاوه پاڻ بين الاقوام شهرت يافته مشهور محقق ۽ نفاد محترم عبدالقدوس هاشمي رحه کان مذهب جي تاريخ جو علم ۽ تقابل اديان تي مڪمل عبور حاصل ڪيائون. درسي نظامي دورهءِ حديث سان گڏوگڏ تصوف ۽ سلوڪ جا ڪتاب به پڙهندا رهيا. 25 مارچ 1982ع ۾ سندن جي دستار فضيلت درگاهه الله آباد شريف ڪنديارو ۾ سندن جي والد گرامي، صوفي بزرگ حضرت سهڻا سائين غفاري رحه جن جي هٿن مبارڪ سان عمل ۾ آئي. سندن جا والد گرامي سندن جي ننڍي هوندي ئي ديني تعليم جي حصول ۽ تبليغ لاءِ تربيت ڪندا رهيا. باطني ۽ روحاني سفر پنهنجي والد گرامي حضرت سهڻا سائين رحه وٽ طئي ڪيائون. اعلى اخلاق، عادتون، نيڪ عمل تبلغي جوش و جذبو ۽ محنت کي ڏسندي حضرت سهڻا سائين رحه کين 1982ع ۾ خلافت اجازت سان نوازيو، ان وقت پاڻ اڃان زيرتعليم هيا. حضرت مولانا يحيى صديقي صاحب رحه جيڪي المرڪز القاديه ۾ تاريخ ۽ اسلام جا پيرڊ پڙهائيندا هئا، سندن سان ڪچهري ڪندي فرمائيندا هئا ته “مون زندگي ۾ هڪ ئي بزرگ ڏٺو آهي جيڪو اوهان جو والد صاحب ڇو ته عام پير و علماءِ حضرات پنهنجي اولاد کي ديني تعليم ڪو نه ڏياريندا آهن ۽ اوهان جي والد صاحب اوهان کي سٺي تعيلم ڏياري آهي”. 12 ڊسمبر 1983ع ۾ حضرت سهڻا سائين رحه جي وصال کان پوءِ سندس خليفن گڏجي ڪري سڄڻ سائين کي درگاهه جو گادي نشين بڻايو ويو. حضرت سهڻا سائين رحه جن جون قائم ڪيل تنظيمن مان جماعت اصلاح المسلمين پاڪستان (رجسٽرڊ)، جميعت علماءِ طاهريه ۽ روحاني طلباءَ جماعت جا قائد، سرواڻ ۽ سرپرست اعلى آهن جيڪي سندن جي نگراني ۾ پنهنجي سفر سان جاري و ساري آهن. سندن جا مريد سنڌ کان سواءِ پاڪستان ۽ ڪيترن ئي ٻاهرين ملڪن ۾ موجود آهن. سندن جا خليفا هن وقت سنڌ، پنجاب، بلوچستان، آسٽريليا، برطانيا، ناروي، دبئي، چين، سريلنڪا عرب امارات ۽ ٻين ملڪن ۾ موجود آهن ۽ ديني تبليغ توڙي روحاني ۽ اخلاقي اصلاح جو ڪم ڪندا رهن ٿا. حضرت سڄڻ سائين جن جو پيغام نهايت سادو ۽ تبليغ و تعليم تي حيران ڪندڙ آهي. سندن جو فرمان آهي ته ڪنهن فرقي يا ڪنهن مذهب کي برو نه چئو، صرف پنهنجي ڪردار، ايمان ۽ ٻين انسانن جي ڀلائي کي مدنظر رکو، پنهنجي ذات، پنهنجي طاقت ۽ پنهنجي حيثيت سان خلق خدا کي نقصان نه پهچايو، خاموشي سان پنهنجي صلاحيتن جي ذريعي زمين جي هيٺان وهڻ وارن درياهن وانگر ٻين کي سيراب ڪندا ڪريو. وڏن جو احترام، هڪ جيڏن سان پيار، ننڍن سان شفقت، عورتن جي عزت ڪرڻ، پنهنجي گھر جو ماحول بهتر بنائڻ ۽ هر ماڻهوءَ سان اخلاق ۽ نرميءَ سان پيش اچڻ، بردباري ۽ برداشت رکڻ تي سندن جي تعليم مشتمل آهي. سندن جي طرفان پنج نقاتي پروگرام آهن انهن مان هڪ تعليم به آهي جنهن جي لاءِ فرمائيندا آهن ته تعليم حاصل ڪريو. هن عاجز کي سندن سان ڊسمبر 2018ع ۾ مولاقات جو شرف نصيب ٿو. ان موقعي ته پاڻ جامعه جي شاگردن سان مخاطب ٿيندي فرمايائون ته جيترو به ٿي سگھي تعليم حاصل ڪريو. پاڻ ان موقعي فرمايائون ته جنهن به شاگرد 12 درجا پاس ڪيا آهن ان کي گھرجي ته اڃان تعليم اڳتي حاصل ڪري، سندن جي هر خطاب ۽ هر نصيحت ۾ تعليم جو ضرور ذڪر شامل هوندو آهي اهڙي طرح سندن کي تعليم سان پيار آهي. اڄ سندن جي ولادت جو ڀلارو ڏينهن آهي انهيءَ موقعي تي هي عاجز سندن کي ۽ سندن جي جماعت کي سالگهرهه جون کوڙ ساريون مبارڪون پيش ڪري ٿو ۽ الله تعالى جي باگارهه ۾ دعاڳو آهي ته سندن جي فيوض وبرڪات ۾ اضافو عطا فرمائي ۽ صحت ڪامله ۽ خضري حياتي عطا فرمائي. (آمين)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو