سر ڀائي خان هالار سولنگي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ اظهر امر طرفان آندل موضوعَ ‏23 مارچ 2019۔

  1. اظهر امر

    اظهر امر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 جنوري 2019
    تحريرون:
    36
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    48
    هڪ مثالي ڪردار ڀائي خان "هالار"سولنگي!!!!

    اظھر امر

    سنڌي ڌرتيء صدين کان مثالي ڪردارن کي جنم ڏيندي رهي آھي اگر مثالي ڪردارن جي فهرست کولبي تي انهي ۾ کوڙ اھڙي انمول ڪردارن جا نانء ظاهر ٿيندا جن بابت اوهان ڪڏھن سوچيو به ڪون هوندو انهي مثالي ماڻھن جي قطار ۾ منھنجي سنڌ جو هڪ اهم ڪردار منھنجو محسن سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جو هڪ پروفيسر منھنجو محسن سائين "ڀائي خان "هالار" سولنگي " جنھن جو نانء مثالي ڪردارن ۾ لکجي تي ڪنھن کان گھٽ ڪونهي.
    تمام سادي سٻاجهڙي طبعيت جو مالڪ جنھن جي جيڪا ڳالھ ڪجي گهٽ هوندي, سائين ڀائي خان "هالار" سولنگي اسان جو محسن استاد آھي هڪ ڏينھن ڪم سانگي مان هڪ دوست سان گڏجي سائين جي آفيس ۾ ويس. سائين ٿورو مرڪي پوء مون کان پڇيو پُٽ توهان جو نالو? مان به ٿورو مرڪيس سائين کي جواب ڏنم "اظھر امر" سائين مونکي شڪل منجھ تي سڃاڻي ورتو هيو. پر سائين پڪ ڪرڻ په چاهي. حيرات منجھان ڏسي چوڻ لڳو اظھر توهان جون لکڻيون تمام سٺيون آھن. توهان هتي هوندي مون توهان کي ناهي ڏٺو اُهو ڇو ? خير اسان کي سائين ويھڻ جو چيو اسان سائين جي سامهون پيل ڪرسي تي ويهي رهياسين. پوء اچي ادبي ڪچهري ۾ کولياسين تي اڌ ڪلاڪ کن لڳي ويو. سائين "ڀائي خان" منھنجي دوست ۽ سندس ايم ايس سي جي ويٺل هڪ شاگرد سان مخاطب ٿي چوڻ لڳو اظهر هن عمر ۾ تمام سٺو لکي ٿو. اظھر امر جون لکڻيون تمام سٺيون آھن.تڏھن منھنجي من ۾ هڪ عجيب لهر ڇائجي وئي. پوء اسان سائين ڀائي خان کان موڪلائي وڃڻ لڳاسين سائين مونسان مخاطب ٿي چوڻ لڳو پُٽ اظھر هاڻ اوهان مون سان ملاقات لاء ضرور اچجو. انهي کان پوء هڪ اڌ چڪر سائين سان ملاقات ڪري آيو آھيان سائين به پنھنجي ڪمن ڪارن ۾ مصرف رهي ٿو انهي ڪري وڌيڪ ڊسٽپ نٿو ڪيان جڏھن سائين ڪم ڪار کان فري هوندو آھي تي کيس ملاقات ڪري ايندو آھيان. سائين ڀائي خان ھالار سولنگي جي شخصيت تي مان ڇا ٿو لکي سگهان ساڻس ٻن ملاقاتن ۾ سائين کان جيڪو قرب مليو اُھو ڪڏھن ڪون وسرندو سندس شخيصت تي لکڻ منھنجي لاء باحثيت هڪ شاگرد جي تمام ڏکيو ڪم آھي.
    سائين ڀائي خان "هالار" سولنگي جو جنم 20 جون 1971 ۾ کجين واري شھر خيرپور جي علائقي راڻيپور ۾ استاد ڄام قربان سولنگي جي گهر ۾ ٿيو. پاڻ شروعاتي تعليم پنھنجي اباڻي ڳوٺ مان 1975ع کان 1980ع دوران مڪمل ڪئي جنھن کانپوء 1981ع کان 1986ع تائين گورنمينٽ ھاء اسڪول راڻيپور مان ميٽرڪ ڪئي انهي کانپوء سائنس ڪاليج گمبٽ مان سائنس پري انجنيئرنگ گروپ ۾ پاس ڪري 1989ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ داخلا ورتي، جتان جيتن جي علم، واري شعبي اينٽامالاجي ۾ بي ايس سي مڪمل ڪرڻ کان پوء 1995ع ۾ ايم ايس سي جو شاگرد ئي هيو تہ 22 جولائي 1995ع ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري ۾ ليڪچرار طور مقرر ڪيو ويو.
    جنھن کان پوء سائين "ڀائي خان هالار سولنگي" 2011ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري ۾ زولاجي شعبي ۾ داخلا ورتي جتان سائين 2016 ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي.
    هن وقت سائين ڪيترائي فلاحي ڪم ڪارن سان گڏو گڏ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي ڪراپ پروٽيڪشن فئڪلٽي جي بيچلر پروگرام جا ڪوآرڊينيٽر پڻ آھن.پاڻ جيتن جي علم واري شعبي ۾ پنھنجون ذميورايون سرانجام ڏئي رهيو آھي هن وقت تائين سائين ڀائي خان 50 کان وڌيڪ شاگردن کي ايم ايس سي جون ٿيسز ورق ڪرائي چُڪو آھي.
    سائين ڀائي خان سولنگي کان علاوه هاڻ "هالار "سولنگي تي ڳالھجي هالار سولنگي هي سٺو ادبي پڻ آھي سندس لکڻيون هالار سولنگي جي نانء سان شايع ٿيون. هڪ ڏينھن سائين جي آفيس ۾ ويٺا هئاسين مون سائين سان مخاطب ٿي پڇيو سائين ڀائي خان هالار سولنگي ڪئين ٿيو? سائين ٻُڌايو تي مونکي لکڻ جو شوق ننڍپڻ کان هيو پوء جڏھن آئون ڪاليج ۾ هئس تي پنھنجي محسن استادن سان ادبي پروگرامن ۾ گڏجي ويندو هئس جنھن تي منھنجي هڪ استاد مون کي چيون تون سٺو ٿو لکين توکي آئون "هالار" جو تخلص ڏيان ٿو تون هالار جي نانء سان وڃي لک. پوء هي ڀائي خان هالار سولنگي ٿي ويو.
    سائين ڀائي خان "هالار" سولنگي هڪ بهترين استاد هئڻ سان گڏوگڏ هڪ بهترين شاعر، نثر نويس، محقق آھي، سندن ادبي پورهئي ۾ "فرزند سنڌ استاد ڄام قربان علي سولنگي هڪ فرض شناس ۽ مثالي ڪردار ڪتاب جو مرتب آھي, سائين ڀائي خان "هالار" سولنگي جن جي شاعري ۽ نثر سارنگ شاگرد مئگزين، عبرت مئگزين، روزاني آفتاب، عبرت، بختاور، سوال ڪاڪ، سوڀ، هلال پاڪستان، عوامي آواز، برسات ، جاڳو، مهراڻ، ڪاوش، ٽماهي مهراڻ، سنڌ راڻي، ۽ ٻين رسالن ۽ اخبارن ۾ پڻ شايع ٿيندو رهي ٿو.
    ٻيو سائين ڪچهري دوران مون کي ٻُڌايو هيو تي اڳ روزاني آفتاب اخبار ايندي هئي جنھن ۾ مون تمام گهڻو لکيو. ٻيو سائين هن وقت سائين "جي ايم سيد" جو ڪتاب آڙدو ۾ ترجمون پڻ ڪري رهيو آھي جيڪو جلد پڌرو ٿيندو.
    مان سندس شاگرد آھيان مان هميشه سندس شفقت ۾ رهڻ چاهيان ٿو. اميد تي سائين هميشه مرڪندو رهندو سندس لاء ڌڻي در دعاڳو آھيان هميشه سندس منھن تي مرڪون رهنديون آمين.

    هلال پاڪستان جي ادبي صحفي تي 3 مارچ2019 تي شايع ٿيو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو