شاعري جي عالمي ڏينهن تي رايا

'ڪالم' فورم ۾ مجيب سنڌي ڪورائي طرفان آندل موضوعَ ‏23 مارچ 2019۔

  1. مجيب سنڌي ڪورائي

    مجيب سنڌي ڪورائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    282
    ورتل پسنديدگيون:
    297
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    اڄ 21 مارچ شاعريءَ جي عالمي ڏينهن تي سڀني سنڌي ٻوليءَ جي شاعرن سميت دنيا جي سڀني ٻولين جي شاعرن کي سلام پيش ڪيان ٿو.
    شاعريءَ بابت اديبن ۽ شاعرن جا خيال دوستن سان ونڊ ڪجن ٿا.

    جيڪي تون بيت يا شاعري سمجهي آ، سي آيتن وانگر اٿئي، جي اهي سمجهين ۽ انهن تي عمل ڪرين ته پنهنجي پرين، پنهنجي رب سان ملين سگهين ٿو
    (شاهه لطيف)

    اي شاعري! مون اکين جي ساري ننڊ توکي ڏني. مون کان ٻيو ڇا ٿي گهرين؟
    اي خدا! مون ته فقط شاعري ڪئي آهي. ماڻهن مون کي پيغمبرن واري سزا ڇو ڏني آهي؟
    ڇا مون شاعري پنهنجيءَ محنت سان حاصل ڪئي آهي يا خدا کان زڪوات ۾ وتي آهي؟
    (شيخ اياز)

    شاعر، معاشري جو بيباڪ نقاد آهي هو اهڙي ته خوبصورتي سان سڀ ڪجهه ادا ڪري ويندو آهي جو پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن ۾ ذهني هلچل مچائي ڇڏيندو آهي، نڪته چيني ڪندي پنهنجو پاڻ مان به نه گسندو آهي.
    (مخدوم طالب الموليٰ)

    اڄ عالمي شاعريءَ جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي. شاعري اظهار جو خوبصورت ۽ جاندار ذريعو آهي. انسان پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪي آسودگيون ڏسڻ چاهيندو آهي. شاعر انهن آسودگين جا خواب اڻندا آهن. سنڌ ۾ شاعري شروع کان پنهنجي سماج جي حالتن جي ترجمان رهي آهي.
    ايئن سنڌ جي موجوده شاعري بہ پنهنجي حالتن جي ترجمان آهي. منهنجي نظر ۾ شاعري پنهنجي اظهار ۾ صرف شاعراڻي لباس ۾ هجڻ گهرجي. اها بيان کان مختلف هجڻ گهرجي. هڪ سچيت شاعر کي پنهنجي ديس جا ڏک، سک، موسمن جا رنگ، نظارا، زندگي ۽ موت جا مامرا، محبت، نفرت، زمين ۽ آسمان جا سڀ موضوع ضرور ڳائڻ گهرجن پر شاعريءَ جي تخليقي پيرايي ۾. منهنجي خيال ۾ هر دور ۾ مقداري ۽ معياري شاعري گڏوگڏ سفر ڪنديون آهن. ۽ معياري شاعريءَ جي ڀيٽ ۾ مقداري شاعري هر دور ۾ گهٽ ٿيندي آهي. اصل ڳالھ شاعريءَ جي سفر جي روان دوان رهڻ جي آهي. ان اعتبار کان سنڌ خوش نصيب آهي ازرا پائونڊ جي چوڻ موجب منجهس نئين شاعري ٿئي ٿي. باقي مجموعي معيار کي هميشه معياري شاعري طيء ڪندي آهي. ان لاءِ سنڌ جا تنقيد نگار ئي وڌيڪ درست تجزيو ڪري سگهن ٿا. منهنجي خيال ۾ سنڌ ۾ معياري توڙي مقداري شاعريءَ جو سفر روان دوان آهي.
    (وسيم سومرو)

    شاعر هڪ انسان آهي. جيڪو انسانن سان ڳالهائي ٿو، جنهن کي عام ماڻهن کان وڌيڪ شعور، جوش ۽ نازڪ احساس مليل آهن. سندس روح وسيع آهي، هن جو جذبو ٻين کان وڌيڪ لطف حاصل ڪري ٿو ۽ چاهي ٿو ته سڄي ڪائنات به انهن جذبن ۽ امنگن سان ٽمٽار هجي.
    (وليم ورڊس ورٿ)

    ڪوبه شاعر ڪڏهن به زور مس سان قلم کڻي تيستائين ڪجهه به لکي نٿو سگهي، جيستائين سندس دل محبت جي ٿڌا ساهه کڻڻ واري مس سان ملي نرم نه ٿي آهي.
    (شيڪسپيئر)

    شاعري درد ۽ پيڙا جي پيٽ ڄائي آهي، هر اهو شخص جيڪو ڀوڳي ٿو ۽ درد سهي ٿو سو شاعر آهي هن جو هر هڪ لڙڪ هڪ شعر ۽ هر دک هڪ نظم آهي.
    (مائيڪ آندري)

    شاعري پيغمبريءَ جو هڪ حصو آهي، پر جاهلن پنهنجي خر دماغيءَ سبب ان کي ڪفر ڪري ڄاتو آهي.
    (مولانا رومي رحه)

    شاعر، بلبل جي مثال آهي، جيڪا انڌيري ۾ ويهي پنهنجي اڪيلائپ کي ريجهائڻ خاطر مٺڙا ٻول ٻوليندي آهي.
    (سيلي)

    هر اهو ماڻهو شاعر ٿي پوندو آهي، جنهن کي عشق جي چوٽ لڳندي آهي.
    (افلاطون)

    شاعري انسان جي ذهن ۾ پيدا ٿيل پيڙا جو نالو آهي، شاعري حق ۽ سچ جو آواز آهي، شاعري مظلوم قومن جو ڏاج آهي، شاعري بس تاريخ جي گذريل باب هلندڙ وقت ۽ ايندڙ اوندهي طوفان سان ٽڪر کائڻ جو نالو آهي.
    (افضل قادري)

    شاعر اهو آهي، جنهن جي سخن مان سچ، سونهن ۽ سچائي جون وصفون باڪمال طور بکن جنهن جي اندر مان، شعر اڌمو کائي نڪري ۽ جبل جي جهرڻي جيان اڇلون ڏيئي اُڀري پوي.
    (شمس العلماءَ ڊاڪٽر داؤد پوٽو)

    جڏهن ڪنهن شاعر جو جذبو ۽ ان جو فن، ٻئي يڪسان پرخلوص ۽ سچا هجن ته اهوئي خلوص ۽ سچائي، ڪنهن شاعر جون امتيازي خصوصيتون آهن.
    (فيض احمد فيض)

    شاعري قدرت جي حقيقت جي ترجماني ڪري ٿي منهنجي نظر ۾ شاعري قدرتي ڏات آهي، جيڪو هرهڪ ماڻهو نٿو ڪري سگهي.
    (سيد مرتضى ڏاڏاهي)

    شاعري، فن نه بلڪ فڪر جو نالو آهي، اهو فڪر جنهن کي نه ته توري سگهجي ٿو ۽ نه ان جو ملهه ڪٿي سگهجي ٿو. شاعري ڪبي ناهي، ٿي پوندي آهي، ڇو ته شاعري اندر جي آواز تي لبيڪ چوڻ جو نالو آهي.
    (عبدالرحمان)

    شاعري جي تاريخ ته تمام گهڻي پراڻي آهي، سليقي سان ڳالھ ڪرڻ جو نانءُ شاعري آهي، بائيبل مقدس قرآن پاڪ يا ٻيا صحيفا به سليقي سان اظهاريل آهن، جن ۾ رديف به آهن ته قافيا به آهن، مان ته چوان ٿو جيڪا ڳالھ وڏي پيماني تي قبول ڪرائڻي هجي سا شاعري ڪجي ڏور تائين ڦهلجي ويندي. شاعري ٻولين کي شاهوڪار بڻائي ٿي نون لفظن جي گهڙت ٿئي ٿي ٻولي ۾ ڀٽائي سرڪار جو حصو ڪنهن به لسانيات جي ماهرن کان مٿاهون آهي. ڪيترائي نوان لفظ متعارف ڪرايائين اهڙو ڪم ٻئي ڪنهن شاعر ناهي ڪيو،
    هڪ سوءُ سال اڳ ته شاديون انهن جون ترت ٿينديون هيون جن نارين لاءِ شاعر شعر چوندا هئا. قومن جي سڃاڻپ ٻولي سان ٿيندي ۽ ٻوليءَ شاهوڪار ڪندڙ عمل شاعري آهي، جيسيتائين هي ڪائنات جو سلسلو هلندو رهندو، شاعري جو سلسلو به هلندو رهندو.
    (صفر ڪلهوڙو)

    شاعري جو عالمي ڏينھن
    يگاني ۽ عالمگير شاعر
    شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي نانءُ ڪريان ٿو.
    (ضراب حيدر)

    شاھ لطيف، شيخ اياز، استاد بخاري ۽ ٻين جديد سنڌي شاعرن جي عالمگير فڪر سان ڀرپور سنڌي شاعري کي عالمي سطح تي مڃتا ڏيارڻ سان ئي شاعري جو عالمي ڏينهن ملهائڻ سنڌ لاء سڦل رهندو.
    (عزيز ڪنگراڻي)

    مظهر لغاري لکيو آهي، شاعري دل جي مزوري آهي
    جنهن جو ڪوبه اجورو ڪونهي
    ۽ آئون سمجهان ٿو ته شاعري جي ان کان سٺي ٻي ڪابه وصف ڪونهي.
    (حاجي ساند)

    شاعري،محسوسيات جو هڪ اهڙو اولڙو آهي جيڪو ذهن جي جھان مان خيال جي ويس ۾ لفظن جو چھرو وٺي نروار ٿيندو آهي.
    (بخشل باغي)

    شاعري هڪ انسان جو نئون جنم ۽ نئين زندگي ٿئي ٿي شاعري جي ڏات هڪ شاعر کي ٻي ذات۽ٻي سڃاڻپ بخشي ٿي ، جيڪا ان جي خاندان ،قبيلي يا برادري واري ذات کان الڳ ۽ منفرد سڄاڻپ ٿئي ٿي.شاعري سان ستل ضمير جاڳائي ڏاڍ جا ڏونگر ڏاري سگهجن ٿا.
    (خليل عارف سومرو)

    شاعري ڏاھپ جي علامت آھي، ڪائناتي حسن ۽ سندس تخليق کي شاعراڻي اظھار وسيلي خوبصورتي سان اظھاري سگھجي ٿو. ڪائناتي حسن ۽ سندس تخليق ايستائين اڻپوري آھي جيستائين ان کي شاعراڻي زبان نٿي ملي. شاعري سماج جي عڪاسي ڪري ٿي ان وسيلي ئي اسان کي سماج جي خوبين توڙي خامين جي ڀلي ڀت ڄاڻ پوي ٿي...
    (پريم پتافي)

    جيستائين دليون ڪنهنجي نالي تي ڌڙڪنديون رهنديون، ڪنهن جي ياد ايندي ئي دل بيقرار ٿي ويندي، ڪنهنجي ٿوري به، جهڻڪ تي روح جا پکي ڪنهن ريگزار ۾ ڦٿڪندي محسوس ٿيندا تيستائين شاعري جي دنيا پر بهار رهندي، شاعري جي عالمي ڏينهن تي اڄ اهو پيغام ڏيندي اهو چوندس ته شال اندر جون ڪائناتون سيراب رهن ۽ شاعري آبشارن جيان دنيا کي خوبصورت بڻائيندي رهي.
    (غوث پيرزادو)

    شاعر دنيا جي هر معاشري جي اهم ۽ ذميدار شخصيت هوندو آهي، سندس شخصيت معاشري ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، دنيا جا گهڻا انقلاب شاعرن جي زبان مان نڪتل شعر جي ڄڀن مان جنم وٺندا آهن، قومن ۾ سجاڳي ۽ غيرت پيدا ڪرڻ جا ذميوار به شاعر ئي آهن.
    (تهمينه مفتي)

    ادب جي دنيا ۾ شاعري هڪ اهڙو فن آهي، جيڪو انسان جي سڀ کان عظيم ”تخليق“ تصور ڪيو وڃي ٿو. شاعري رڳو لفظن جي سٽاءُ جو نالو ناهي، پر شاعري دل جو آواز آهي، سجاڳي جو پيغام آهي، پنهنجي دل جي آواز کي سماجي حالتن کي اظهارڻ ۽ انهن کي لفظن جي مالا ۾ پروڙڻ جو ٻيو نالو ”شاعري“ آهي. شاعر معاشري جو حساس ذهن رکندڙ ڪردار هجي ٿو، تنهنڪري فطرتي طور هو سماج ۾ ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه ۽ تضادن تي گهرائي سان سوچي ٿو ۽ سماج ۾ ٿيندڙ تبديلين کي پنهنجي شاعري جو موضوع بڻائي ٿو. شاعر قومن جا سفير هجن ٿا جيڪي پنهنجي قومن جي بقا جي جنگ وڙهن ٿا، پنهنجي تاريخي ورثن ۽ تهذيبن مورچن کي بچائڻ ۾ هڪ شاعر پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.
    (دولت رام کتري)

    شاعر خطائي ماڻھو پرچار ٻي نه آ
    آزاد جڳ ڇڏي محبت ۽ پيار کي
    شاعري مشاھدي ۽ مطالعي جو اوڳار آھي
    شاعري ارھ زوراين خلاف حق ۽ سچ جي آواز جو نالو آھي
    شاعري حسين خوابن جي ساڀياءن جو سڏ آھي
    شاعري زندھ دلين جي ضمير ۽ خمير آھي.
    (خطائي ٿيٻو)

    شاعري روح جو دين آهي ۽ هن اجگر زندگي کي سمجهڻ لاء اها تبليغ شاعر ڪنداآهن ۽ شاعري ان کي چئبو آهي جنهن کي پڙهڻ سان ائين محسوس ٿئي ڄڻ ماڻهو سخت حبس ۾ شاور هيٺيان اچي وڃي.
    (مختيار سهتو)

    عالمن کي آباد ڪرڻ وارِي
    نفرتن ۾
    محبتن جا گل مهڪائڻ وارِي
    شل تنهنجون واڳون
    واڳن جي گرفت کان آزاد رهڻ.
    (آغا جان آغا)

    شعر شعور جي وڻ جون شاخون آهن، شاعري جذبن احساسن جو هڪ جهان آهي شاعري دل جي ساز جون تارن کي ڇيڙڻ جي سگهه رکي ٿي شاعري روح کي گرمائڻ جي طاقت رکي ٿي، شاعري پنهنجي رڌم جي ڪري پڙهندڙ کي جھٽ ۾ پاڻ ڏي ڇڪي ٿي وٺي شاعري فڪر ۽ فن جو خوبصورت ميلاپ آهي شاعري جي عالمي ڏينهن تي اڌورن شاعرن جي انهيءَ ڪوشش کي روڪڻ جو وچن ڪرڻ گهرجي جيڪي نظم ۽ نثر جو فرق ختم ڪرڻ گهرن ٿا شاعريءَ ۾ فن جو انڪار اصل ۾ ردم جو انڪار آهي.
    (بيخود بلوچ)

    شاعرن کي حالتن ۽ عالمي انسانيت کي نظر ۾ رکي پنھنجي
    تاريخ لکڻ کپي، پنھنجي قلم کي معاشي، ملڪي، صوبائي حالتن جي عڪاسي ڪرڻ گھرجي، جتي به انسانيت جي حقن جي لتاڙ ٿئي ان جي ننده ڪرڻ گھرجي، وڻن، پکين، ٻارن جي بچاءُ لئه آواز اٿارڻ گھرجي.
    (منور ملاح)

    اللہ پاڪ طرفان وجود ۾ آندل هن ڌرتيءَ تي ڪيترائي جاندار پيدا ڪيا ويا، انهن ۾ سڀ کان اتم انسان آهي ۽ انسانن ۾ مختلف سوچون ۽ خواهشون آهن.
    انسانن ۾ ڪي انسان اهڙا به آهن جن کي شاعري جي ڏات عطا ڪئي وئي آهي ۽ شاعر اهي آهن جيڪي انسانيت جو درد رکندڙ آهن، دنيا جي عظيم شخصيتن ۾ شاعرن کي سرفهرست رکيو ويندو آهي جو شاعر انسانيت جو پيغام ڏيندڙ هوندا آهن، معاشري جي حالتن جي عڪاسي ڪري سماج ۾ سجاڳي جو سڏ ڏيندا آهن.
    شاعري هڪ فڪر آهي، جنهن جي ذريعي عام تائين مثبت سوچ منتقل ڪري سگھجي ٿي، دنيا جهان جي ڏک سک کي پاڻ ۾ سمائي، جوش، جذبي، سچائي، خلوص ۽ سجاڳي بيدار ڪرڻ کي شاعري چئبو آهي.
    (مجيب سنڌي)

    شاعري زندگيء جو آواز آھي پڙلاء آھي، زندگيء کي تڏھن ئي ته پيار جو گيت سڏيو ويو آھي، جي شاعري نه ھجي ھا ته زندگي بي آواز ڀاسجي ھا، ۽ زندگيء جا سڀ رنگ شاعريء جي انڊلٺي رنگن مان ڦٽن ٿا ۽ روح کي محبت جهڙي انمول احساس سان گرمائن ٿا، سرن جي ٿاپ شاعري کان سوا رڳو خوفائتي دانهن ھجي ھا، من سرور سان سرشار نه ٿئي ھا من موج ۽ وجد ۾ نه اچي ھا آفاقيت جي برقي سفر جي ڪيفيت بزرگن جي ڪلام کان سوا سنهنجي نه ھجي ھا ... شاعر جيجل ڌرتيء جي تعريف ۽ پيار جو اظهار ڪري نه سگهي ھا دنيا جي درد ۽ ڀوڳنا جو اظهار انساني دل دماغ ۾ ڪنهن حد تائين ڦاٿل رھجي وڃن ھا، شاھ سائين جو ڪلام جيڪو وڏي آفاقي ۽ دينوي دنوي حيثيت رکي ٿو جيڪو ڌرتيء جي امن آجپي جي ساک آھي اهڙي انمول خزاني کان سنڌي ماڻهو محروم رھجي وڃي ھا سندن ڪلام ڌرتيء ۽ ڌرتيء ڌڻين تي ٿورو آھي، اھو ميٺاڄ وارو ڪلام نه ھجي ھا ته زندگي ڪڙي محسوس ٿئي ھا ۽ تاريخ تهذيب ڌرتيء جا اھم ۽ حسين راز جيڪي شاھ سائين ٻڌايا تن کان محروم رھجي وڃون ھا، شاعري ھر عام وخاص ڪيفيت جو تڪڙو سولو ۽ سريلو رڌمي احساس آھي...!
    (عين سحر)

    ڪنهن بہ خوبصورت خيال واري سٽن کي اوهان جهونگاري سگهو تہ سمجهو اها شاعري آهي، هر ماڻهو شاعر ناهي هوندو پر هو شاعري کي پسند ضرور ڪري ٿو ڇو تہ شاعري احساس آهن جيڪي انساني زندگي سان جڙيل آهن، اهي احساس صرف شاعر تائين محدود ناهن هوندا، پر پڙهندڙ بہ ڪنهن شاعر جا خيال پڙهندو تہ ان کي محسوس اهو ضرور ٿيندو ته هي احساس تہ منهنجي ڪيفيت جو عڪس آهن، منهنجي زندگي جي عڪاسي آهن، منهنجا جذبا آهن ۽ هي شاعري منهنجي اندر جو آواز آهي، حقیقت بہ اها آهي تہ شاعري خيال جي صورت ۾ اسان جي ذهن تي لهي ٿي عام تائين پهچائڻ لاءِ شاعر جي محنت ۽ فني ڪمال هوندو آهي، پڙهندڙن کي پيغام واري شاعري پڙهڻ گهرجي ۽ ان پيغام کي ذهن ۾ محفوظ ڪري اڳتي وڌائيندو تہ شاعري سان سڄي خطي ۾ امن جو ماحول قائم ٿي سگهي ٿو.
    (امداد جسڪاڻي)

    شاعري احساسن جي زبان آھي ،شاعري ٻولي سان عشق جي انتھاجو نالو آھي
    (اياز رضوي)

    شعور سيکاريندڙ شاعري جيڪاڪروڙن دلين جي ترجمان هئڻ سان گڏ ھڪ پيغمبري پيشو به آهي دنيا۾ شاعريءَ ذريعي وڏانقلاب اچي چڪا آهن شاعري اهو هٿيار آهي جنهن اڳيان دنياجو ڪو به هٿيار ڪا اهميت نٿو رکي شاعري جت اگهور ننڊ ۾ ستل ماڻھن کي بيدار ڪري پنهنجي حقن جي حاصلات جا رستا ٻڌايندي آهي اُتي اداس روحن جي آبياري به ڪندي آهي باقي اهاشاعري جيڪا شعور ڏيڻ بجاءِ ٻيڻو فحاشيت طرف وٺي وڃي ان کي شاعري نٿو چئي سگهجي
    (سيد غفورشاھ تقوي)

    سٺي شاعري لکو
    ڪتاب ٿورا ئي سهي ،
    پر معياري ڇپرايا وڃن
    شاعرڪتاب ڇپرائي خدا واسطي ٿو
    پر خدا واسطي ڪتاب نه ورهائجن
    (ڪونج بلوچ)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو