لوڪ گيت جهڙي تخليق ٿي لڳين

'مقالا' فورم ۾ مجيب سنڌي ڪورائي طرفان آندل موضوعَ ‏23 مارچ 2019۔

  1. مجيب سنڌي ڪورائي

    مجيب سنڌي ڪورائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    282
    ورتل پسنديدگيون:
    297
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    [​IMG]

    سلسلو تخليقڪار
    مانائتو شاعر مجيب سنڌي ڪورائي
    لوڪ گيت جھڙي تخليق ٿي لڳين
    منورملاح

    سنڌ جي شھر ۽ ڳوٺ ۾ ڪو نه ڪو ڏات ڌڻي پنھنجي
    فن سان اجاگر ٿئي ٿو چاھي اھو اديب ھجي يا علمي
    ڪردار جو مثال، انھن جي تاريخ ٿئي ٿي ۽ تاريخ جا نشان
    ڪڏھن به مٽجڻا ناھن.
    دوڙ جو ھي شاعر ديني گھراڻي ۾ پيدا ٿيو جنھن ماحول ۾ رھيو اھو دين جي تبليغ ۽ سنت ۽ فرض جي ادائيگي جا اعلي مثال آھن، اھي پنھنجي جڳھ تي وڏا اھم رتبا آھن ۽ ھي شاعر ان گھراڻي ۾ پليو ۽ پرجھيو آھي آئون ائين ڪون چوندس ته ھي شاعر ٿي ويو ۽ سماج جا مسئلا، درد، محبت، ڌرتي، پکي، وڻ ٻوٽا، ندي، سمنڊ، آڪاس، ستارا، ھوا، موسم، رومانس تي ڇو لکي اھو ان جو حق آھي ايتري اجازت ان کي ملڻ گھرجي.
    پنھنجي گھراڻي ۾ کيس سلجھيل ماحول نصيب ٿيو
    اٿس سندس وڏي ڀاءُ کيس شاعراڻي خوبيون
    محسوس ڪري کيس سنڌي جو تخلص ڏنو ان کان پوءِ
    مجيب سنڌي جي نالي سان سنڌي ادب جي دنيا ۾ پاڻ ملھايو آھي ۽ پنھنجي مطالعي جي رياضت سان ۽ خوبصورت مشاھدي سان اھڙيون تخليقون سرجيون آھن جن کي پڙھي شاعري تي فخر ٿيڻ لڳي ٿو.
    مجيب سنڌي ۾ وڏي خوبي اھا به آھي ته ھوءَ سکڻ جو اشتياق رکي ٿو جنھن وسيلي جلد شاعري جي ميدان ۾ اڳتي نڪري آيو آھي ۽ شھرت ۽ عزت کيس ڪاميابي جو سفر ڪرايو آھي.
    مجيب سنڌي سادي طبيعت ۽ معصوم دل رکندڙ شاعر
    آھي جنھن سان ھرڪو پيار ڪري ٿو تڏھن ته سندس دوستن جو تعداد وڌندو رھي ٿو.
    مونکي خوشي آھي جو ھو منھنجو گھر ڀاتي آھي اسان سڳن ڀائرن جيان ھڪٻئي جي ڏک، سک ۽ راز کي پنھنجو ھمسفر سمجھون ٿا ۽ نڀائڻ جي سچي ڪوشش ڪيون ٿا
    منھنجي ڀائرن جهڙي دوست مجيب سنڌي جي شاعري رڳو لفاظي رنگن ۾ ويڙھي پيش ناھي ڪئي پر سادي ۽ الڳ اسلوب ۾ خيال ڏئي پنھنجي سڃاڻپ ٺاھي آھي.
    سندس شاعري مبھم خيالن کان گھڻي تڻي پاڪ لڳي ٿي، واضح خيالن کي سمائي پڙھندڙ کي پنھنجي اثر ۾ رکڻ جو ھنر رکي ٿي.
    مون سندس شاعري مان جيڪي سٽون کنيون آھن ڪوشش ڪندس ان جي مفھوم جيان پيرو ٿي وڃان
    ارادو اٽل ھجي ته ماڻھو جبل کي به ريزا ريزا ڪري سگھي ٿو، پر پنھنجي مقصد تان پوئتي ھٽڻ نه گھرجي ڪنھن به مستقبل جي نيڪ ڪم لئه جيڪي جذبا آھن انھن جو سچائي جو ويساھ ضروري آھي.
    سسئي اگر رڻ ۽ جبلن جي ويراني جو خيال رکي ھان ته پنھون جا پنڌ ڪيئن ڏوري سگھي ھان اگر قسمت سفر ۾ موت ارپيو ته به سندس سفر اجايو ناھي ويندو ان جي ڇڏيل پنڌ جي انڌيري کي روشني جا پير ملي پوندا آھن
    مجيب سنڌي جي ڳوڙھي خيال جي ھي سٽ ڏسو

    ڇا ٿيو جي دوستو منزل نه مان ماڻي سگھيس
    منھنجي پويان منھنجون سوچيل منزلون رھجي ويون

    ڪڏھن ڪڏھن لاشعوري مان نڪتل خيال اھڙو ڪمال رکندو آھي جنھن کي پڙھي ڏاھپ به حيران ٿي ويندي آھي
    تخليق کي لوڪ گيت سان تشبيح ڏيئي شاعري کي نئون وجود ڏيئي ڇڏيو اٿس جنھن جي حسن ۽ احساس کي صدين جي ساک آھي.

    ڪا لوڪ گيت جھڙي تخليق ٿي لڳين تون
    مان ماٺ ٿي چوان ڪيئن آ مات فن فڪر جي

    وقت ڪڏھن ڪڏھن تاريخ جي رھزني جياري ڇڏيندو آھي جنھن کي ٻڌندي لنڱ ڪانڊارجي ويندا آھن ۽ ننڍڙي ٻارن جيان خوف سڪتي جيان طاري ٿي ويندو آھي
    وقت اسان سان اھڙيون ويساھ گھاتيون ڪيون آھن يزيد پنھنجي ناپاڪ اقتدار جي نشي ۾ ناحق مرد مجاھدن جا سر قلم ڪرايا، پر تاريخ شاھد آهي ته حسنيت اڄ به زنده آ ۽ تاقیامت زنده رھندي
    سٽ ۾ جيڪو درد آھي اھو اھو واقعيه ڄڻ تازا ڪري ڇڏي ٿو

    باھ ۾ ٿي عزادار ماتم ڪيو پاڻ ئي
    برملا، ڪربلا جي سخا جي جياري صدا

    اسان پنھنجي محنت سان جيڪي ڪاميابيون ماڻيون ٿا يا اسان پنھنجي باڪردار حوالن سان قوم جو پيار ماڻيون ٿا يا اسان پنھنجي ڏات ۽ ڏاھپ سان شھرت جا مثال ٿيون ٿا ته ڪيترائي خدشا دشمني جيان نروار ٿيڻ لڳن ٿا اھي ظاھري دشمني سان وار ڪن ٿا يا اندر ئي اندر ساڙ ۾ سڙندا رھن ٿا
    پر وقت گواھ آھي انھن سچن جذ بن کي ڪڏھن به مات ملڻي ناھي ھي امر ئي رھڻا آھن پنھنجي عظيم مقصد سان
    ڇا ته سماج جي عڪاسي ٿيل آهي ان سٽ ۾

    ساڙ سڙيا ڀلي ڏي سزائون مگر
    پر نه ماري سگھين ٿو تون جذبا سچا

    مجيب سنڌي آس پاس جي ماحول کي پنھنجي خيال جو ذريعو بڻايو آھي جيڪو ڏسي ٿو اھو شعريت ۾ اظھاري ٿو چاھي اھي مفلسي جا ڪردار ھجن، ناانصافي جا ڪردار ھجن، تعليم کان وانجھيل ڪردار ھجن، پر کيس جيڪو ڪردار خنجر جي نوڪ جيان ھانءُ ۾ کپي ٿو اھو آھي نئين نسل کي گمراھي ۾ لاھي انھن ۾ بغاوت جو ٻڄ ڇٽڻ جئين اھي مستقبل ۾ امن ۽ قوم لئه ناسور ٿين
    وقت پنھنجي ڪنھن نه ڪنھن آواز کي جياريندو آھي ۽ ان ناسورجي پاڙ پٽڻ لئه ھٿ اڀا ٿي ويندا آھن
    حساس ڪردار جنھن کي وائکو ڪرڻ جو ھي شاعر ھنر خوب ڄاڻي ٿو جنھن مان نئين نسل اتساھ وٺي سگھي ٿي

    ھن سڏايا عام واعظ ڳوٺ جي اوطاق تي
    راڄ منھنجو پيو بگاڙي ڪا سزا ڪو حل ٻڌاءِ

    ماڻھو تڙپي ڇو ٿو اندر ۾ داغ ڇو ٿي ويندو آھي زخم جيان
    اھو سارو ھن شعر ۾ واضح آھي، جڏھن ويساھ کي دغا جو نانگ اچانڪ ڪکيندو آھي ته اھو زھر ماريندو ناھي پر ساري حياتي تڙپائيندو آھي ان شعر جا نيرا رنگ احساس ۾ پسي سگھجن ٿا

    نانگ بلائن ناھي ڏنگيو
    رشتن ناتن آھي ڏنگيو

    اسان جي قومي ٻولي کي جيڪي خدشا آھن انھن جي راز تي سوچجي ٿو ته دُکي رڳ تي ھٿ اچي وڃي ٿو
    ڌارين سان گڏ پنھنجن اسان جي وجوديت جي بقا تي ڇرا ھنيا آھن، اسان ھر دور ۾ زخمي ٿي سڏڪندا رھون ٿا،
    پر اسانجو عزم ٽُٽو ناھي باضمير شاعر جي ڳالھ ضمير جو سڏ آھي قوم جي سجاڳي لئه ارڏو پڙاڏو آھي
    اھو به سچ آھي، سچ تي ڀلي سولي لڳي پر سچ چوڻ جي جرئت ڇڏڻي ناھي

    دھشت وحشت ٽولي آھي
    جن جي گولي ٻولي آھي

    ھر نئون رھبر نوان خواب ڏيکاري ٿو قوم جي تقدير مٽائڻ جا وچن ڪري ٿو پر اھي قول ھوا ۾ فائر ٿي وڃن ٿا شاعر رھبر جي اکين ۾ اکيون ملائي ڳالھائي ٿو ۽ چوي ٿو تنھنجا سڀ دليل ھڪ پاسي غريب کي صرف ماني گھرجي جنھن جو نعرو ٻڌي ٻڌي دل بيزار ٿي پئي آھي
    عملي ڪم ئي قوم جي جياپي جو ڪارڻ ٿيندو آھي
    اسان جي ملڪ جا حالات ڪنھن کان به ڳجھا ناھن، شاعر پنھنجي صدائن کي ھر دور جو سڏ ڪري ڇڏيو آھي وقت معجزي جو منتظر آھي

    درد ڀريل نه ٿي راڄڌاني کپي
    فرد مسڪين کي ساڳ ماني کپي

    ڪن ڪنڌ ڪٽائي ڇڏيا پر ڌرتي سان غداري نه ڪئي ڌرتي جي بقا خاطر وفا جا جھنڊا ڦڙڪائي ويا انھن جا ڪردار شھادت سان سنھري دور ٿي ويا.
    ڪي لوڀ ۽ اقتدار جي ڪري وطن سان غداري لکي ويا اھي نائون مل ۽ مير صوبدار جيان تاريخ ۾ لعنتي ٿي ويا اھڙي ئي ساک ھن سٽ ۾ سمايل آھي.

    جن لڄايو ويس پنھنجو ديس پنھنجو
    بي لڄن تن جو سمورو لخت ڀاري

    فرمانبرداري ئي دنيا ۽ آخرت ۾ عزت ۽ ڪاميابي جو ذريعو بڻجي ٿي جن اولاد مان والدين راضي رھندا آھن وفات کان پوءِ به والدين جي دعا اولاد لئه جاري رھندي آھي
    اولاد کي ھي سٽون خوبصورت نصيحت آھن

    بابا سائين تنھنجي شفقت ھردم دلڙي ٺاري آھي
    جيجل وڇڙيي سال ويا ٿي اڄ به دعا پر جاري آھي

    مجيب سنڌي شاعري ۾ پنھنجي مڃتا ڏانھن تڪڙيون وکون کڻي رھيو آھي مونکي ڀروسو آھي سندس سنڌي ادب ۾ نالو اھم نالن ۾ ڳڻيو ويندو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو