1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

سياست،سياستدان ۽ عوام.

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏24 مارچ 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    599
    ورتل پسنديدگيون:
    624
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    ڇا چئجي،ڪيئن چئجي ۽ ڪنهن سان ڪهڙي گلا ڪجي.سوچيو وڃي ته ڪنهن کي ڇو ڪجهه چئجي جو سڀ پنهنجو پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن ۽ سڀ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.پنهنجو پنهنجو حصو شامل ڪري رهيا آهن ته پوء انهن ”ويچارن“ کي ڇا چئجي؟سڀ پنهنجن ڏکن ۽ دردن کي پٺيء پويان اڇلي هڪ ئي ڌن ۾ لڳل نظر اچن ٿا. ڏينهن رات ملڪ ۽ قوم جي ”خدمت“ ڪري رهيا آهن.پاڪستاني عوام جي ”ڀلائي ۽ بهبودي“ جي ڪمن ۾ لڳل آهن.هر وقت ڪنهن جوٽيل ڍڳي وانگر .انهن کي ٻي ڪنهن شيء سان ڪا دلچسپي ناهي.بس هڪڙي ئي ڌن آهي سا آهي ”خدمت،خدمت ۽ خدمت.“جيئن اسان جي قائد قوم کي ترقي ڪرڻ لاء نصيحت ڪئي هئي ته ”ڪم،ڪم ۽ ڪم.“ سو هنن وري پنهنجو موٽو ”خدمت” کي بنايو آهي۔ هتي هي سوال سامهون اچي ٿو ته جيڪر ڪو فرد يا فردن جو ميڙ عوام جي خدمت تي مقرر هجي، ان راتين جي ننڊ ۽ ڏينهن جو سڪون عوام لاء برباد ڪري رکيو هجي ۽ لاڳيتو پاڻ کي ملڪ ۽ قوم جي خدمت لاء وقف ڪري ڇڏيو هجي ته اهڙي شخص يا ماڻهن کي ”خادم جمهوريت“ يا خادمين جمهوريت“ چئبو آهي.اهي خادم جنهن نظام کي ملڪ ۾ ترقي ڏيندا آهن تنهن کي جمهوريت چئبو آهي.انهن ماڻهن جي ميڙ کي سياستدان چئبو آهي جڏهن ته انهن جي عملن ۽ سوچن کي سياست چئبو آهي.اسان جي پياري وطن ۾ سياست جا ڪيترائي قسم آهن.مثال؛ خانداني سياست،نسل در نسل سياست،صدين تائين سياست،استحصال جي سياست،کاٻي ۽ ساڄي ڌر جي سياست،اف هيء سياست،هاء هيء سياست، حيف هيء سياست،هتان جي سياست،هُتان جي سياست،گھريلو سياست،ڏاڏاڻي،ناناڻي ۽ سهراڻي سياست وغيره.انهن سياستن جي وصف بيان ڪرڻ لاء ته ڪي دفتر گھرجن ان ڪري تفصيل ۾ وڃڻ جي گھرج ناهي.انهن سياستن جو ئي اثر آهي جو اسان وٽ خبرن ۾ سياست،اخبارن ۾ سياست،ادارن ۾ سياست،ريڊيو ۽ ٽي وي تي سياست،ڏوهن ۾ سياست.مرڻن ۽ پرڻن ۾ سياست،جيڏانهن ڏسو ته سياست ئي سياست نظر اچي ٿي.تڏهن ته هر طرف سڪون جا دريا وهي رهيا آهن،خوشحاليء جون نديون ڇوليون هڻي رهيون آهن.هر طرف،سڪون،چين ۽ اطمينان جي بانسري وڄي رهي آهي.هر طرف راحت ئي راحت آهي.اهڙي حالت ۾ ڀلا ”خوشي“ کي ڪير ڪيئن وساري سگھي ٿوجيڪا اسان جي وچ ۾ زنده ۽ تابنده گھمي رهي آهي ڇو ته اسان جا رهنما ۽ اسان جا سياستدان سڀ ان ڪوشش ۾ آهن ته اسان جي پياري،محترم ۽ نازڪ عوام کي ڪا تڪليف نه پهچي.هونئن ڏٺو وڃي ته آخر سياستدان آهن ڇاجي لاء؟ ڀلا جمهوري نظام جي جاکوڙ ڪنهن جي لاء ڪئي وڃي ٿي؟ان جو جواب ته ڪو آڱوٺي ڇاپ،اڻ پڙهيل ۽ ڏنڊا مار به اکيون پوري ڏيئي سگھي ٿو ته انهن سياستدانن جي جمهوريت لاء ڪيل اها جدوجهد رڳو ۽ رڳو عوام لاء ئي هوندي آهي.سياستدان اهي هستيون آهن جن پنهنجو پاڻ کي وساري پنهنجو وجود عوام جي خدمت لاء وقف ڪري رکيو هوندو آهي ۽ سندن خيرخواهيء کي پنهنجي زندگيء جو مقصد بنائي ڇڏيو هوندو آهي.اسان وٽ اهڙين متبرڪ هستين جي کوٽ بلڪل ناهي.اسان جي وطن ۾ اڄڪلهه نهايت ئي نفيس،تجربيڪار ۽ ڏاهن سياستدانن جو ملاکڙو جاري آهي.اهو ملاکڙو ڏسي ڪري اسان کي ڏاڍو سٺو محسوس ٿئي ٿو،فخر وچان اسان جا ڪنڌ مٿي ٿي وڃن ٿا.ايئن لڳندو آهي ڄڻ ته اسان جي ڪنڌ ۾ سريو لڳي ويو هجي.اسان کي ڏاڍي خوشي“ ٿيندي آهي جو اسان جي پياري وطن ۽ ان جي ڏاهن سياستدانن جو ڪٿي ڪٿي ۽ ڪيئن ڪيئن ذڪر ٿئي ٿو.چوندا آهن ته سياست ۾ ڪنهن کي به ڪڏهن ”نه“ نه چئبي آهي،اهو ئي نه پر مصلحت ۽ مفاهمت “ جا دروازا هروقت کليل رکبا آهن.انهيء ئي سوچ جي پيش نظر ڪڏهن به ڪو دوست دشمن ۽ ڪو دشمن دوست بڻجي سگھي ٿو.ڪهڙي نه پياري آهي اها سياست! جتي جڏهن کپي ڪنهن کي پاڻ وٽ گھرائي وٺجي يا ”نياز ۽ نوڙت“ جو مظاهرو ڪندي ڪنهن وٽ پاڻ هليو وڃجي، هٿ ملائي وٺجي ۽ ڪوشش ڪري هڪ ٻئي جا پير چمي وٺجن ڇو ته محبت انڌي ٿيندي آهي.اسان ڪيترا ظالم آهيون جيڪي ان عظيم ”پيار ۽ محبت“ کي نٿا سمجھون بلڪه ان کي غلط سلط نالا ڏيندا آهيون ته اهي ته پنهنجن ذاتي مفادن لاء ڪجهه به ڪري سگھن ٿا،ڪجهه به داء تي لڳائي سگھن ٿا.ڪجهه ماڻهو ته جمهوريت جي انهن ”خادمن“ کي مفاد پرست ۽ مطلبي به سڏي ويهن ٿا.اصل ۾ اهڙو نادان عوام جمهوريت جي گھرجن کي سمجھن ئي نٿا ۽ جڏهن کين سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته چون ٿا ته ان سموري فتني جي پاڙ ته اسان پاڻ آهيون ڇو ته اسان پاڻ ووٽ ڏيئي انهن کي پنهنجو اڳواڻ بنايوآهي ته پوء الزام ڪهڙي ڳالهه جو؟ اسان پاڻ چونڊي چونڊي پنهنجن نمائندن کي اسيمبلين ۾وٺي اچون ٿا ۽ ايڏيون وڏيون ذميداريون انهن ”ويچارن“ کي ڏيئي ڇڏيون ٿا.اهي ماڻهو جيڪي پاڻ ڪجهه ڪري نٿا سگھن يا ڪرڻ نٿا چاهين اهي انهن ماڻهن کي معصوم سمجھي چونڊي وٺن ٿا.هاڻي اوهان ئي ٻڌايو ته ان ۾ ويچارن نمائندن جو ڪهڙو قصور؟ اها ڪا وڏي ڳالهه نه رهي آهي هاڻي ته اهو روزمرهه جو معمول آهي،ڪانه ڪا تبديلي ۽ ڪانه ڪا هلچل سياسي جماعتن ۽ سياستدانن ۾ ٿيندي رهي ٿي.ڪالهه هو صاحب اوهان جو هو،اڄ اسان جو آهي ۽ سڀاڻي نه تنهن جو نه منهن جو پر ڪنهن ٻئي جو هوندو.ملڪ ته برابر اسان سڀني جو آهي پر سياست ۽ جمهوريت رڳو انهن جي آهي.اسان پنهن جي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻي انهن کي جمهوريت جمهوريت کيڏڻ لاء کليل ميدان ڏيئي ڇڏيو آهي.ٿورو تصور ته ڪيو جو گذريل ستر سالن کان ملڪ ڦربو ۽ لٽبو ئي رهيو آهي ۽ لٽڻ وارا ايترا دلير آهن جو ڦري ۽ لٽي به معصوم ئي آهن.برطانيا ۾ جڙيل آشيانا هجن يا سوئز بينڪ ۾ اربن جا اڪائونٽ،سري جا محل هجن يا ملڪي زمينون،انڊسٽري هجي يا هائوسنگ اسڪيمون،زراعت هجي يا واپار،هر ڪم جيڪو ڪنهن به سياستدان سان تعلق رکي ٿو سو ايترو ته برڪتون حاصل ڪندو ٿو وڃي جو موسمي پيداوار ته پنهنجي جڳهه تي پر بي موسمي ميوو به خوب ڏيئي رهيو آهي ۽ عوام ويچاري کي ته رڳو ”صبر جو ميوو“ ئي نصيب ٿئي ٿو.پر انهن جي حوالي ٿيل سمورا سرڪاري يعني عوامي ادارا خيرجو رڳو ”خسارو“ ئي ڪمائين ٿا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو