رستا روڪ

'ڪهاڻيون' فورم ۾ عاشق علي چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏27 مارچ 2019۔

  1. عاشق علي چانڊيو

    عاشق علي چانڊيو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2019
    تحريرون:
    27
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ماڳ:
    وارھ
    ڪھاڻي
    ”رستا روڪ“

    عاشق چانڊيو

    اڄ ويندي ويندي ڪنھن رستا روڪ ڪئي ۽ آڏو اچي بيھي رھي ۽ چوڻ لڳي آء توکي ن ڇڏينديس پھريان منھنجي سوالن جا جواب ڏي.
    ھا ھا مان تنھنجي سوالن جا جواب ڏيان ٿو پر تون آھين ڪير؟؟؟اچرج وچان وراڻيم.
    مون کي ن ٿو سڃاڻين؟؟ھونئن ت مون سان ويڌن ب ڪيو ٿا ۽ ھاڻي وري پڇين ٿو ت مان ڪير آھيان؟؟؟ڪاوڙ منجھان وراڻيائين.
    سوال ڪندي چيم ويڌن,ڪھڙي ويڌن ڪئي آھي اسان توھان سان؟؟
    منھنجي بار بار سوال ڪرڻ سان اعتراف ڪيائين.
    وراڻيائين مان تعليم آھيان,توھان ئي ت ڏينھن رات مون کي حاصل ڪرڻ جي القي ۾ ھوندا آھيو.
    ھا ت پوء توسان اسان ڪھڙي ويڌن ڪئي آھي؟؟ويڌن ت پري جي ڳالھ پر اسان ت تو لاء,توکي حاصل ڪرڻ لاء پنھنجون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون آھن مٿان تون وري الزام تراشي ڪري رھي آھين.طعنو ڏيندي وراڻيم.
    ٿڌو ساھ ڀريندي چيائين,اھا ت صحيح ڳالھ آھي ت مون لاء جاکوڙيو پيا پر ڪجھ ت جٺ ب ت ڪيو پيا ن.خاص طور تي امتحانن ۾ ت ذليل ڪندا آھيو.
    وراڻيم امتحانن ۾ ذليل ڪيئن ڪندا آھيون مون سمجھو ڪو ن.
    ڪيئن؟؟؟ٺٺول ڪندي وراڻيائين.چڱو ٻڌ ايئن جو امتحانن ۾ رڳو ڪاپي ڪندا آھيو.ڪڏھن مونکي سمجھي ۽ ياد ب لکيو اٿو.
    حيران ٿيندي چيم ھا ت پوء اھو گناھ ت مان ب ڪندو آھيان.پوء تون مونکي ڪيئن پئي دانھن ڏين؟؟
    کلندي چيائين گناھي آھين تڏھن ت تنھنجي رستا روڪ ڪئي اٿم.ڀلا ڪوئي بي گناھين جي ب رستا روڪ ڪبي آھي ڇا؟؟
    پاڻ کي گناھگار سمجھندي شرم کان ڪنڌ جھڪائي ڇڏيم ۽ خاموش رھيس.
    اڙي مان ت توھان کي اونداھين مان ڪڍي روشنين ڏانھن ڌڪيندي آھيان,مان ت توھان کي غلامي جھڙي بري ڀلا کان نجات ڏيارڻ ۾ مدد ڪندي آھيان ۽ آزادي جھڙي نعمت جو احساس ڏياريندي آھيان,مان توھان جي اندر جي اک بڻجندي آھيان,مان توھان کي غلط صحيح جي سڃاڻ جو علم ڏيندي آھيان ۽ مان ت توھان پنھنجي وجود جو احساس ڏياريندي آھيان پر پوء ب مونسان جٺيون ڇو ڪندا آھيو؟؟؟
    اکيون ڳاڙھيون ٿي ويون ھيس ۽ ڪاوڙ منجھان جسم لرزندو رھيس.سوال مٿان سوال ڪندي رھي,طعنا ڏيندي رھي ۽ آء بت بڻجي بيٺو رھيس پر ڪري ب ڇا پئي سگھيس,آء ت گناھي ھئس,اھو ب تعليم جو گناھي جيڪا تعليم ھميشا مون سان چڱايون ڪندي آئي آھي.
    ڪاوڙ منجھان لعل ٿيندي چيائين ۽ ھا منھنجو ھي پيغام انھن کي ب ڏجان جيڪي مون کان دور رھن ٿا,مونکي حاصل ن ٿا ڪن مونکي خبر آھي ت اھي ب اوھان وانگر مون سان جٺيون ڪندا پر ڪم از ڪم ڪجھ ت قابل بڻجي پوندا.
    منھنجو سلام ضرور چئجان.ايئن چئي رواني ٿي وئي ۽ مونکي سوچن جي سمنڊ ۾ لوڙھي وئي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو