گھاء

'ڪهاڻيون' فورم ۾ عاشق علي چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏27 مارچ 2019۔

  1. عاشق علي چانڊيو

    عاشق علي چانڊيو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2019
    تحريرون:
    27
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ماڳ:
    وارھ
    ڪھاڻي
    ”عاشق چانڊيو“

    اڄ ھوء اداس اداس ويٺي ھئي,ھن جو چھرو گھنجيل ھو,تمام پريشان ھئي ۽ ڪنڌ جھڪايو ويٺي ھئي شايد ڪنھن سوچن جي سمنڊ ۾ لڙھي رھي ھجي,ھن جو چھرو ڪومايل ڪومايل ڏسڻ ۾ پئي آيو آء اچرج وچان بيھي رھيس ۽ سوچن جا سوين سلسلا اندر ۾ اڀري آيا ت ھوء جنھن جي سونھن جا قصا ملڪان ملڪ مشھور ھئا,ھوء جيڪا نوجوان ھئي,ھوء جيڪا سرشار ھئي اڄ اھا ڪيئن پوڙھي جھور ٿي وئي آ؟ڪھڙو ڏک مليو اٿس جو پنھنجي سونھن وڃائي ڇڏي اٿائين؟؟سوالن جا سمنڊ اڀري آيا تنھن ڪري رھيو ڪون ويو ۽ ڏانھس وڌي آيس ۽ پڇيم ت تنھنجي سونھن جي ھاڪ ت وڏي آھي پر تون ت سانوري آھين,مون ت تنھنجي گھڻي تعريف ٻڌي آھي پر تون ت ان جي ابتر آھين.منھنجن سوالن تي سوچن جا سلسلا ٽٽي پيا ھئس ۽ مون ڏانھن نھاري چيائين تون سچ پيو چوين واقعي منھنجي سونھن جي ھاڪ دنيا ۾ مشھور ھئي,مان بلڪل سھڻي ھيس پر ھاڻي منھنجي اھا سونھن منھنجي ئي حڪمرانن وڃائي ڇڏي آھي,انھن منھنجن صحرائن کي اجاڙي ڇڏيو آھي,انھن منھنجي ڪاڇي جو حال نراس ڪري ڇڏيو آھي ۽ منھنجي درياھ تي ب ڌاڙا ھڻي رھيا آھن تڏھن منھنجو حال ھيڻو ٿي ويو آھي,تڏھن منھنجي جوڀن جواني جھور ٿي وئي آھي ۽ توھان ب خاموش آھيو؟؟؟
    اوچتو لھجو مٽجي ويو ھئس ۽ ڪاوڙ منجھان گھنجيل ھٿ ڏڪي رھيا ھئس.مون سان جٺون ڪرڻ ۾ توھان جو ب ھٿ آھي تڏھن ئي ت صرف تماشائي بڻيل آھيو.
    مان اجڙي وئي آھيان,
    مان جوڀن وڃائي چڪي آھيان پر ھاڻي توھان کي معيار ڪون ڏيندس,مان توھان کان ناراض آھيان.ايئن چئي ھوء ھلي وئي پر مونکي گھايل ڪري وئي جيڪو گھاء منھنجي جئ ۾ اڃا تائين آھي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو