ڇا هن نظام ۾ سڌارو ممڪن آهي؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏28 مارچ 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    699
    ورتل پسنديدگيون:
    637
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    پاڪستان ٺهڻ کان اڄ تائين رڳو چار سو خاندان هن ملڪ جي سياست تي راڄ ڪندا آيا آهن.انهن خاندانن کي وڌيڪ ورهائجي ته انهن جو انگ اٽڪل هڪ هزار بڻجي ٿو.اڄ تائين اهو ئي بي رحم اشرافيا طبقو اقتداري ايوانن ۾ ويهي سڏڪندڙ ۽ تڙپندڙ غريب عوام کي خوشحال بنائڻ،انهن کي ٽن وقتن جي ماني مهيا ڪرڻ،روڊ،رستا ۽ گھٽيون ٺاهڻ،تعليم،صحت ۽ صاف پاڻيء جون سهوليتون مهيا ڪرڻ جا نعرا هڻندو آيو آهي.پاڪستان ۾ بدترين فوجي آمريت هجي،حڪومت مسلم ليگ جي هجي يا پيپلز پارٽيء يا ڪنهن به ٻي جماعت جي، اسيمبلين تائين نوي سيڪڙو ماڻهو انهن ئي هڪ هزار خاندانن جا جاگيردار،زميندار،سرمائيدار،ٺيڪيدار،صنعتڪار.بينڪار ۽ قبائلي سردار پهچن ٿا. هن وقت گھڻيون سياسي جماعتون رڳو نالي جون جمهوري جماعتون آهن.انهن نام نهاد جمهوري سياسي جماعتن جا سمورا فيصلا رڳو چند اڳواڻ آمراڻي انداز ۾ ڪري رهيا آهن.انهن سياسي جماعتن جي جمهوريت جي اوقات رڳو ايتري آهي جو هڪ طرف ڏهاڪن کان هليا ايندڙ اهي خانداني ليڊر آهن ۽ ٻئي طرف انهن جي اکيون پوري پيروي ڪندڙ نسلي غلام.پنجاهه جي ڏهاڪي کان اڄ تائين اٽڪل انهن هڪ هزار خاندانن جو مرڪزي مقصد پنهنجي ذاتي مفادن،پنهنجي عزيزن قريبن، پنهنجي خاندان يا وري وڌ ۾ وڌ پنهنجي قبيلي،،برادري جي مفادن جو تحفظ رهيو آهي.هڪ پڙ ۾ پاڪستان جي نوي سيڪڙو قانون سازن،ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جي ذاتي لينڊ ڪروزرز،محل جهڙن بنگلن،زمينن ۽ ملڪيتن کي رکجي ۽ ٻئي پڙ ۾ پاڪستان جي ٻه سو ملين کان وڌيڪ عوام کي ملندڙ سهوليتن کي رکجي،اوهان کي فرق سان خبر پئجي ويندي ته قوم يا عوامي مفاد ۾ انهن ڪهڙي نه ”محنت“ سان ڪم ڪيو آهي! پنهنجن ذاتي مفادن لاء اهي خانداني سياستدان ڪنهن به جماعت کي ڇڏي سگھن ٿا ۽ ڪنهن به جماعت ۾ شامل ٿي سگھن ٿا.انهن خانداني سياستدانن کي نه ته نظرين سان ۽ نه ئي ترقياتي منصوبن سان ڪا دلچسپي آهي.جمهوريت جي انهن ٺيڪيدارن جون سموريون همدرديون ممڪنه مالي فائدن،وزارتن،عهدن،اقتدار ۽ طاقت سان ڳنڍيل رهن ٿيون.اهي شيون جيڪو به انهن کي مهيا ڪري ڏيندو پوء اهو ڊڪٽيٽر هجي،اسٽيبلشمينٽ هجي يا ڪنهن سياسي پارٽيء جو اڳواڻ،انهن جون وفاداريون انهيء سان ئي هونديون.اهي نعرو ته هر وقت ۽ هر دفعي جمهور ۽ جمهوريت جو لڳائين ٿا پر عملي طور تي جمهوريت ۽ جمهوري قدر سندن جوتن جي نوڪ تي رکيل هوندا آهن.هڪ طرف ڪنهن غريب ووٽر جي ڌيء آهي جنهن کي ويم وقت مناسب سهوليتون نٿيون ملن ۽ هن جي ساهه جو سڳو ٽٽي وڃي ٿو،ٻئي طرف ڪنهن سياستدان جي ڌيء آهي جنهنجي نڪ جي بيوٽي آپريشن جو خرچ به حڪومت کڻي ٿي.هڪ طرف ڪنهن ووٽر جي ٽيچر ڌيء آهي جيڪا ڪچين پڪين گھٽين جي دز اڏائيندي عمر گذاري ڇڏي ٿي.ٻئي طرف انهن قانون سازن جون بيگمون،ڌيئرون،ڀائيٽيون ۽ ڀاڻيجيون آهن جن جي شاپنگ لاء پيٽرول به ڪنهن بيواهه جي پگھار واري ٽيڪس مان اچي ٿو.هڪ طرف سخت گرمي ۽ پگھر جي بدبوء ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جا اهي ٻار آهن جن جي مقدر ۾ جعلي دوائون لکيون وييون آهن ته ٻئي طرف ٿڌن ڪمرن ۾ ويهي انهن جي قسمت جا فيصلا ڪندڙ اها ڪرپٽ اشرافيا آهي جن لاء مٿي جي سور جي دوا به ٻاهرين ملڪن مان اچي ٿي ۽ انهن جي گھوڙن ۽ ڪتن جي علاج لاء به هر وقت اسپيشلسٽ موجود رهن ٿا.هڪ طرف غريب جي پگھر سان هلندڙ ٿلهن ٽائرن واريون سرڪاري گاڏيون آهن جيڪي سياستدانن جي ٻارن کي ايئر ڪنڊيشنڊ ڪمرن مان ڪڍي ايئر ڪنڊيشنڊ اسڪولن تائين پهچائين ٿيون.ٻئي طرف اهي ٻار آهن جيڪي پنجيتاليهه ڊگري سينٽي گريڊ جي گرميء ۾بسن ۽ ويگنن سان لٽڪي سرڪاري اسڪولن تائين پهچن ٿا.جيڪر اوهان اهو سمجھي رهيا آهيو ته هي جاگيردار،وڏيرا،صنعتڪار تحريڪ انصاف يا ڪنهن ٻي جماعت ۾ وڃي رات وچ ۾ پنهنجن صدين جي مفاد پرستاڻي ڪردار کي بدلائي ڇڏيندا ته ان کان وڌيڪ بيوقوفي ٻي ڪهڙي ٿي سگھي ٿي.اهي اليڪٽيبلز،اهي هڪ هزار خاندانن جا نور چشم،اهي وڏيرا،جاگيردار، سرمائيدار ۽ صنعتڪار عمران خان جي ڪڇ ۾ ويهي به پنهنجن ئي مفادن جو خيال رکندا.چورن ۽ ڌاڙيلن جي ته گھٽ ۾ گھٽ اها خوبي هوندي آهي جو اهي منافق نه هوندا آهن.انهن کي ڏسندي ئي ماڻهون سمجھي ويندا آهن ته اهي لٽڻ ۽ ڦرڻ آيا آهن.ٺڳن ۽ نوسربازن جي خاصيت اها هوندي آهي جو اهي پهريائين ماڻهن جو ڀروسو حاصل ڪندا آهن،انهن جي دلين ۾ يقين پيدا ڪندا آهن ته اسين اوهان جا خيرخواهه آهيون پر لٽجڻ کان پوء ماڻهوء کي خبر پوندي آهي ته انهن سان ته دوکو ٿيو آهي.اهي جادوگر هر اليڪشن ۾ ماضيء جيان اهي ئي پراڻا ساوا باغ ماڻهن کي ڏيکاريندا آهن،ماڻهن کي نوڪريون ۽ ترقياتي اسڪيمن ڏيڻ جا آسرا ڏيندا آهن.اسڪول ۽ اسپتالون کولڻ جا وعدا ڪندا آهن.پاڻي ۽ بجلي مهيا ڪرڻ جون اميدون ڏيندا آهن.اليڪشن کان پوء جيڪر ڪو روڊ رستو يا عمارت جڙي به پوي ته اها ڪجهه مهينن ۾ واپس ٽٽي ۽ اکڙي به وڃي ٿي جو اهي ٺڳ ٺيڪيدارن کان پنهنجو مقرر حصو پوريء طرح وصول ڪن ٿا.پنهنجي دوستن،عزيزن،قريبن يا نوڪرن کي سرڪاري ٺيڪا ڏين ٿا.عوام اهو سڀ ڪجهه پنهنجي اکين سان ڏسندو رهي ٿو پر نسل در نسل دوکو کائيندڙ عوام کي ان وقت هوش اچي ٿو جڏهن نسل در نسل انهن ڦورن جون امپورٽيڊ گاڏيون سندن فصلن جي حصي جو پاڻي به هضم ڪري چڪيون هونديون آهن.سياستدان اهڙا ٿيندا آهن؟انهن کي سندن ماضيء کان هيستائين جي ڪردار جي بنياد تي ڪو ڀل مان جادوگر،ڪرتب ڏيکاريندڙ،مداري،نوسرباز،ٺڳ بلڪه بنارسي ٺڳ چئي ڇڏي ته انهن جو پارو ڇو ٿو چڙهي؟

    برطانوي نوآبادياتي انتظاميا کان ورثي ۾ مليل پاڪستان جي نوڪر شاهي به انهن ٺڳن سان ٻٽ بڻيل آهي جيڪا پاڻ کي عوام جو خدمتگار سمجھڻ بدران پنهنجو پاڻ کي عوام جو مالڪ سمجھي ٿي.ٿاڻن کان ويندي شهري انتظاميا تائين سمورن دفترن ۾ انهن ئي اداڪارن جو سڪو هلي ٿو.سچ پڇو ته ”ٻن ٽڪن جو پاڪستاني عوام“ فوج،سياستدانن ۽ عدليا جي وچ ۾ اهو فٽبال بڻجي چڪو آهي جنهن کي ڪو لتون هڻي رهيو آهي ته ڪو مڪون هڻي رهيو آهي.ملڪي اسٽيبلشمينٽ به انهن ئي سياستدانن خلاف سرگرم ٿئي ٿي جيڪي بوٽن وارن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ کان انڪار ڪندا آهن ۽ ٻئي طرف ”ووٽ کي عزت ڏيو“ جو نعرو به رڳو ان وقت بلند ٿيندو آهي جڏهن لاهور وارن جو پنهنجو تخت ۽ تاج لٽبو آهي.باقي عوام ڪير ۽ هي ووٽ ۽ ووٽر ڪير؟اسان جي اسٽيبلشمينٽ کي به ڪرپٽ سياستدان ئي وڻندا رهيا آهن جو اهي مٿو مٿي ڪري ڳالهائڻ جي پوزيشن ۾ نه هوندا آهن ۽ سياستدانن کي فوج ان ڪري پسند آهي جو اها انهن جي حصي جو ڪم به ڪري ٿي ته انهن کي ان ڪرسيء تائين به پهچائي ٿي جنهن تي عام حالتن ۾ ڪڏهن به پهچي نه سگھن. تاريخ اهو ٻڌائي ٿي ته جيڪر پنهنجن مفادن کي ڌڪ نه رسي ته پاڪستان ۾ اسٽيبلشمينٽ،عدليا ۽ سياسي اشرافيا مان ڪنهن کي ڪنهن مان به ڪو خطرو ڪونهي. انصاف،جمهوريت،قانون،آئين ۽ اصولن جي جنگ رڳو ان صورت ۾ سامهون اچي ٿي جڏهن انهن مان ڪنهن جي مفاد کي ڪو نقصان رسي ٿو.پاڪستان ۾ تبديليء لاء بنيادي چونڊن جي ڍانچي ۾ تبديليء جي ضرورت آهي.هن ملڪ ۾ چونڊون رڳو اميرن لاء آهن.رڳو اهي ئي ڪروڙين روپيا خرچ ڪري سگھن ٿا ۽ اهو به ان يقين سان ته اهي هڪ ڪروڙ مان ڏهه ڪروڙ ٺاهيندا.پنهنجن مفادن جو خيال رکندڙ اهي جاگيردار ۽ سرمائيدار ڪهڙي تبديلي آڻيندا؟پاڪستان ۾ جيستائين تعليم عام نٿي ٿئي،ملڪ کي جيستائين ڪرپشن کان پاڪ،باشعور ۽ پڙهيل لکيل سياستدان مهيا نٿا ٿين،جيستائين ملڪ کي انهن هزار خاندانن جي سياست کان نجات نٿي ملي تيستائين تبديلي ناممڪن آهي.عملي طور تي تيستائين نه ته ڪنهن غير آئيني مداخلت کي روڪي سگھجي ٿو ۽ نه ئي ڪنهن آزاد عدليا جو قيام ئي ممڪن آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو