ڪامياب ناول ڪھڙو ھوندو آھي؟ ڪليم ٻُٽ

'سنڌي ادب' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏28 مارچ 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪامياب ناول ڪھڙو ھوندو آھي؟

    ڪليم ٻُٽ

    ڪڏھن ڪڏھن اسان جي سامھون اھڙا سوال اچي ويندا آھن جيڪي سچ پچ اسان کي ويچارڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندا آھن. اھڙو ئي ھڪ سوال ڪراچي ۾ ٿيل ٽين سنڌ ليٽريچر فيسٽيول جي ھڪ سيشن ”جديد سنڌي ناول“ جنھن ۾ سائين رسول ميمڻ، سائين اڪبر سومرو، سائين ممتاز بخاري ۽ مان (ڪليم) اسپيڪر ھئاسين، جڏھن تہ دل گھريو دوست اختر حفيظ ان سيشن کي ماڊريٽ ڪيو ھو. سوالن جوابن دوران دوست محمد سليمان وساڻ طرفان سوال ڪيو ويو ھو. سوال ھو تہ:
    ”اسان ڪامياب ناول ڪھڙي ناول کي چئون؟“ سچ پچ ھن سوال ان وقت مون کي مُنجھائي ڇڏيو ھو، تان جو ھن سوال جو جواب سنڌي ٻوليءَ جي برجستي ناول نگار ۽ ڪھاڻيڪار سائين رسول ميمڻ ڏنو ھو، سائين رسول ميمڻ جو چوڻ ھو تہ:
    ”لکڻ جيان پڙھڻ بہ ڏات آھي ۽ اھو فيصلو پڙھندڙ تي ڇڏجي تہ وڌيڪ بھتر ھوندو.“ ان وقت ھن جواب سان مان بہ مطمين ٿي ويو ھوس، پر پوءِ بہ ذھن جي ڪنھن ڪنڊ ۾ ھي سوال واچوڙي جيان ور کڻندو رھيو ۽ ان حوالي سان مختلف قسم جا رايا پڙھڻ لڳس. مون کي ھن سوال سان لاڳاپيل ٽي ٻيا سوال بہ مليا:

    (الف) ڇا اھو ناول جيڪو وڌ کا وڌ وڪرو ٿئي ڪامياب ناول ھوندو آھي؟
    (ب) ڇا اھو ناول جنھن جي تنقيد نگار وڌ کان وڌ ساراھ ڪن ڪامياب ناول ھوندو آھي؟ ۽
    (ٻ) ڇا اھو ناول جنھن کي وڌ کان وڌ ايوارڊ ملن ڪامياب ناول ھوندو آھي؟

    ان حوالي سان مون مختلف ذريعن مان ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سماجي رابطن واري سائيٽ LinkdIn تي آمريڪا جي ڪجھ ليکڪن ۽ نقادن کان بھ سوال ڪيو. ان مان اھا خبر پئي تھ ناول جو وڌيڪ وڪرو ٿيڻ، گھڻا ايوارڊ ملڻ وغيرھ ڪاميابي جي ضمانت نھ آھن. مثال طور اردو ۾ عميرا احمد ۽ نمرا احمد وغيرھ جا ناول گھڻا وڪرو ٿين ٿا يا ھندوستاني ليکڪ چيتن ڀڳت جا ناول جھڙوڪر اي نائيٽ ايٽ ڪال سينٽر، ھاف گرل فرينڊ، ٽو اسٽيٽس، ٿري بيگيسٽ مسٽيڪس آف ماءِ لائيف يا وري ريويوليشن 2020 ھجي. اھي سڀ ريگس ٽو ريچز (غريبي کان اميري) واري پلاٽ تي لکيل آھن تمام گھڻو ويڪرو ٿيندا آھن. يا وري E. L James جي Fifty Shades of Grey واري triology، جيڪا ھن Bondage Domination Submission and Masochism (BDSM) ذريعي جنسي سڪون حاصل ڪرڻ جي حوالي سان لکي آھي، جنھن کي ايوراڊ بھ مليا آھن، جنھن جون ڪاپيون بھ وڪرو ٿين ٿيون، پر ڇا اھي ڪامياب ناول جي لسٽ ۾ اچن ٿا؟ اھڙي ريت جي ڪي رولنگ جي ھيري پوٽر سيريز يا لارڊ آف دي رنگس سيريز جو ذڪر بھ ڪري سگھجي ٿو.
    ان علمي بحثن مان مون کي ڄاڻ ملي تھ ھڪ ڪامياب ناول کي ٽن پيمانن تي ماپي سگھجي ٿو، اھي ٽي پيمانا ھن ريت آھن:

    (1) ڪامياب ناول ۾ Universalism ھجڻ گھرجي: ھن حوالي سان اسان وٽ ڪي غلط مفروضا ھلندڙ آھن اسان وٽ ڄامشوري يا دودو، لاڙڪاڻي ۽ سکر مان ويھي نيو يارڪ، دلي، استنبول يا ماسڪو جي ڳالھ ڪرڻ کي عالمگيري ڳالھ سمجھيو ويندو آھي، پر ائين نھ آھي. اھو universalism بدران internationalism آھي. ھن حوالي سان مون ھندوستان جي موجودھ دور جي ھڪ وڏي اداڪار نواز الدين صديقي جو ھڪ انٽرويو ٻڌو، جيڪو يوٽيوب تي موجود آھي. ھن چيو تھ:
    "Local is most Global."
    اوھان ڳالھ پنھنجي ڪريو، پر اھڙي نموني سان ڪريو جو ان ۾ لڳي تھ ھر ماڻھو جي ڳالھ ڪيل آھي. Universalim مان مراد اھا پڻ آھي تھ اوھان ڪنھن مخصوص سياسي، مذھبي يا معاشي فڪر بدران totality جي ڳالھ ڪريو.

    (2) ڪامياب ناول ۾ relevance ھجڻ گھرجي: ذھني عياشي بدران پڙھندڙ کي اھڙو مواد ڏنو وڃي جنھن ۾ ھو پاڻ کي ڳولھي سگھي يا ان مواد سان پاڻ کي connect ڪري، اھڙي ڳالھ ھجي جنھن سان ھر پرھندڙ کي لڳي تھ شايد ھي ھن جي ئي ڳالھ ٿي رھي آھي. اھڙو ناول جنھن سان پرھندڙ ڳنڊجي نٿو، پوءِ ڀلي ان جون ڪيتريون بھ ڪاپيون وڪرو ٿين، ان کي ڪيترا بھ ايوارڊ ملن ان کي ڪامياب ناول نٿو چئي سگھجي.

    (3) ڪامياب ناول کي Time bound نہ ھجڻ گھرجي: اھڙو ناول جنھن جو اثر ديرپا ھجي نڪي اھڙو جيڪو ڪجھ عرصي ۾ ئي پنھنجو اثر وڃائي ويھي رھي. ادب ۽ صحافت ۾ اھو ئي فرق ھوندو آھي ادب ديرپا رھندو آھي ۽ صحافت جي عمر رڳو ھڪڙو ڏينھن ھوندي آھي يا وڌ ۾ وڌ ايتري جيستائين ڪو مسئلو يا ڳالھ spot light ۾ آھي، ان کانپوءِ اھا ڳالھ پنھنجي عفاديت وڃائي ويھندي آھي پر ان جي ابتڙ ڪامياب ادب ڪڏھن بھ پنھنجي عفاديت نھ وڃائيندو آھي. ان حوالي سان ايڇ ايل ايف 4 جي ھن ساڳي موضوع تي ٿيل سيشن ۾ اڪبر لغاري صاحب چيو ھو تھ ڪلاسڪ ادب ان کي چئي سگھجي ٿو جنھن جو اثر گھٽ ۾ گھٽ ھڪ نسل کان ٻي نسل تائين ٿيو ھجي، جيڪڏھن اثر ان کان وڌيڪ ھجي تھ اڃا وڌيڪ بھتر.
    بنا پنھنجي ڏاھپ جو اظھار ڪندي ھيٺ ڪجھ ڪامياب ناولن جو ذڪر ڪريان ٿو، ھتي رڳو اھي نالا ڏيندس جيڪي مون پڙھيا آھن، اھو ممڪن آھي تھ ڪيترا ئي ڪامياب ناول شايد مون نھ پڙھيا ھجن.
    Maxim Gorky جو Mother
    Gabriel Garcia Marquez جا One Hundred Years of Solitude ۽ Love in the Time of Cholera
    Chinua Achebe جو Things Fall Apart
    George Orwell جا 1984 ۽ Animal Farm
    D. H Lawrance جا Lady Chatterley's Lover ۽ Sons and Lovers
    Harper Lee جو To Kill A Mocking Bird
    Boris Pasternak جو Doctor Zhivago
    Ernest Hemingway جا A Farewell To Arms ۽ Old Man and Sea
    Arundhati Roy جا The God Of Small Things ۽ The Ministry of Utmost Happiness
    Orhan Pamuk جا The Strangeness in My Mind ۽ Snow
    Jhumpa Lahiri جو Namesake ۽ ٻيا بھ ڪيترا ئي اھڙا ناول آھن جن جا نالا کڻي سگھجن ٿا. اھڙي ريت سنڌي جي ناولن ۾ غلام نبي مغل جو وطن واويلا، ماڻڪ جا ساھ مُٺ ۾ ۽ لڙھندڙ نسل، اڪبر سومرو جا کُماچ ۽ ھڪ شھر جي ڳالھ، حليم بروھي جو اوڙاھ، ع جي مگھاڻي جو رُڃ، مھتاب محبوب جو خواب خوشبو ڇوڪري، آغا سليم جو ھم اوست، پرويز ابڙو جو تون ھڪ خواب آھين وغيرھ اچي وڃن ٿا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو