ارشاد سومرو جي ڪتاب ڌرتيء جي دانھن تي هڪ نظر

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ اظهر امر طرفان آندل موضوعَ ‏28 مارچ 2019۔

  1. اظهر امر

    اظهر امر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 جنوري 2019
    تحريرون:
    36
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    48
    "ڌرتيء جي دانھن" تي هڪ نظر!!!

    اظھر امر

    هوئين تي "ڌرتيء جي دانھن" منھنجي ڪنن تائين تي هر روز ٻُڌڻ ۾ اچي ٿي بلڪ هاڻ "ڌرتيء جي دانهن" هٿن تائين ڪنھن ڪتابي صورت ۾ اکين آڏو حاضر آھي, ڌرتيء جي دانھن ڪتاب جو مطالعو جڏھن مون ڪرڻ شروع ڪيو تي جسم مان سيسراٽيون نڪرڻ لڳيون ڌرتيء ڌڻين سان ٿيندڙ ويساھگاتيون اکيون آڏو ڏسي ڪنن سان ٻُڌي زبان سان پڙهي هاڻي اکين مان لڙڪ لڙي پيا آھن. سڀ کان پھريان تي مان بهادر ليکڪ شاعره ارشاد سومرو کي جس پيش ڪندس جنھن هڪ عورت ٿي ڪري پنھنجي قلم سان ڌرتيء ڌڻين جي دانھن دنيا اڳيان پنھنجي نرالي انداز ۾ پيش ڪئي آھي سندس احساسن سان "ڌرتيء جي دانھن" ڪتاب جي صورت ۾ ڏسي بيحد خوشي ٿي رهي آھي.ارشاد سومرو سنڌ ڌرتيء جي سچي شاعره/ ليکڪ عورت آھي جنھن معاشري ۾ هڪ عورت کي پنھنجا پورا حق نٿا ملن ساڻس عورت سان ڪهڙو ورتاءُ ڪيو ٿو وڃي انهي معاشري ۾ هي بهادر ليکڪ پنھنجي پاڻ مٿان وڏا وزن کڻڻ جي باوجود به سنڌ ٻولي توڙي سنڌي ادبي کيتر ۽ سنڌ جي مسڪين ماروئڙن جي دانھن دنيا آڏو پيش ڪئي آھي, پوء اُھا دانھن ڪنھن عورت سان ٿيندڙ ويساھگاتي جي هجي يا سنڌ اندر لاڳو ٿيندڙ ٻٽو نظام هجي, يا منھنجي محبوب اڳواڻ بشير قريشي جي شهادت هجي يا سنڌ جي مظلوم ماڻھن سان ٿيندڙ ڪا ناانصافي هجي جنھن خاطر پنھنجي قلم کي هر وقت پنھنجي قوم پنھنجي وطن پنھنجي سنڌ خاطر استمعال ڪيو آھي جيڪو تاريخ ڪم آھي جيڪا دنيا آڏو ڌرتيء ڌڻين جي دانھن آھي. مون اڳ به ارشاد سومرو جي ٻن ڪتابن تي رايا لکندي چيو هيو تي ارشاد سومرو سنڌ ڌرتيء جي سچي شاعره آھي کيس لکڻ جو وڏو ڏاءُ آھي جڏھن سندس قلم سان ڪا تحرير لکجي ٿي انهي لکڻي ۾ اڪثر ڪري سنڌ جي مظلوم ماڻھن جو درد سمايل هوندو آھي جڏھن ارشاد جي سوشل ميڊيا تي ڪا پوسٽ اچي ٿي کيس وڏي چاھه سان پڙھي کيس انهي پوسٽ تي ڪئي رايا پڻ ڏيندو رهندو آھيان. ارشاد سومرو سدائين ڌرتيء ڌڻين جي ڏُکن سکن ڌرتيء ڌڻين سان ٿيندڙ ويساھگاتين تي لکيو آھي. اوهان اکين سان ڏسندا ۽ ڪنن سان ٻُڌندا ضرور ھوندا سنڌ اندر ڪيتريون عورتون روز ناانصافين جي ور چڙھن ٿيون. ارشاد پاڻ عورت هئڻ ناتي عورتن جي حقن بابت به پنھنجي قلم سان وڏي جدوجهد ڪئي آھي پوء ڪھڙي به صورت ۾ هجي اوهان ڏٺو ۽ ٻُڌو هوندو هر دور ۾ عورتن سان ويساھگاتيون ڪيون وڃن ٿيون هن اهڙي نفسانفسي جي دور ۾ به ارشاد مرد شاعرن سان ڪلوڪلهي ۾ ملائي پنھنجي قلم سان سنڌ ڌرتيء سان ٿيندڙ ويڌن تي لکي رهي آھي.ارشاد جي ٻن شاعري جي ڪتابن کان پوء سندس ٽيون نثر جو ڪتاب اسانجي هٿن ۾ آھي جيڪو ڌرتيء ڌڻين سان ٿيل ناانصافين تي لکيل آھي مان وري وري ورجائي لکندو هلان ارشاد سومرو سنڌ ڌرتيء جي سچي عورت شاعره/ ليکڪ آھي. سندس ڪتاب ڌرتيء جي دانھن ۾ ڪل 37 مضمون شامل آھن جيڪي ڪالم سنڌ جي مختلف اخبارن ۾ مختلف وقتن تي شايع ٿيا آھن. هوئين تي ارشاد سومرو شاعره آھي پر سندس نثر تمام پڪو ۽ بختو لکيل آھي مان سندس هي ڪتاب جڏھن پڙھي رهيو آھيان ۽ سندس ڪتاب تي جڏھن لکي رهيو آھيان تي منھنجي سمجھ ۾ نٿو اچي کيس ڇا لکان مان هوش حواس ۾ ناهيان ايترو سٺو مواد ڇا ارشاد جو آھي کيس هڪ دفعو ٻيهر ٻنھين هٿن سان سلام ڪندو هلان مان اڃان سيکڙاٽ آھيان. منھنجون لکڻيون اڃان ڪچيون ڦڪيون آھن. مگر سندس ڪتاب جو مطالعو ڪرڻ کان پوء سندس ڪتاب تي ڪجھ لکي رهيو آھيان. سندس ڪتاب ۾ شامل مضمون جيڪي دل کي جھير ڏيندڙ آھن انھن ۾ "لاش صرف سنڌ کي ئي ڇو ٿا ملن" سنڌي قوم جي بقا جا ٻه رستا" جديد دور ۾ عورت کي درپيش مسئلا" "بشير خان سنڌ جو منصور يا سقراط" ناانصافيون ڀوڳيندڙ ديس جي ناري" عورتن سان ناانصافيون" ڀنڀور ڊويزن پويان ڪھڙا مفاد آھن" جسقم فريڊم مارچ" کانسواء ٻيان به ڪيترائي مضموب دلچسپ آھن جن کي پڙھڻ سان وقتي حالتن مختلف وقتن تي ٿيندڙ اھڙين واقعيا اسان سان هر درو ۾ ٿيندڙ ناانصافين بابت تمام سٺي نموني سان لکيل تحريرون اسان جي رهنمائي لاء آھن جيڪي اسان جو ايندڙ نسل انهي شين کان انهي ويساھگاتين کان واقف هجي.
    ارشاد سومرو جي انهي ڪتاب ۾ شامل مختلف مضمون جيڪي صرف او صرف ڌرتيء ماءُ جي حقيقي پُڪار آھن ارشاد هڪ عورت ٿي ڪري ايڏو وڏو بهادري جو ڪم ڪيو آھي جنھن پنھنجي قلم سان پنھنجي قوم جي نوجوانن کي پنھنجي ڌرتيء جي دانھن بابت آگاهي ڏني آھي اسانجي نوجوان طبقي کي گهرجي تي ارشاد جو هي ڪتاب خريد ڪري پڙھي ٻين کي به پڙھڻ جي آگاھي ڏين. پر مان سمنجھان ٿو تي اسان جا نوجوان ڪتابن طرفان ڌيان ڏيڻ بجاء ٻين شين طرف ڌيان ڏيندا باقي ڪتاب نه پڙھندا انهن نوجوانن کي مون ناچيز امر جي گذارش آھي تي هو ادبي ڪتابن کي پڙھن هي ڌرتيء جي دانھن ڪتاب به سنڌ جي سر زمين تي مختلف وقتن تي ٿيندڙ ڪلورن بابت لکيل هڪ اھم ڪتاب آھي جنھن ۾ اهم موضوع شامل آھن. جيڪي پڙھڻ جھڙا آھن.ڪتاب "ڌرتيء جي دانھن" جي سرجڻهار ادي ارشاد سومرو ڌرتيء جي سچي ليکڪ آھي سندس لکڻين مون ناچيز کي تمام گھڻو متاثر ڪيو مان کيس ورجهائي چوندو رهيس مان تنھنجي نثر جي ڪتاب پڙھڻ کان پوء توهان تي مضمون لکي نه پيو سگهان مونکي سمجه ۾ نه پيو اچي مان ڪٿان کان لکڻ شروع ڪيان ڪٿي ختم ڪيان. پر مان گھڻي ڪوشش ڪرڻ کان پوء سندس ڪتاب جي مطالعي ڪرڻ کان پوء سندس ڪتاب تي چند لفظ لکي رهيو آھيان آخر ۾ مان وري ورجهائي چوان ٿو تي ادي ارشاد سنڌ ڌرتيء جي سچي ليکڪ/ شاعره عورت آھي هن بنا ڪنھن لالچ بنا ڪنھن ڊپ بنا ڪنھن جي تنقيد تي هن پنھنجي قلم سان سڀ ڪجھ سچ لکيو آهي. سندس پھريان به ٻه شاعري جا مجموعا اچي چُڪا آھن "گهڙي غمن جي ڀاري آ" ارشاد سومرو جي ڪتاب ڌرتيء جي دانھن تي مقدمو منھنجي محسن سائين عطا محمد ڀنڀرو صاحب لکيو آھي. ڪتاب جو مهاڳ دودو مهيري صاحب لکيو آھي ڪتاب جي بيڪ پيج تي به سائين عطا محمد ۽ دودو مهيري جا رايا شامل آھن, انهي جي سائين عطا محمد جو لکيل مقدمو سٺو تمام لکيل آھي, ڊاڪٽر دودو مھيري به تمام سٺو مهاڳ لکيو آھي. پر مون کي ارشاد جو لکيل "پنھنجي پاران" تمام گھڻو وڻيو کيس ايس ايم ڪري چيم تي ادي توهان پنھنجي طرفان لکيل مضمون به تمام سٺو لکيو آھي توهان کي جس هجي توهان هر وقت سنڌ ڌرتيء جي ماروئڙن سنڌ جي مظلوم ڏتڙيل بکايل ٻارن تي لکي پنھنجو قومي فرض ادا ڪيو ٿا. ڪتاب "ڌرتيء جي دانھن" سنڌيا پبليڪيشن طرفان ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو آھي.

    27 مارچ تي هلال پاڪستان جي ادبي صحفي تي شايع ٿيو.
     
    آخري ترميم: ‏28 مارچ 2019
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو