غزل

Asghar Ali Jamali

سينيئر رڪن
غزل
اصغر علي جمالي

ڏنو واھ جو مون کي انعام عشق
ڪيو ڪيڏو مون کي آ بدنام عشق

گهڻو وقت هو مون سان رهيو آهي
هيو بس عمر ساري. ايام عشق

ويس مئڪدي ۾ جڏهن ڀٽڪي مان
اچي مون سان ٽڪرايو جام عشق

مون سوچيو ايندو خوشي جو نياپو
ڏنو غم جو مون کي پيغام عشق

ڏنا عشق ڏک ڪيڏا اصغر تڏهن ڀي
چوانء ٿو منهنجو آهي امام عشق
 
Back
Top